سنڌ مان کنڀي گم ڪيل اديب، دانشور، سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ وائس فار مسنگ پرسنس جو احتجاج

فريدآباد لاڙڪاڻو، بٺورو :- ڄامشورو سوسائٽي فيز 2 شورا ڳوٺ مان بنا جواز کنڀي گم ڪيل ڪاڇي جي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو واسي نوجوان شاگرد امتياز خاصخيلي جو 6 ڏينهن کان ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو. نوجوان جي وارث عورتن امڙ نصيبان خاصخيلي، ڀيڻ مومل  خاصخيلي حضوران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوان جون تصويرون هٿن ۾ کڻي فريدآباد پل تي ڌرڻو ھنيو ڌرڻي دوران روڊ بند ٿيڻ سبب ميھڙ شاهه گودڙيو روڊ سان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي دوران نوجوان جي امڙ نصيبان خاصخيلي، ڀيڻ مومل خاصخيلي دانھيون  ته 6 ڏينهن اڳ ڄام شورو مان بيگناهه منهنجي ٻچي  کي کنڀي 6 ڏينهن کان گم ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته منهنجي ٻچي جو ڪنھن تنظيم سان ڪوبه واسطو ۽ رابطو ناھي ان باوجود کيس گهرمان کنڀي گم ڪيو ويو آھي نوجوان جي وارثن چيف جسٽس آف پاڪستان انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بيگناهه کنڀي گم ڪيل امتياز خاصخيلي کي آزاد ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي. ڄامشورو جي پير باجدي سوسائٽي مان 6 ڏينهن اڳ گهران مبينا طور کنڀي گم ڪيل امتياز ولد محمد رمضان خاصخيلي جي وارثن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي امتياز جي وارثن دانهيندي چيو ته 20 جون تي شام 6  ڌاري گهران کڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته 2005 ۾ ذوالفقار خاصخيلي، 2007 ۾ امتياز ۽ 2020 ۾ امتياز کي کنڀيو ويو آهي. جيڪو سندن سان ظلم آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اميتاز خاصخيلي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.  6 ڏينهن اڳ ڄامشورو سوسائٽي مان کنڀي گم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد فريدآباد واسي امتياز علي خاصخيلي جي بازيا بي لاء ميهڙ ۾ گاهي مهيسر انڊس هاء وي باء پاس روڊ تي عورتن ،ٻارڙن ۽ مردن جو احتجاجي مظاهرو ،ڌرڻو هڻي 4ڪلاڪ  روڊ بلاڪ  ٽريئفڪ معطل کنڀي گم ڪيل شاگرد امتياز خاصخيلي جي بازيابي لاء نعريبازي ،اطلاع تي ايس ايڇ او ميهڙ ڌرڻي واري هنڌ پهچي گم ٿيل شاگرد کي بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو خبر موجب 5ڏينهن اڳ  ڄامشورو سوسائٽي مان گهر مان قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پاران کنڀي گم ڪيل فريد آباد واسي سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد امتياز علي خاصخيلي جي بازيابي لاء سندس وارث عورتن مردن ٻارڙن سندس امڙ مسمات حضوران خاصخيلي، مسمات ناھيد خاصخيلي ،مسمات صنم خاصخيلي،  مسمات الھرکي خاصخيلي ، مسمات شاھدان خاصخيلي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ ۾ گاهي مهيسر انڊس هاء وي باء پاس روڊ تي ڊگري ڪاليج ميهڙ ۽ فريد آباد چونڪ تي ڌار ،ڌار احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري  4ڪلاڪن تائين ڪراچي ،حيدر آباد ،دادو لاڙڪاڻو سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريئفڪ معطل ڪري ڇڏي جنهن سبب  روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر ڪوچز ،ويگنون ڪارون ۽ ٽرڪون وڏي تعداد ۾ بهجي ويون ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ ۽ ڌرڻو هڻندڙ عورتن ،ٻارن نوجوانن ۽ مردن کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد امتياز علي خاصخيلي جي آزادي ۽ بازيابي لاء نعريبازي ڪئي ان موقعي تي  نوجوان امتياز علي خاصخيلي جي امڙ مسمات حضوران خاصخيلي ۽ ٻين وارث عورتن ناهيد خاصخيلي ،صنم خاصخيلي ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڄامشورو سوسائٽي مان  امتياز علي خاصخيلي  کي بناجواز گھران کنڀي کڻي جبري گم ڪيو  آهي ھنن چيو ته جيڪڏهن سندس ڪو ڏوھ اٿس ته ظاهر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي  هنن چيو ته امتياز علي خاصخيلي جو سنڌ جي ڪنهن به قومپرست پارٽي سان تعلق  ناھي ھو سنڌيونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء سوسائٽي  ڪالوني ۾ رھندو ھو جتان کيس 5ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيو ويو آهي  ھنن اقوام متحده ، انساني حقن جي عالمي تنظيمن ،سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس  ۽ ٻين اعليٰ ادارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان شاگرد امتياز علي خاصخيلي  جي جبري گمشدگي جو نوٽيس وٺي کين ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي جڏهن ته انڊس هاء وي بلاڪ هجڻ جي اطلاع تي ايس ايڇ او ميهڙ نور مصطفي پٺاڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرو ڪندڙ عورتن سان ڳالهيون ڪري کنڀي گم ڪيل نوجوان امتياز علي خاصخيلي کي ڄامشورو انتظاميه سان ڳالهائي بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪري يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪري 4ڪلاڪن کان پوء انڊس هاء کولرائي ٽريئفڪ پڻ بحال ڪرائي.