سنڌ سرڪار مال پڙين تان پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ مال پڙين جي اجازت جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت طرفان سڀني ضلعن ۾ ٻڪرين، ڳئن ۽ ٻين ڍورن جي پڙين ۾ خريد ۽ وڪري جي اجازت ڏني ويندي. مڪاني ادارن جي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب مال پڙين لاءِ ايس او پيز تيار ڪيون ويون آهن، جنهن موجب سمورن ٽائونز، ميونسپل ڪميٽيز، ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز جي حدن ۾ مال پڙين ۾ ڪاروبار جي اجازت هوندي. ايس او پيز ۾ چيو ويو آهي ته مال پڙين ۾ خريدارن لاءِ الڳ لائن رکي ويندي.