سنڌ سرڪار جو ميڊيڪل آفيسرن کي بنا امتحان ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي :- سنڌ جي صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر لاءِ ڀرتي ٿيڻ جي خواهشمند ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين لاءِ سنڌ حڪومت اهم فيصلو ڪري ڇڏيو. 19 مارچ تي ڏنل اشتهار موجب پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان لاءِ درخواست ڏيندڙن کي بنا امتحان جي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اميدوارن کي عارضي طور ڀرتي ڪيو ويندو، درخواست ڏيندڙن کي مستقل يا ايڍاڪ بنيادن تي نه رکيو ويندو.خواھشمند ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي 17هين گريڊ جي ڊاڪٽر برابر سهولتون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.