سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ انساني حقن جون تنظيمون، عالمي عدالت توڙي عالمي ضمير معاملي جو نوٽيس وٺن: مطالبو

حيدرآباد:- سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته کنڀي گم ڪيل سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ شهرين کي ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪالهه وائيس فار مسنگ پرسن پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.  بک هڙتال جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، غفرانه آرائين، ناميارو دانشور تاج جويو، سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، سوجهرو سنڌي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو اڳواڻ ڪامريڊ اقبال خان، شاهجهان ميراڻي ۽ وائيس فار مسنگ پرسن جا اڳواڻ سسئي لوهار، سنڌو امان چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  سنڌ مان قومي ڪارڪنن توڙي شهرين کي بغير ڪنهن سبب جي کنڀي ڪم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي به ڪو ڪيس آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ سنڌ جي چيف جسٽس، انساني حقن جي تنظيمن، عالمي عدالت انصاف ۽ عالمي ضمير کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي بيگناهه قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ ساٿ ڏنو وڃي. هنن گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ پرامن احتجاج دوران ڪيل گرفتارين جي پڻ مذمت ڪئي. ان موقعي تي گم ٿيل نوجوان مهراڻ ميراڻي جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. خيرپورناٿن شاهه سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهائي ۽ گمشدگين خلاف شاگرد اتحاد پاران آفتاب اعظم چانڊيو، امير عباس کوسو، واجد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي بينر ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي شاگردن دانهيندي چيو ته غير آئيني عمل جي مذمت ڪيون ٿا رياستي ڏاڍ جي بنياد تي قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چادر چوديواري جو تقدس پائيمال ڪري انهن کي گرفتار ڪري گم ڪيو پيو وڃي. جيڪا انسانذات لاءِ ناساز عمل آهي جيڪو ڪڏهن به برداش نه ڪيو ويندو. هنن انسان حقن واري تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان گمشده ماڻهن لاءِ آواز اٿاري سندن رهائي کي يقيني بڻايو وڃي جيڪڏهن هوءَ ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته انهن کي ملڪي ڪورٽن ۾ پيش ڪري سندن کي سزائون ڏنيون وڃن. . گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان محفوظ سنڌي . سومار ملاح ۽ اسلم مهيري جو ڀتو نه پيو وارثن پاران 5 ڏينهن به ريلي  ناز نوتڪاڻي ، نبي بخش سميجو ۽ لال بخش چانڊيو  ٻيڻ جي اڳواڻي ۾ ٽي وي جرنلسٽ ڪلب تائين ريلي ڪڍي هنن چيو ته سڄي سنڌ  مان رياستي ادارن پاران قومي ڪارڪنن کي کبڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اهو به نٿو ٻڌايو وڃي ته اسان جا پيارا ڪٿي آهن هنن مطالبو ڪيو ته مٿن ڪيس ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي .آچر جي رات دير سان رينجرس ۽ پوليس جي وڏن اٽالن  جيئي سنڌ محاذ جي اڳوڻي مرڪزي پريس سيڪريٽري جاويد عمراڻي ، جسقم تعلقه سڪرنڊ جي صدر مسعود شاھ ، جسقم سٽي جي جنرل سيڪريٽري قاسم سومرو جسقم اڳواڻ مورڙو مير بحر ۽ ماڙي جلباڻي ۾ رجب جلباڻيء جي گهرن تي ڇاپا هنيا . ڇاپن دوران قانون نافذ ڪندڙ ادارن گهرن ۾ گهڙي عورتن توڙي ٻارن کي حراسان  ڪرڻ سميت گهرن جي مڪمل تلاشي ورتي  . سڪرنڊ جي سڄاڻ ڌرين پاران ادارن جي بلاجواز ڪارروائيء جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آھي