سنڌ جي جيلن ۾ قيد ننڍن ڏوهارين کي مراد علي شاهه رعايت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :- وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي جيلن ۾ قيد ننڍن ڏوهارين کي رعايت ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ صورتحال ۾ سنڌ جي جيلن ۾ قيد 16 هزار قيدين مان جن تي معمولي ڪيس آهن انهن کي رعايت ڏني وڃي ۽ جيڪي قيدي سزا پوري ڪري چڪا آهن پر ڏنڊ ادا نٿا ڪري سگهن، انهن جي ڏنڊ جي رقم حڪومت ادا ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۾ صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري ۽ آءِ جي جيل سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هوته سنڌ جي جيلن ۾ 16 هزار قيدي آهن، آئون چاهيان ٿو ته جلين ۾ قيدين جو انگ گهٽ ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪي قيدي معمولي ڪيسن ۾ قيد آهن ۽ سزائون پوريون ڪري چڪا آهن،پر ضمانت نه ٿيڻ ڪري آزاد ناهن ٿيا انهن کي رعايت ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته جيڪي قيدي سزائون پوريون ڪري چڪا آهن ۽ ڏنڊ جي رقم ادا نٿا ڪري سگهن انهن جي ڏنڊ جي رقم سنڌ سرڪار ادا ڪندي. وڏي وزير چيو ته هر قيدي، ان جو ڏوهه، قيدي جي عمر، جيل ۾ رکڻ جي تاريخ، انڊر ٽرائل قيدين سميت صحت جي حوالي سان فهرست تيار ڪئي وڃي ۽ پوري مشق مونکي اماڻي وڃي، آئون قانون جي حساب سان جائزو وٺي فيصلو ڪندس ته ڪيترن قيدين کي آزاد ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته جيلن اندر قيدين جي صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ انهن کي هڪ ٻئي کان پري رکيو وڃي.