what makes creative writing different from technical writing celts homework help phd research paper writing service famous creative writing quotes creative writing club flyer ww2 leaders homework help creative writing description of a painting common mistakes in research proposal writing university of edinburgh creative writing society doing homework cartoon gif australian essay writers geometry homework help slader

سنڌ جي ٻيٽن بابت وفاق جي هٺ ڌرمي جو سوال: نواز خان زئور

ماڻهن ۾ زمين جي ۽ زمين ۾ ماڻهن جي خوشبو ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي سرزمين تان ڪڏهن تڙجي ويندا آهن يا رضاڪاراڻي طور تي ئي ترڪِ وطن ڪندا آهن، ته ٻه ٽي پيڙهين پڄاڻان منجھانئن سندن اصل وطن جي خوشبو جھڪي ٿيڻ لڳندي آهي. ايئن ئي جي ڪائي سرزمين پنهنجن اصلوڪن ماڻهن کان خالي ٿي ويندي آهي ۽ ڌارينءَ والار هيٺ اچي ويندي آهي ته ان جو سڄو نڪ نقشو، بت بيهڪ، خوشبو ۽ مزاج بدلجي ويندو آهي ۽ منجھانئس صدين جو دلربا ساءَ موڪلائي ويندو آهي. جڏهن صدر پاڪستان اهو چوي ٿو ته ”ٻيٽ اِتي ئي پيا هوندا، وفاق اهي کيسي ۾ وجھي کڻي نه ويندو“، تڏهن ان ڳالهه منجھان سندس تاريخي لاعلميءَ جو اظهار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ جو ڪو مخصوص ٽڪرو تاريخ جي ڪنهن مخصوص، منفي ۽ هاڃيڪار اٿل پٿل جي ور چڙهڻ جي باوجود جاگرافيائي يا طبعي طور تي رهندو ته اُتي ئي