سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 15 آگسٽ کان خانگي تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان

ڪراچي:- آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن ۽ ڪراچي پرائيويٽ اسڪولز ايڪشن ڪميٽي 15 آگسٽ کان نجي تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ پرويز هارون چيو ته 31 نڪاتي ضابطي ڪار به جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن نجي تعليمي ادارن جي سار نه لڌي، ڪيترن ئي اسڪول مالڪن محنت مزدوري شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته سروي موجب 74 سيڪڙو والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ چاهين ٿا، ڪجهه يونين ڪائونسلز ۾ صورتحال بهتر ناهي ته اتي اسڪول نه کلندا. آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن پڻ چيو آهي ته آن لائن تعليم ۽ تعليم گهر ٽي وي فلاپ ڊراما آهن، حڪومت 15 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري نه ته اسان پاڻ اسڪول کولينداسين. فيڊريشن جي صدر ڪاشف مرزا چيو ته اسڪول کوليندڙ ادارن کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ ليگل سيل به قائم ڪري ڇڏيو آهي، رنڊڪن جي صورت ۾ لانگ مارچ ڪيو ويندو. هن مطالبو ڪيو ته بورڊ امتحان رد ٿيڻ تي 45 لک شاگردن کان ورتل 25 ارب رپيا به واپس ڪيا وڃن. واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ تعليمي ادارا گهڻي وقت کان بند آهن، جڏهن ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.