سنڌ لاءِ خوشخبري : ڪورونا ۾ مبتلا وڌيڪ 10 ڄڻا صحتياب، انگ 14 ٿي ويو

ڪراچي : سنڌ لاءِخوشخبري، سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ مريضن مان وڌيڪ 10ڄڻن جي صحتياب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، مرتضيٰ وهاب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪيو آهي ته سنڌ اندر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن ۾ وڌيڪ 10 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن، جن جو واسطو ڪراچي سان آهي ۽ انهن کي ڊسچارج به ڪيو ويو آهي. جنهن بعد هيل تائين سنڌ ۾ 14 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، وڌيڪ 10 ڄڻن جي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پوري ملڪ اندر صحتياب ٿيندڙن جو انگ 20 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 گلگت ۽ 2 اسلام آباد جا ماڻهو شامل آهن.