سنڌ سرڪار صوبي اندر لاڳو لاڪ ڊائون کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو فيصلو :ڪريانا وارا دڪان به صبح 8 وڳي کان کلندا ۽ رات 8 وڳي بند ڪرڻا پوندا:ناصر شاهه

ڪراچي : سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون کي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ميڊيڪل اسٽورن کانسواءِ هاڻي سمورا دڪان بند ٿيندا، اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، پهرين عام واهپي واري شين جا دڪان کليل هئا، هاڻي ان فيصلي ۾ وڌيڪ سختي ڪري رهيا آهيون، فيصلي موجب سنڌ ۾ کاڌي پيتي وارا دڪان صبح جو 8 وڳي کليل رهندا ۽ رات جو 8 وڳي بند رهندا، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور جا دڪان کليل رهندا.جڏهن ته اسپتالون 24 ڪلاڪ کليل رهنديون.