سنڌ سرڪار سومر کان پرائمري ۽ مڊل اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- 28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ سرڪار پري پرائمري، پرائمري ۽ مڊل اسڪولز 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارن لاءِ ايس او پيز ۾ سختي ڪئي وئي آهي، نجي اسڪولز جي تنظيمن سان سڀاڻي ملاقات ڪري ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو، سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ ٽيمن ذريعي ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته ٻارن جي سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ تعليمي ادارن کي اختيار ڏنو آهي ته شفٽن ۾ ڪلاسز هلايا وڃن، اسان اسڪول کولڻ يا ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪوبه زور نه ڀري رهيا آهيون، والدين سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي سگهجي ته اُهي ڀلي پنهنجي ٻارن کي نه موڪلين، تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي ٽرانسپورٽ لاءِ به ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن، والدين ڪوشش ڪن ته ٻارن کي پاڻ اسڪول ڇڏي اچن ۽ واپس وٺي وڃن. تعليم واري صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾شرڪت نه ڪري سندن سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندس نظر ۾ نفرت جي ٻولي ڳالهائيندڙ هر شخص الطاف حسين آهي، سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي متحد وارا لسانيت جي سياست شروع ڪري ڇڏيندا آهن