سنڌ سرڪار جي مهانگائي تي ضابطي واري دعويٰ ڪوڙي ثابت

ڪراچي :- سنڌ حڪومت جي مهانگائي تي ضابطي آڻڻ واري دعويٰ ڪوڙي نڪتي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اٽي جو بحران ٻيهر ڪَر کڻڻ لڳو آهي، ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني، گرين ٽائون، آصف آباد، عظيم پورا، موريا خان، رفاع عام سوسائيٽي، ملت ٽائون، شمسي سوسائٽي، باغ ملير، شاهه فيصل نمبر، هڪ ۽ ٻين علائقن ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن جا در به عوام لاءِ بند ڪيا ويا آهن، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته هول سيلرز پنهنجا گدام ڀري ڇڏيا آهن ۽ کين اٽو نه ٿا ڏين، ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته وڏو وزير کين گهر رهڻ جي صلاح ته ڏئي ٿو پر مهانگائي تي ضابطو نه ٿو آڻي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ وارا هڙئي آفيسر ڪم ڪرڻ بدران موڪلن جا مزا وٺي رهيا آهن. شهرين وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نفعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري مصيبت جي هِن گهڙي ۾ کين وڌيڪ پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي..