سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار لڪ ڇپ ۾ ترقي جي نالي تي والار ڪرڻ جي رٿا بندي: ليکڪ انعام ڀٽي

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي سمورن ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي نيت سان جاري ڪيل آرڊيننس جي خلاف احتجاج جاري آهن. جنهن طرح سان انهي وفاقي آرڊيننس کان پهرين سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار لڪ ڇپ ۾ ترقي جي نالي تي ڪا والار ڪرڻ جي رٿا بندي ڪئي هئي ،اها آرڊيننس جي اچڻ بعد اختلافن جو شڪار ٿي وئي ،نه رڳو انهي کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي سماجي جماعتن رد ڪيو، پر انهي جي خلاف بنا دير جي احتجاجي سڏ ڏئي مظاهرا به ڪري ڇڏيا. سنڌ اندر سنڌ ائڪشن ڪميٽي ٺهڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست سياسي جماعتن ۾ انهي آرڊيننس جي خلاف گڏيل جدوجهد هلائڻ جو پڻ اعلان ٿي ويو. سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي پڻ سنڌ جي عوام جي پريشر ۾ اچي سنڌ اسيمبلي مان انهي آرڊيننس جي خلاف قراداد منظور ڪرائڻي پئجي وئي. ٻئي طرف سينيٽ ۾ نيشنل پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽرز پڻ انهي آرڊيننس جي خلاف رٿ پيش ڪئي. اهي سڀ قدم قابل تعريف، پر ڇا رڳو انهن رٿن، قراردادن ۽ ڇڙوڇڙ مظاهرن سان اهو آرڊيننس واپس ٿي ويندو؟
سنڌ اسيمبلي مان ٻيٽن متعلق آرڊيننس جي خلاف جيتوڻيڪ متفقه راءِ سان قرارداد منظور ٿي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي شهريار خان شر پڻ انهي جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڏنو آهي، پر انهي قرارداد جي پاس ٿيڻ سان يا سينيٽ يا قومي اسيمبلي ۾ انهي تي بحث ڪرڻ سان آرڊيننس رد ڪونه ٿي ويندو. ها! اهو صدارتي آرڊيننس اخلاقي جواز ضرور وڃائي چڪو آهي. پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ انهي وفاق جي ڪا هڪ به وحدت جيڪڏهن ڪنهن وفاقي فيصلي جي خلاف پنهنجي اڪثريت يا متفقه راءِ ڏئي ڇڏي ته جمهوري ۽ اخلاقي قدر اهو ٿو چوي ته وفاق کي انهي فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ بجاءِ انهي کي واپس وٺڻ گهرجي، پر هتي ته قصو ئي ابتو آهي. جيئن ئي انهي آرڊيننس جي خلاف قرارداد پاس ٿي ۽ انهي جي مخالفت ۾ سنڌ توڙي بلوچستان جي اندر جلسن جلوسن جي شروعات ٿي ته ملڪ جي وزيراعظم اهو اعلان ڪيو ته هر حال ۾ انهن ٻيٽن تي وفاق جي رٿا مطابق ترقي ٿيندي انهي کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته وفاق جي جن وحدتن کي، اتي جي سرڪار کي يا عوام کي، جيڪڏهن ڪنهن رٿا تي اعتراض هجي، انهي سان ڳالهين جو در کولڻ يا انهي کي پنهنجي اعتماد ۾ وٺڻ جي بجاءِ جڏهن اهي لفظ استعمال ڪيا وڃن ته انهي رٿا تي هر حال ۾ عملدرآمد ٿيندو ته اهڙي سوچ کي ڇا سمجهجي؟ وفاق ۾ شامل قومي وحدتن کي1973ع جو آئين اها خاطري ڪرائي ٿو ته انهي جي سرزمين تي مالڪي جو حق سندن آهي. انهي سرزمين جا مالڪ هو پاڻ آهن، جڏهن به ڪنهن ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪا زمين وفاق کي انهي وحدت جي اندر گهربل هوندي ته اها هڪ قاعدي تحت ۽ ڪن شرطن تحت وفاق کي ليز ڪري ڏني ويندي، پر جنهن طرح سان اهو ٻيٽن جو آرڊيننس آيو ۽ جيڪا ٻولي وفاق جو نمائندو هن وقت استعمال ڪري رهيو آهي انهي مان لڳي ٿو ته هي قومي وحدتون ڄڻ وفاق جي اندر ڪنهن معاهدي ۽ آئيني تحفظ سان شامل ڪونهن جن ۾ جڏهن به جنهن به ڪم لاءِ وفاق چاهي ته ڪا اٿارٽي قائم ڪري انهن وحدتن جي قدرتي وسيلن ۽ سرزمين تي پنهنجي مالڪي قائم ڪري سگهي ٿو!.
وفاق جي مضبوطي انهي ۾ هوندي آهي ته جنهن معاهدي تي اهو رشتو قائم ٿيو آهي انهي جي پاسداري ڪئي وڃي ۽ هڪ اعتماد جي فضا وفاق ۽ قومي وحدتن جي وچ ۾ اهڙي قائم رهي جو ڪڏهن به ڪا قومي وحدت پاڻ کي وفاق جي اندر محڪوم نه سمجهي، پر افسوس اهو آهي ته 1947ع کان وٺي هتي جي قومي وحدتن کي وفاق کان اها ئي شڪايت رهي آهي ته انهن کي سراسري ۽ برابري جي بنياد تي هلائڻ جي بدران محڪومن وانگر هلايو وڃي ٿو. انهي حاڪماڻي وفاق واري سوچ جو خاتمو يا انهي ۾ گهٽتائي ته ڪونه اچي سگهي آهي، پر وفاق جي طرفان بار بار ڪا نه ڪا اهڙي ڪوشش ٿيندي رهي ٿي جنهن سان وفاق ۽ قومي وحدتن جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ وٿي پوندي رهي ٿي. منهنجي خيال ۾ ملڪ جا بد خواهه اهي آهن جيڪي انهي قسم جون رٿائون پيش ڪن ٿا نه ڪي اهي جيڪي اهڙين رٿائن جي خلاف ٿي بيهن ٿا.
سنڌ ۾ انهي آرڊيننس جي اچڻ شرط احتجاج ٿيا هر سياسي پارٽي، جنهن انهي آرڊيننس کي غلط سمجهيو، انهن جي طرف کان جلسن مظاهرن ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو. لڳ ڀڳ سنڌ جي هر قوم پرست جماعت انهي جي خلاف پنهنجي طرفان ڪا نه ڪا ڪارروائي ڪئي. انهي دوران ئي سنڌ ائڪشن ڪميٽي متحرڪ ٿي جنهن ۾ سنڌ جي اڪثريت جماعتن شرڪت ڪئي. انهي سنڌ ائڪشن ڪميٽي جو هڪڙو سربراهي اجلاس به ٿي گذريو جنهن ۾ پهرين نومبر تي حيدرآباد ۽ 15 نومبر تي ڪراچي ۾ ڀرپور ريلين جو اهتمام ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو. انهي اعلان بعد ئي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻيٽن متعلق آرڊيننس کي رد ڪرڻ جي قرارداد منظور ٿي. جنهن لاءِ ڪيترن آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته انهي قرارداد سان اهو آرڊيننس رد ڪونه ٿي ويو، پر انهي لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه باقي ڪرڻو آهي جو اهو آرڊيننس رد ٿي وڃي يا واپس ورتو وڃي. ايوانن جي اندر ۽ ڪورٽن مان ڪير ڇا حاصل ڪري سگهندو انهي لاءِ اهي جماعتون جيڪي اهو يقين رکن ٿيون ته سينيٽ ۾ انهي کي رد ڪرائي سگهڻ جي هو سگهه رکن ٿيون ته انهن کي اهو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، پر منهنجي نظر ۾ اڄ کان پوءِ سنڌ جي سمورين انهن جماعتن کي جيڪي انهي آرڊيننس جي خلاف آهن ۽ سنڌ جي ٻيٽن کي سنڌ جي ملڪيت ۾ واپس آڻڻ چاهين ٿيون ته انهن کي الڳ الڳ پنهنجي ديڳڙي رڌڻ جي بجاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن وقت تائين جنهن جيڪي ڪيو اهو بهتر ٿيو، پر هاڻي وقت جي ضرورت اها آهي ته جيستائين سنڌ جون سموريون جماعتون گڏجي انهي آرڊيننس جي خلاف حيدرآباد ۽ ڪراچي واري احتجاجي ريلين کي ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪنديون تيسين وفاق جي ڪن تي ڪا جونءَ به ڪانه چرندي. سنڌ جو عوام جيڪڏهن لکن جي تعداد ۾ روڊن تي نڪري اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ انهن اهو ثابت ڪيو ته هو سنڌ جي ملڪيت، سرزمين ۽ ٻيٽ ڪنهن به آرڊيننس وسيلي وفاق جي قبضي ۾ ڏيڻ ڪونه ڏيندا ته يقين ڪريو انهي ڏينهن وفاق کي اهو آرڊيننس ايئن ئي واپس وٺڻو پئجي ويندو جيئن انهن ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي جو ڪيو هو. سنڌ ائڪشن ڪميٽي ۾ شامل جماعتن کي سنڌ جي هر انهي سياسي سماجي جماعت کي انهن احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ گهرجي جيڪي سنڌ جي ٻيٽن واري آرڊيننس جي خلاف آهن. نه رڳو انهن کي دعوت ڌيڻ گهرجي پر انهن تي اهو بار رکڻ گهرجي ته هو سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ انهي ۾ ڀرپور مدد پڻ ڪن. جڏهن به ڪو قومي سوال هجي انهي جي لاءِ بنا ڪنهن سياسي ۽ نظرياتي تفريق جي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ زبان ۽ هڪ آواز ٿيڻ گهرجي. هي جدوجهد ڏسڻ ۾ جيتري ڏکي آهي اوتري آسان به آهي. جيڪڏهن سنڌ جو عوام روڊن تي نڪري اچڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ سياسي پارٽيون توڙي فرد پنهنجي انفرادي پوائنٽ اسڪورنگ جي سوچ کان ٻاهر نڪري آيا ته ڪا گهڻي دير ي نه لڳندي اها رٿا عمل پيرا ٿيڻ کان پهرين پنهنجا پيرا وڃائي ويهندي. جيڪڏهن وفاقي سرڪار ٻيٽن متعلق آرڊيننس واپس نه وٺڻ جي هوڏ تي قائم به رهي ته عوامي ردعمل جي پيش نظر ڪا به سيڙپ ڪندڙ ڪمپني اهڙي تڪراري رٿا ۾ پنهنجو پئسو ڪونه ٻوڙڻ چاهيندي.