creative writing on independence day of pakistan ve day homework help english department creative writing harvard aqa english language paper 1 section b creative writing comparison essay help masters in creative writing online uk brown university mfa creative writing application victorian house primary homework help leeds university creative writing phd mfa creative writing university of florida writing custom attributes c# homework help ww2

سنڌ سان سياسي، سماجي، اقتصادي ناانصافيون ۽ نئون سال: ليکڪ ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي

سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ۽ خاص طرح گذريل هڪ سال اندر وڌيڪ بدتري جي شڪار ٿي وئي آهي. جنهن ۾ هڪ طرف هن سال فيبروري جي مهيني ۾ پاڪستان اندر پکڙجندڙڪورونا وائرس جي وبا ۽ سنڌ ۾ سخت لاڪڊائون هن صوبي جي غريب پورهيتن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي بيروزگاري، غربت، بک ۽ بيماري ۾ مبتلا ڪيو ۽ سياسي سرگرمين کي محدود ڪري ڇڏيو، ته ٻئي طرف وفاق جي طرفان ملڪ تي مڙهيل مهانگائي، کاڌ خوراڪ جي شين کان وٺي دوائن جي اگھن ۾ واڌ عوام جي وڏي اڪثريت کي غربت جي  ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، پر سنڌي عوام  لاءِ انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال وفاقي اسٽيبلشمنٽ جي انهي سازشن جي ڪري پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي دل ڪراچي تي قبضو ڪرڻ، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون سازشون شامل آهن. سنڌ خلاف اهي سازشون انهي سلسلي جي  ڪڙي آهن،

جنهن هيٺ سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هتي جي اصلوڪي آبادي کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ مختلف قانونن ۽ اسڪيمن هيٺ ڌارين جي آبادڪاري ڪئي پئي وڃي. انهي سڄي سال  دوران پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت به مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي يا انهن سازشن خلاف بي دليو احتجاج ڪيو آهي. هن وقت  عمران خان جي وفاقي حڪومت خلاف 11 جماعتن جي اتحاد طرفان جيڪي وڏا وڏا جلسا ڪيا پيا وڃن، انهن ۾ به جمعيت علماءِ اسلام  ۽ ڪجھه ٻين پارٽين ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي جي چٽي مخالفت ڪئي آهي ۽ بلوچستان مان شامل تنظيمن تازو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪراچي ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پنهنجو سخت موقف پيش ڪيو پر اهڙو سخت موقف پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ طرفان ڪونه آيو آهي. هن وقت بظاهر ٻيٽن بابت آرڊيننس جو مدو ختم ٿي چڪو آهي پر وفاقي حڪومت جون سازشون ساڳيون آهن. انھي هڪ سال جي ڪاري دور ۾سنڌ ايڪشن ڪميٽي، سنڌ پروگريسو ڪميٽي گڏيل ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي جمهوري پارٽي پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي عوام جي مسئلن کي جدوجهد  وسيلي حل ڪرايو وڃي يا انهن تي آواز اٿاريو وڃي. اسين جڏهن انهي سڄي صورتحال جو هن نئين سال جي شروعات  ۾ مختصر جائزو وٺون ٿا ته اهو هيٺين ريت آهي.

ڪورونا جي وبا جا سنڌ جي عوام تي اقتصادي ۽ سماجي اثر.

گذريل 12 مهينن ۾ ڪورونا وائرس جي بيماري سڄي دنيا جي معيشت کي تباهي جي ڪنڌي تي آڻي ڇڏيو آهي. پاڪستان جي مجموعي اقتصادي ترقي پڻ منفي ٿي چڪي آهي. سنڌ جي شهرن ۾موجود سنڌي پورهيتن لاءِ جيڪي روزگار جا موقعا اڳ ۾ ئي گھٽ هئا، اهي وڌيڪ گھٽجي ويا آهن. ساڳئي وقت وچ اوڀر جي ملڪن ۾ موجود سنڌي مزدور به بيروزگاري ۽ اقتصادي لاٿ سبب واپس موٽن پيا. ڪورونا وائرس جي بيماري سنڌ جي شاگردن جي تعليم کي به تمام گھڻو نقصان پهچايو آهي. سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم اڳ ۾ ئي پوري ساري هئي، اها هاڻي ڪورونا وائرس جي بيماري سبب مڪمل طرح ختم ٿي چڪي آهي. شاهوڪار طبقن جي پرائيويٽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد گھرن ۾ رهي ڪري به ڪنهن حد تائين آن لائين تعليم حاصل ڪن پيا، پر سرڪاري تعليمي ادارا وسيلن جي کوٽ، نااهلي ۽ ڪرپشن سبب شاگردن لاءِ ڪو اهڙو تعليم جو جامع نظام ڪونه جوڙي سگھيا آهن، جنهن ۾ شاگرد گھرن ۾ رهي ڪري تعليم حاصل ڪري سگھن. ساڳئي وقت غريبن جي گھرن ۾ جتي هڪڙو يا ٻه ڪمرا آهن، ڪمپيوٽر ۽ واءِ فاءِ جهڙن وسيلن جي کوٽ آهي، اتي اها سنڌ سرڪار ۽ وفاق جي ذميواري آهي ته انهن مسئلن کي حل ڪن، پر حڪمران طبقن جي ٻارن جي تعليم جاري آهي، پوءِ انهن کي ڪهڙو لاچار آهي جو عوام جي گھڻائي لاءِ سوچين ۽ غور ڪن.  ڪورونا وائرس جي بيماري سڄي دنيا جي معيشت ۾ جيڪا ٻاڙائي پيدا ڪئي آهي ان  بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ دنيا جي ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي بيماري خلاف ويڪسين لڳڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي خود اسان جي پاڙيسري ملڪ هن سال آگسٽ تائين 33 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي شروعات 16 جنوري کان ڪئي پئي وڃي ، اتي پاڪستان صرف 12 لک ويڪسين جا ڊوز وٺڻ جو آرڊر ڏنو آهي، جنهن جي ڪري اهو نظر نه پيو اچي ته عوام جي اڪثريت کي ڪو جلدي ويڪسين مهيا ٿيندي.

وفاق جو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو

پاڪستان جي اندر 2009ع جي آئيني ترميم کان پوءِ صوبن جي معدني وسيلن تي 50 سيڪڙو آمدني تي صوبن جو حق مڃيو  ويو آهي ۽ انهن تي ترقياتي منصوبا پڻ صوبن جي منظوري کان سواءِ شروع ڪري نٿا سگھجن پر سنڌ کي گئس مان پورو حصو ڪونه پيو ملي ۽ سنڌ مان نڪرندڙ تيل جو ڪو به حساب ڪونه آهي. جن علائقن مان اهي قدرتي وسيلا نڪرن انهن ۾ ترقياتي ڪم ٿيندي نظر ڪونه ٿا اچن. ارڙهين ترميم کان اڳ وفاق ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ شامل تمام اسمن بابت قانون سازي ۽ فيصلا ڪري سگھندو هو، پر 18 ترميم کان پوءِ 100کان مٿي اسم صوبن جي حوالي ڪيا ويا جنهن ۾ تعليم، صحت، زراعت ۽ صوبائي سيڪيورٽي شامل آهن. جڏهن ته گڏيل اسمن جهڙوڪ بجلي، پاڻي ۽ آدمشماري وغيره جي فيصلن کي  صوبن جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ساڳئي وقت 18 آئيني ترميم کان پوءِ متفق طرح منظور ٿيل ستين فنانس ايوارڊ هيٺ صوبن کي ڪنڪرنٽ لسٽ مان منتقل ٿيل اسمن جي خرچن جي پورائي لاءِ وفاق طرفان وصول ٿيندڙ ٽيڪس جوڳي آمدني جو 56 سيڪڙو صوبن  لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سروسز تي ٽيڪس صوبا مقرر ڪري پاڻ وصول ڪري سگھن ٿا. وفاقي اسٽيبلشمنٽ، ارڙهين آئيني ترميم ۽ فنانس ايوارڊ ۾ صوبن جو 56 سيڪڙو ڪڏهن به دلي طور سان قبول ڪونه ڪيو آهي.  هن وقت وفاق ۾ اسٽيبلشمنٽ پاران عمران خان جي حڪومت سبب وفاق، غير آئيني طريقن سان ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين فنانس ايوارڊ ۾ صوبن کي مليل نالي ماتر خودمختياري ۽ مالي وسيلا کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهي سلسلي ۾ وفاق جي نمائندي صدر پاڪستان پاران غير قانوني طرح وفاقي مالياتي مشير حفيظ شيخ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن تي سنڌ حڪومت اعتراض اٿاريو ته آئيني طرح مالياتي مشير فنانس ايوارڊ جي ڪاميٽي جي سربراهي ڪري نه ٿو سگھي. هاڻي ان کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ حفيظ شيخ کي ٻيهر وفاقي مالياتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي اسٽيبلشمنٽ جي ڪراچي ۾ گڏ ٿيندڙ ٽيڪس، بندرگاهه ۽ قيمتي زمين تي به قبضي ڪرڻ جي خواهش آهي. انهي  ڪري وفاقي قانون وارو وزير فروغ نسيم هر وقت آئين جي آرٽيڪل 149 جي چوٿين پوائنٽ جو ذڪر ڪندو رهيو آهي ته جيئن ڪراچي تي قبضو ڪري سگھجي ۽ ڪراچي ڪاميٽي ذريعي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو بنياد رکيو ويو آهي. ساڳي طرح پاڪستان جي آئين جي ارڙهين ترميم جي روح ۽ متن جي لتاڙ ڪندي، صوبن کي ڪنڪرنٽ لسٽ مان منتقل ٿيل اسمن ۾ مداخلت ڪري هن سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي ڪڌو ڪم ڪري “پاڪستان آئيلنڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي” پيڊا ٺاهي ويئي آهي، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ وفاق جي حوالي ٿي ويا آهن. هڪ ته آئين مطابق 12 سامونڊي ناٽيڪل ميلن تائين جي سامونڊي پٽي صوبن جي ملڪيت هوندي آهي ۽ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو حق صرف اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کي حاصل آهي، پر پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت به 6  جولائي جي مهيني ۾ وفاقي حڪومت کي خط لکي چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کي اجازت ٿي ڏئي ته ڀلي وفاقي حڪومت ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي. اهڙي طرح پيپلز پارٽي جي حڪومت، سنڌ تي لڳل ڌاڙي جو رستو کولي ڏنو. آڪٽوبر جي مهيني ۾ جڏهن سنڌ جي عوام دوست تنظيمن ۽ اتحادن طرفان احتجاج زور وٺي ويو تڏهن پيپلز پارٽي ڀڳي دل سان اسيمبلي مان وفاقي آرڊيننس خلاف قرارداد منظور ڪرائي پر ان بابت ڪابه قانون سازي ڪونه ڪئي آهي. وفاق طرفان صوبائي اسم تعليم ۾ مداخلت جي تياري ٿي رهي آهي. جنهن هيٺ وفاقي تعليمي وزارت سڄي ملڪ لاءِ هڪ تعليمي نصاب جوڙي رهي آهي. سنڌ وٽ سدائين ٻاراڻي درجي کان وٺي مٿين ڪلاسن تائين سنڌي سبق ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي بابت پڙهايو ويو آهي. سنڌ جي شاگردن مٿان وفاقي نصاب مڙهڻ ون يونٽ کي ٻيهر مڙهڻ جي برابر آهي. وفاقي اسٽيبلشمنٽ جا اهي سمورا فيصلا لڳي ٿوته ڪنهن وڏي سازش جون ڪڙيون آهن، جنهن هيٺ هڪ طرف سنڌي ۽ بلوچن کي پنهنجن صوبن ۾ اقليت ۾ آڻڻو آهي، انهن کان سندن ٻولي، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ کسڻي آهي، ٻئي طرف وفاق جيڪو سدائين پنهنجا ناجائز خرچ عالمي طاقتن کي فوجي اڏا مهيا ڪري ۽ انفرادي قوت کي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلي ڪندو رهيو آهي، ان جي ڪمائي جا اهي اڳوڻا رستا بند پيا ٿين. تنهنجي ڪري هاڻي سنڌ ۽ بلوچستان جا معدني وسيلا ۽ سندن سامونڊي ٻيٽ وڪڻي پنهنجي خرچن جو پورائو ڪرڻ چاهي ٿو. هن وقت خريدار اڳوڻين روايتي عالمي طاقتن بدران چين جو سوشلسٽ ملڪ آهي. سنڌ جي حڪومت جيڪا سنڌي عوام جي ووٽن تي سنڌ ۾ حڪومت پئي ڪري، اها  نامعلوم سببن جي ڪري سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي قبضي ڪوششن خلاف ڪو به سگھارو آواز ڪونه پئي اٿاري.

سنڌ جي زراعت جي تباهي.

گذريل هڪ سال، سنڌ جي زرعي معيشت تي به گھڻا نقصانڪار اثر ڇڏيا آهن. اسانجي آبادگارن جي ڪڻڪ جي فصل، ڪپھه، باغن ۽ ڀاڄين کي ماڪڙ ڪافي نقصان پهچايو. انهي جو مکيه ڪارڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نااهلي هئي. 2019ع جي ماڪڙ جي ننڍي حملي کان پوءِ خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري ۽ ٻين ماهرن وفاقي حڪومت کي ٻڌايو هو ته 2020ع ۾ ماڪڙ جا ٻچا وڏا ٿي وڌيڪ نقصان ڪندا، انهي جي ڪري انهن ٻچن کي هوائي جهازن جي اسپري سان ختم ڪيو وڃي پر وفاقي حڪومت ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جهاز تڏهن گهرايا، جڏهن ماڪڙ وڏي ٿي اڏامڻ شروع ڪيو. انهي ۾ به وفاقي جهازن، پهريائين خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ اسپري شروع ڪيو ۽ سنڌ صوبي کي آخر ۾ وارو مليو. ساڳي وقت وفاق طرفان مقرر ڪيل اگھه تي آبادگارن کان سستي ڪڻڪ خريد ڪئي ويئي. جيڪا پوءِ سنڌ مان اسمگلنگ ٿي ايڪسپورٽ ٿي ويئي.

ساڳي ڪڻڪ عالمي منڊي ۾ مھانگي اگھه تي خريد ڪري ڪميشنون ڪمايون ويون. اڃان آبادگارن جو ماڪڙ مان ٿيل نقصان پورو ڪونه ٿيو هو ته موسمياتي تبديلين سبب تيز برساتن ڪپھه، ٽماٽن، مرچن ۽ ٻين فصلن کي سخت نقصان پهچايو. قدرتي آفتن کان سواءِ به هن سال سنڌ حڪومت جي دادلن واپارين ڪوڙو ٻج، نقلي  جيت مار دوائون ۽ ڀاڻ ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي وڪرو ڪيو،  جنهن جي نتيجي  ۾ فصلن جي پيداوار گھٽ لٿي ۽ سنڌحڪومت جي نااهلي، انهن کي قرضي ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ آبادگارن سان گڏ اڃان تائين عام شهري به ڀاڄين، کنڊ ۽ اٽي جي ڳري قيمت ڀري رهيا آهن. اسان جي ملڪ جي زرعي پاليسي ۽ حڪمت عملي ، وڏن زميندارن، زرعي سرمائيدارن ۽ وڏن ٽريڊرس جي حوالي آهي. ڪمند جي ملن جا مالڪ حڪومت کان اهڙو اگھه مقرر ڪرائين ٿا جنهن ۾ آبادگار جو نقصان ۽ سندن فائدو آهي. اهو فائدو وري ٻيڻو چوڻو ٿيو وڃي، جڏهن حڪومت کان اربين رپين جي سبسڊي وٺي ضرورت کان وڌيڪ کنڊ ڏيساور موڪلين ٿا. ٽريڊرس وري کنڊ جي کوٽ مان ڪمائين ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ وفاقي بيوروڪريسي ۽ حڪمران جماعتون وڏيون ڪميشنون ڪمائين ٿيون. اها صورتحال ٿوري گھڻي فرق سان سڀني مکيه فصلن سان لاڳو ٿئي ٿي پر سنڌ جي آبادگارن سان اضافي ناانصافي اها به آهي ته جڏهن سنڌ جي بصر ۽ ٽماٽي جو فصل لهي ٿو تڏهن وفاقي حڪومت ٻين ملڪن مان ٿيندڙ امپورٽ بند ڪونه ٿي ڪري ۽ نه ئي وري انهن جي فصلن کي ايڪسپورٽ جي وقت سر اجازت ڏئي ٿي

سنڌ جي ماحولياتي تباهي.

گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري عالمي اداري گھڻو وقت اڳ  اها وارننگ ڏني هئي ته “  انسان ذات جي ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجن قدرتي وسيلن جو ايترو استعمال ڪريو جو اهي به محفوظ رهن”. ان جي ابتڙ اسانجي وڏيراشاهي جي سنڌ حڪومت، ڪارونجھر مان  بيدردي سان گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ جا ٺيڪا پئي ڏيئي. ڪارونجھر جبل به روهڙي جي ٽڪرين جيان ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو وڃي. سنڌ جي سامونڊي پٽي، ان جا ٻيٽ ۽ سندن سامونڊي ماحولياتي سسٽم هٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا ٻيلا ۽ انهن ۾ رهندڙ جانور، پکي پکڻ اڳ ۾ ئي سنڌ جي جاگيردار شاهي قبضا ڪري ختم ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ جي خوبصورت منڇر به غلط پروجيڪٽن جي ڪري کاري پاڻي جي ڍنڍ بڻجي چڪي آهي ۽ ان ۾ رهندڙ مهاڻا تربيلا ڊيم لڏي ويا يا انهن اهو روزگار ڇڏي ڏنو. سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي ڪوتاهه نظري، حڪمران طبقن جي لالچ صرف هڪڙي نسل ۾ سنڌ جي ماحولياتي حسن کي تباھه ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي جيڪو بچيو آهي ان کي به تباھه ڪرڻ جا سانباها آهن. دنيا ۾ ماحولياتي حسن کي اجاگر ڪري سياحت وسيلي پرڏيهي ناڻو ڪمايو پيو وڃي، پر اسان وٽ حڪمران طبقن جو زور صرف تڪڙي منافعي تي آهي. اهي قدرتي وسيلا سنڌ جي سونهن آهن، سنڌ جي ثقافت انهن خوبصورتين مان جڙي راس ٿي آهي. انهي جي ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته سال 2021ع ۾ سنڌ جي ماحولياتي اثاثن کي سنڌ جي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ سموريون ڌريون عوام سان گڏجي قدرتي ماحول کي بچائين ۽ حڪمرانن جي نااهلي، سازشن ۽ غلط فيصلن کي وائکو ڪن ۽ کين روڪين.