سنڌ جي سالميت تي جيڪو حملو ٿيو، اسيمبلي مان اُن خلاف به ٺهراءُ پاس ڪرائينداسين: مراد علي شاه

ڪراچي : سنڌ جي سالميت تي جيڪو حملو ٿيو، اسيمبلي مان اُن خلاف به ٺهراءُ پاس ڪرائينداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ طاقت سان آرڊيننس کي واپس ڪرايو ويندو، ٻيٽ ته ڇا، همت اٿئو ته سنڌ جو هڪ انچ به اسلام آباد منتقل ڪري ڏيکاريو، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته واضح ٿي ويو ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس لاءِ پوليس مٿان دٻاءُ وڌو ويو، جاچ ۾ خبر پئجي ويندي ته گرفتاري ڪنهن ڪرائي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پوليس سان اهڙي قسم جو ورتاءُ ٿيو آهي، اسان سنڌ پوليس سان گڏ آهيون.