سنڌ حڪومت صوبي اندر ڀرتي ڪيل 193 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت پاران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 193 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري صحت کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڄامشورو ضلعي جا 7، حيدرآباد جا 22، شهيد بينظير آباد جا 15، نوشهروفيروز ۽ سانگھڙ جا 2_2 ڊاڪٽر برطرف ڪيا ويا. سکر جي 15، گھوٽڪي جي 6، خيرپور جي 14، لاڙڪاڻي جي 5، قمبر_شهدادڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي هڪ هڪ ڊاڪٽر کي برطرف ڪيو ويو. نوٽيفيڪيشن موجب جيڪب آباد ضلعي جي ٽن، ميرپور خاص جي 9، عمرڪوٽ جي ٻن، ٿرپارڪر جي 5، ڪراچي سينٽرل جي 9، ملير جي 14، اوڀر ضلعي جي 49 ۽ ڏکڻ جي هڪ ڊاڪٽر کي جوائننگ نه ڪرڻ تي برطرف ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن پاران ڊيوٽي جوائن نه ڪندڙ وڏي ڄمار وارن ۽ استعفيٰ ڏيڻ وارا ڊاڪٽرشامل آهن جن کي برطرف ڪيو ويو آهي