سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف بوٽ ريلي بُنداڙ ٻيٽ وٽ احتجاج بعد واپس

ڪراچي :- سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف بوٽ ريلي بُنداڙ ٻيٽ وٽ احتجاج بعد واپس، بوٽ ريلي ۾ مهاڻن سوڌو قومپرست، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي شرڪت، عورتون به وڏي تعداد ۾ موجود، فشر فوڪ فورم طرفان ابراهيم حيدري ۾ جلسي جو اعلان، محمد علي شاهه چيو آهي ته اهلڪارن ڏنگي تي جلسو ڪرڻ نه ڏنو، بُنداڙ ٻيٽ تي ماڻهن جي گنجائش نه هجڻ سبب ابراهيم حيدري ۾ جلسي جو فيصلو ڪيو، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊينس واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.