سنڌ حڪومت جو 24 ڪلاڪ ڪاروبار کولڻ جي اجازت کان انڪار: واپارين طرفان اڄ زوريءَ مارڪيٽ کولڻ جو اعلان

ڪراچي :- سنڌ حڪومت ۽ واپارين ۾ 24 ڪلاڪ ڪاروبار کولڻ واري معاملي تي ڊيڊلاڪ برقرار، واپارين پاران اڄ زبردستي سيل ٿيل مارڪيٽن سميت سمورا دڪان کولڻ جو اعلان، سنڌ سرڪار پاران حڪومتي رٽ چيلينج ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو. ڪراچي جي ڪمشنر آفيس ۾ حڪومتي ڪميٽي طرفان ناصر شاهه، امتياز شيخ، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب پهچي واپارين جي وفد سان ڪاروبار کولڻ بابت ڳالهيون ڪيون، گڏجاڻي دوران واپارين حڪومتي کان ڪميٽي کان عيد تائين سيل ٿيل مارڪيٽن کولڻ ۽ 24 ڪلاڪ ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن تي حڪومتي ڪميٽي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته پهريون ئي ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب وڏو وزير واپارين سان ناراض آهي، ان ڪري 24 ڪلاڪ ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي. جنهن بعد واپاري اڳواڻ احتجاجن اجلاس مان اٿي هليا ويا، واپارين اجلاس مان ٻاهر نڪرڻ بعد سيل ٿيل مارڪيٽن سميت اڄ سمورو ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان 31 مئي واري فيصلي تي قائم آهيون، اين سي جي گڏجاڻي ۾ طئي ٿيو هو ته شاپنگ مال نه کلندا، تنهن ڪري في الحال شاپنگ سينٽر بند رهندا، دعا ڪيو ته ڪورونا وائرس ختم ٿي وڃي ته پوءِ سڀ ڪجهه کلي ويندو، امتياز شيخ چيو ته سنڌ حڪومت ننڍن مارڪيٽن جي وقت ۾ تبيديلي ناهي ڪئي، جيڪڏهن واپارين طرفان زبردستي ڪاروبار کوليو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.