سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي: ٺارو شاهه ۾ پروگريسو يوٿ جو احتجاج

ٺاروشاھ :- ٺاروشاھ ۾ پروگريسوويوٿ الائنس تنظيم پاران سنڌ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻن جي بازيابي لاءِ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ کنڀيل قومي ڪارڪنن جون تصويرون کڻي چندر چوڪ کان احتجاج ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن چوراهن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي بعد ۾ ڍڪ چوڪ تي مظاهرين نٽهڻ اس ۾ ڌرنو پڻ هنيو ويو جتي اڳواڻن سرمد سيال عبيد سيال قابل ڪلهوڙو امير ڀٽي مصدق سيال شهزادو ابڙو آصف ڏاهري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ قومي سياسي ڪارڪن توڙي سماجي اڳواڻن کي جبري طور کنڀي گم ڪري غير جمهوري ۽ غير انساني قسمن جهڙو عمل ڪري عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ ۽ سياسي تحريڪن يا قوتن کي ختم ڪرڻ جي سازشون ڪيون پيو وڃن جيڪو عمل سخت مزمت جو جوڳو آهي هنن چيو ته هن سنگين مسئلن خلاف هڪ سگهارو آواز اٿارڻ لاءِ اسان سڀني سنڌ دوستن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي عملي ميدان تي اچڻ لاءِ جهدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي  هنن چيو ته پورهيت طبقي جي قيادت هيٺ هڪ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو جيڪو هن استحصال تي ٻڌل نظام کي خاتمو آڻي سگهي هنن چيو سنڌ مان بلاجواز قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جن کي نه عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو نه ئي پوليس ٿاڻن تي ظاهر ڪيو وڃي ٿو هنن چتاءُ ڏنو ته فوڙي طور تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪري انهن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جاري رهندا