سنڌ جي موجودہ صورتحال ۽ اسان جي ذميواري : سارنگ جويو

سنڌ ھن وقت گھڻ رُخي خطرن جو شڪار آھي، ھڪ طرف سنڌ جي سياسي پارٽين تي بندشون ھڻي، انھن کي دھشتگرد قرار ڏئي، سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري خوف ۽ حراس پئدا ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف ھٿرادو ھيرا پئدا ڪري ننڍن ننڍن مسئلن کي اُٿاري ماڻھن جو حقيقي مسئلن کان ڌيان ھٽائي، انھن کي ڊي پوليٽيسائيز ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف نام نھاد ترقياتي منصوبن جي صورت ۾ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، گرين سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون ميگا سٽيز ٺاھي، اُتي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ڌاري آبادڪاريءَ کي آباد ڪري سنڌين کي مڪمل طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون تيزيءَ سان ڪوششون ٿي رھيون آھن، ٽئين طرف جھمپير ونڊ پاور پلانٽ، ٿر ڪول، ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جوڙي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي تيزيءَ سان ڦُرلُٽ ڪئي پئي وڃي، ۽ اھو سڀ ڪجھ سيپيڪ جي پروجيڪٽ کي تحفظ ڏيڻ ۽ ان کي فنڪشنلائيز ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. ياد رھي تہ چائنا پاڪ ڪاريڊور دراصل ۾ چائنا جي اڪانامڪ پلان ون بيلٽ ون روٽ جو حصو آھي، ھن اڪانامڪ روٽ ذريعي چائنا پنھنجا پراڊڪٽ ڪراچي پورٽ ۽ گوادر پورٽ ذريعي سينٽرل ايشيا، گلف ۽ يورپ تائين پھچائي ۽ اتان تيل ۽ ٻيون شيون پاڻ وٽ سستي اگھ تي گھرائڻ چاھي ٿو. ھي پراجيڪٽ مڪمل طور چائنا جي فائدي ۾ آھي، ان مان اسان کي ڪو بہ فائدو ناھي، خود ھن ملڪ ھي سينيٽ جو بيان اھي تہ ان اقتصادي روٽ ذريعي چائنا کي 91 سيڪڙو فائدو آھي، باقي 9 سيڪڙو فائدو ھن رياست يعني فوج کي آھي. ھتان جي عوام عالمي سرمائيداري جي ٻٽي غلاميءَ جو شڪار بڻبو، ھڪ طرف ھن رياست جي فوج ۽ ٻين صوبن جي وڌندڙ آبادڪاري ۽ ٻئي طرف چائنا مان ايندڙ لکين چائني ھتان جي نہ ڊيموگرافي کي بگاڙيندا پر ان سان گڏ، اسان جو زمينون، اسان جا وسيلا ۽ روزگار جا ذريعا پڻ اسان جي ھٿن مان مڪمل طور نڪري ويندا ۽ اسان کي ريڊ انڊين بڻايو ويندو. مٿان وري اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي جياپي سنڌو درياءَ مٿان ديامير ڀاشا ڊيم ٺاھڻ جو افتتاح ڪري سنڌ کي مڪمل بنجر بڻايو پيو وڃي، ياد رھي تہ سنڌو درياءَ مٿان ھن وقت تائين تربيلا ڊيم، منگلا ڊئم، ٿل ڪئنال، چشما ڪئنال ۽ ٻيا اھڙا ڪيترائي پاڻي جي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي پُڇڙي يعني سنڌي ماڻھن جي رضامندي کان سواءِ ٺاھي، سنڌ جي ڊيلٽا کي تباھ ڪيو ويو آھي، سموري ڊيلٽائي تھذيب تباھ ٿي وئي آھي، ڊيلٽا جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون سمنڊ جي چاڙھ جي ڪري ڪلراٺيون بڻجي چڪيون آھن، ٺٽي ۽ بدين جون ڪيتريون ئي ديھون سمنڊ پائي چُڪو آھي، ھڪ اندازي موجب 80 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينون سمنڊ پائي چُڪو آھي، سمنڊ ۾ مٺي پاڻي نہ اچڻ جي ڪري ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون ختم ٿي ويا آھن، تمر جا ٻيلا تباھ ٿي ويا آھن، انھن تمر جي ٻيلن ۾ ھزارين قسمن جي مڇين جي افزائش ٿيندي ھُئي، اھا ختم ٿي وئي مطلب مڇين ۽ ٻي آبي جيوت جي نسل ڪشي ٿي وئي آھي، لکين ماڻھو بيروزگار ٿيا آھن ۽ لکين ماڻھن لڏپلاڻ ڪئي آھي. مٿان ھي وري ديامير ڀاشا ڊيم ٺاھي مڪمل سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاھين پيا، ھن وقت بہ 80 سيڪڙو درياءَ جو پاڻي زھريلو ٿي چُڪو آھي، جر کارو ٿي چُڪو آھي، ان سنکئي جو وڏو تعداد آھي، جيڪو نقصانڪار آھي. اسان لاءِ تہ 1991 وارو پاڻي اڪارڊ بہ نقصانڪار آھي، جنھن ۾ 10 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو، ھي تہ ان تي بہ عمل نہ ٿا ڪن، جڏھن تہ ڊائون اسٽريم ۾ 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ضرورت آھي. پر ھتان جا پي پي جا حڪمران جن کي سنڌي ماڻھن ووٽ ڏئي ايوانن ۾ ويھاريو آھي، اھي ان ظلم ۽ ڦُرلُٽ جا ڀاڱي ڀائيوار آھن، انھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ آجو نہ ٿو ڪري سگھجي، اھي نااھل حڪمران اسان جي ماڻھن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ انھن جي احساسن سان کيڏندي اجرڪ جون نمبر پليٽون ۽ اجرڪ ماسڪ ٺاھي ڏيڻ جھڙا لالي پاپ ڏئي، سنڌ جون زمينون کپائي، ڀاشا ڊئم ٺاھڻ جي حامي ڀري، وسيلن جي ڦُرلٽ ڪرائي جيڪو ٽُڪر اين ايف سي ۾ ملي ٿو اھو پنھنجي ڪرپشن ذريعي ھڙپ ڪن ٿا. ان ڪري اچو تہ اصل پرماري قوتن سان گڏ انھن جي ساٿارين خلاف بہ متحد ٿي جدوجھد ڪريون نہ تہ ھيءَ ڌرتي ۽ ان جا وسيلا اسان جي پيرن جي ھيٺان ايئن ئي تيزي سان نڪرندا رھندا ۽ ان ظلم خلاف اسان غيرمنظم ھجڻ جي ڪري کنڀي گم ڪيا ويندا رھنداسين.

ان ڪري اچو تہ ھڪ منظم سياسي تنظيم جوڙي مُتحد ٿي ڪري مستقل مزاجيءَ سان جدوجھد ڪريون، ڇو تہ سنجيدہ ۽ مستقل مزاج واري سياسي جدوجھد ئي ان جو واحد حل آھي.