creative writing on spring day words to use for creative writing creative writing personal stories creative writing story openings cnn creative writing bundle review best online mfa creative writing nonfiction creative writing tasks cover letter price list pay to write my essay morning walk creative writing science homework help app bbc bitesize ks2 english creative writing

سنڌ جي سونهن ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر مان گرينائيٽ جو قيمتي پٿر ڪڍڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو

ننگرپارڪر/ اسلام ڪوٽ := ڪارونجهر کي ڪوري گرينائيٽ پٿر کڻڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو، انتظاميا معاملي کان لاتعلق بڻيل. خبر موجب ٿر جي تاريخي، فطري ۽ ثقافتي اثاثي ڪارونجهر کي ڪوري پٿر کڻڻ جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. سنڌ جي سونهن ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر مان روزاني بنياد تي گرينائيٽ جو قيمتي پٿر ڪوري ڪڍڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالھه ننگرپارڪر ڀرسان هيوي مشينريءَ سان ڪوري ڪٽي کنيل هزارين مڻ پٿرن سان ڀريل ٽرالر اسلام ڪوٽ کان اڳتي ويندي نظر آيو پر انتظاميا ان معاملي کان لاتعلق بڻيل رهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي خوبصورت تاريخي جبل جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. ذريعن موجب ڪارونجهر جو پٿر سگهاريون ڌرين کي ليز تي ڏيڻ سبب انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. ٻئي پاسي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکئي کوسي ٻڌايو ته ڪارونجهر کي کوٽڻ تاريخي ويساهه گهاتي آهي. هن ٻڌايو ته پارڪر ۾ اڪثر هنڌن تي پهاڙيون آهن ۽ اتي پاڻي به موجود آهي، جتي پهاڙيون نه آهن اتي زيرزمين پاڻي موجود ناهي. هتان جا ماڻهو صدين کان ڪارونجهر سان هٿچراند خلاف دانهيندا پيا اچن، ڇو ته ڪارونجهر  علائقي واسين لاءِ گاهه، ماکي، ڪاٺين ۽ چوپايو مال جي چراهگاه سان گڏ تاريخي، سياحتي ۽ ٽقافتي اثاثو آهي، جنهن جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي