سنڌ مان سياسي سماجي ڪارڪنن کي کنڀي گُم ڪرڻ خلاف سانا پاران 30 آگسٽ تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان

جبري گمشدگين جي متاثرن واري عالمي ڏهاڙي تي نيويارڪ ۽ هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ پاڪستاني ڪانسليٽ جنرل آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.سنڌ ۾ وڌندڙ انساني حقن جي لتاڙ، قانون کان مٿانهان قتل ۽ جبري گمشدگيون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿيون ڪري سگهجن. ملڪ جي موجوده حالتن مان ثابت پيو ٿئي ته رياستي ادارا پنھنجي ئي قانون جو احترام نه پيا ڪن.پاڪستان سميت دنيا جو ڪو به قانون جبري گمشديگين جي اجازت نه ٿو ڏئي. سنڌ سميت پوري مُلڪ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن مٿان ڪو الزام آهي ته کين ظاهر ڪري مُلڪي عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي.سانا 30 آگسٽ تي جبري گمشدگين جي متاثرن جي عالمي ڏهاڙي تي گڏ ٿي پوري دنيا جي کنڀيل ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي