سنڌ جو ڏاهو محمد عثمان ڏيپلائي

سالگرهه جي مناسبت سان

سنڌي ادب جو هڪ دور اهڙو رهيو آهي، جنهن ۾ رجعت پسند اديبن ۽ ترقي پسند اديبن جي وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ هلي، ادب جو جدت طرف وڌڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ هر دور ۾ هر خطي ۽ هر ٻوليءَ جي ادب ۾ جدت ۽ جديد لاڙا متعارف ٿيندا رهيا آهن پر جڏهن سنڌي ادب روايتي ۽ تقليدي قيد جي مضبوط زنجيرن مان پاڻ ڇڏائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ۽ مقصديت سان سلهاڙيل ادب سرجڻ لڳو ته ان وقت قدامت پسند سوچ رکندڙ اديبن جي وڏي حلقي ترقي پسند اديبن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ خاص طور شيخ اياز تي گهڻي الزام ڪشي ڪئي وئي، جيل جي سختين هيٺ رکيو ويو، پر جيئن مان اڳئي بيان ڪري چڪو آهيان ته ادب جو جدت ڏانهن وڌڻ فطري عمل آهي، جنهن کي جمودي قيد ۾ بند ڪرڻ ايئن آهي، جيئن سمنڊ کي لَٽي ڇڏڻ جي ڪوشش. بهرحال جڏهن شيخ اياز ۽ ٻين ترقي پسند اديبن خلاف پروپيئگنڊا ڪئي وئي ۽ انهن تي تهمتون لڳايون ويون ته ان وقت سنڌ جا عظيم ذهن جاڳي پيا ۽ اهڙيون تاريخي تحريرون لکيائون جو دنيا پوري حيران رهجي وئي. اُنهن ڏاهن ۽ فڪر جي نئين واٽ ڏيکاريندڙ ترقي پسند اديبن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو شمار صفِ اول ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جو بلند پايا اديب، سٺو شاعر، نامور نقاد، مرتب، مترجم، محقق، ناول نويس، افسانا نويس، ڊراما نگار، صحافي ۽ چوٽيءَ جو ڏاهو عالم هو. سندس مزاحمتي ادب ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو اُن کي بيان ڪندي ثمينا ميمڻ لکي ٿي ته ”ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هُو مزاحمتي ادب جو سرجيندڙ سرواڻ هو“ سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد هن لاءِ لکيو آهي ته ”هُن جي سموري زندگي هڪ جذباتي ۽ مخلص انسان جي عمل ۽ ردعمل جي مختلف مرحلن مان گذري آهي، هڪ حد تائين منهنجي حالت به اهڙي رهي آهي“. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي صاحب سندس لاءِ لکيو آهي ته ”محترم ڏيپلائيءَ جي زندگي هيرو جي زندگي رهي آهي.نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾، ڏيپلائي صاحب رڳو، قلم کان ئي ڪم ڪونه ورتو آهي. سندن زبان، هن جهاد ۾ سندن قلم کان وڌيڪ  مصروف ۽ مستعد رهي آهي“. پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته ”هن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي، مگر قوم کان معاوضو نه ورتو..ايترو لکيائين، جو سندس جسماني قوتون جواب ڏئي ويون، مگر همت نه هاريائين“. ڊاڪٽر غلام علي علانا صاحب کيس ”سنڌ جو امر اديب“ سڏيو آهي، جمال ابڙي هن لاءِ لکيو آهي ته ”هن جي دل ۾ غريب عوام لاءِ ڀرپور همدردي هئي ۽ هاري ۽ پورهيت جو ڀلو چاهيائين ٿي“ شمشير الحيدريءَ کيس ”نون خيالن وارو انسان دوست“ سڏيو آهي، ڊاڪٽر فهميده حسين کيس ”هڪ ڪميٽيڊ انسان“ سڏيو آهي، عنايت بلوچ کيس ”هڪ انقلابي انسان“ ته امداد حسينيءَ  کيس ”هڪ انقلابي شخصيت“ سڏيو آهي، مظهرالحق صديقي صاحب وري کيس ”درد وند دل وارو مجاهد“ سڏيو آهي، شيخ اياز کيس پنهنجو محسن تسليم ڪيو آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ سندس لاءِ لکيو آهي ته ”هڪ بيباڪ صحافي، سچو ۽ کرو نقاد، روشن خيال، ترقي پسند، محبِ وطن ۽ بهترين ناول نگار هو. مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس تحرير دلڪش، ٻولي سولي ۽ سليس آهي. سندس تحريرون منفرد طرز جي لحاظ کان اعليٰ ۽ اُتم آهن“ اهڙي طرح سنڌ جي سمورين مهان شخصيتن کيس ڏيپلائي صاحب کي ڀيٽائون ڏئي مان ڏنو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي جي والد جو نالو حبيب الله ميمڻ هو، هن 13 جون 1908ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي سهڻيءَ مٽيءَ تي ڏيپلي ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪيائين، جتي هر امتحان ۾ سڀني کان وڌيڪ نمبر کڻي پاس ٿيندو رهيو. سال 1968ع ۾ سٺ ورهن جي عمر ۾ عثمان صاحب حيدرآباد جي اسڪول مان ميئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل به ڪيائين. هن عظيم ذهن انسان جي علم، ڄاڻ، عقل، علم ذوقيءِ ۽ تيز فهميءَ جي جيتري ڳالهه ڪجي گهٽ آهي، کيس علم نجوم، علم رمل، علم جفر وغيره جي به خاصي ڄاڻ هئي ۽ هُن پنهنجي محنت ۽ ذهنيت سان اردو، عربي، فارسي، گجراتي، هندي وغيره ٻوليون بنا ڪنهن اسڪول يا مدرسي جي سکيون، شروعاتي وقت ۾ پاڻ واپار ڪيائين، منشيءَ ۽ ڪلارڪي جي ملازمت به ڳپل عرصي تائين ڪئي هئائين، صحافت جي شروعات پرائمري اسڪول جي زندگي کان ڪيائين ۽ ڪلاس فيلو شاگردن سان گڏجي هڪ اخبار ”دستي“ ڪڍيائين. هن لکڻ جي شروعات 1924ع ۾ هڪ مضمون لکڻ سان ڪئي هئي، جيڪو محمد بن قاسم تي لکيل مضمون هو ۽ اردو جي ”منادي“ رسالي ۾ شايع ٿيو هو. ان کان پوءِ 1927ع ۾ ”چنڊ سهڻو يا انسان“ جي عنوان هيٺ پهريون افسانو لکيائين، جيڪو ”ترقي“ رسالي ۾ 1927ع ڌاري شايع ٿيو هو، هن 1941ع ۾”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“ جي عنوان هيٺ پهريون ناٽڪ لکيو هو. پهريون شايع ٿيندڙ ڪتاب 1925ع ۾ ”قرآني دعائون“ 1938ع ۾ پهريون ناول ”سنگدل شهزادي“ جي عنوان هيٺ شايع ٿيو، محترم محمد عثمان ڏيپلائي سچ ته هڪ پورو ادارو هو، جنهن تمام گهڻا علمي، ادبي سلسلا هلايا ۽ جاري ڪيا، جن ۾1969ع ۾ ماهنامه ساڻيهه، 1969ع ۾ روزاني سنڌ ٽائيمس، 1938ع ۾ اسلاميه دارالاشاعت، 1949ع ۾ قرآن ڪمپني، 1941ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلو، 1943ع ۾ هفتيوار عبرت، 1948ع ۾ قرآن پريس، 1949ع ۾ اداره لطيفي، 1952ع ۾ اداره انسانيت، 1953ع ۾ روزاني عبرت،  1957ع ۾ ماهوار انسان،  1959ع ۾ هفتيوار رسالو انسان، وغيره شامل آهن. سنڌ جي هن بيباڪ عاشق ڪيترائي دفعا جيل جون سختيون به سٺيون، کيس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي انعام ۽ اعزاز به حاصل ٿيا، سندس ڪيترائي ڪتاب ضبط به ڪيا ويا، سندس ڪيترن ئي جاري ڪيل ادارن، رسالن ۽ اخبارن تي باپنديون لڳايون ويون پر هن دلير ۽ برجستي عالم ڪڏهن به ماٺ ڪري ويهي رهڻ تي نه سوچيو ۽ سچ ۽ حق جون ڳالهيون بهادريءَ سان لکندو رهيو. سندس اڻ ڳڻيا مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا، جيڪي تمام گهڻا معياري، ڪارائتا ۽ اثرائتا هئا، سندس تصنيفن جو سلسلو ته تمام ڊگهو آهي، ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون شوڪت اسلام، عروج اسلام، جلوه اسلام، فتح اسلام، گمراهه مسلمان عرف هندو- مسلم اتحاد، فتح ايران، سومناٿ جي سندري عرف گجڻيءَ جي دانهن، غازي محمود غزنوي، غازي اورنگزيب، گلستان حسن عرف ڪوهه ڪاف جي پري، هوشربا شهزادي، سنگدل شهزادي، نازنين سمرنا، حور بغداد، آفريقا جي شهزادي، شيوا جي شيش محل، چين جو چنڊ، قسطنطنيه جي شهزادي، جنگ ترڪ و جرمن، فتح المقدس، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، احمد شاهه ابدالي، مينا بازار، ڏاهري رنگ محل، سبڪتگين ۽ جئه پال، فتح يرموڪ، بلبل ايران، هندستان کان پاڪستان، ڪُتي جو……؟، افضل شهيد، قومي آزاديءَ بابت ناول،1857ع جي آزاديءَ جي جنگ، قرآني دعائون، گلشن عبرت، امڙ (ناول)، سانگهڙ (ناول)، انقلاب ايران، ڏاهري رنگ محل، گلستانِ حسن، آزاديءَ جي جنگ، غازي انورپاشا، جپاني گُڏي، شيخ المشائخ، اسلامي تاريخي ناول، روم جي راڻي عرف شڪست حسن، هوشربا نازنين، ڪارا ڪافر، نازنين يورپ (ٻي صليبي جنگ)، دخترانِ اسلام، شاهه امان الله، فتح فلسطين، نيل ڪنوار عرف فتح مصر، غازي صلاح الدين، فتح اسپين عرف عصمت جي قيمت، آخري اميد، ڪاشيءَ جا پاپڙ، ڪنيز اسلام، ٽيپو سلطان، حيدرعلي، ايراني شهزادي، شير شاهه ۽ همايون، نورِ توحيد، شير ايران، غازي مصطفيٰ ڪمال، غازي انورپاشا، ڪنول ڪلي، سانگهڙ، سمرقند جو صوف، سسي نيزي پاند، ڪوريا جي ڪنوار، مجاهد ڪشمير، انقلاب ايران، ريف جو مجاهد، سوڊان جي سونهن وغيره شامل آهن، ان کان علاوه ڪجهه ڪتاب اهڙا به هئا جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ قسطوار ڇپيا پر شايع نه ٿي سگهيا، سندس ٻيا ڪيترائي افسانن جا مجموعا، ڊرامه ۽ ٻيون مختلف تحريرون پڻ آهن، جن کي اختصار جي ڪري هتي رکي نٿو سگهجي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون علمي، ادبي، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي بي بها ۽ بي انت خدمتون ڏسي هر ماڻهو اهو قبول ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ته محمد عثمان ڏيپلائي هڪ تاريخ ساز شخصيت هو، هُو هڪ ديومالائي ڪردار هو ۽ هو هڪ شخص نه پر هڪ پورو ادارو هو، هڪ پوري تاريخ هئي، هو هڪ گهڻ طرفو مطالعو ۽ مشاهدو رکندر محقق، نقاد ۽ تخليقڪار هو، هو پنهنجي ذات ۾ جذباتي شخص هو ۽ اها عام چوڻي آهي ته جذباتي انسان پرخلوص هوندا آهن. سنڌ جو هي ترقي پسند اديب، املهه انسان، سماج سڌارڪ، ڪميٽيڊ انقلابي ليکڪ، گهڻ پاسائين ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ محمد عثمان ڏيپلائي 73 سال جي زندگي گذاري 7 فيبروري 1981ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو هو، پاڻ هڪ هنڌ لکيو هئائين ته ”سنڌ جي باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ اهڙو ظلم روا رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين، چينين سان ڪيو. فلسطين جي عربن تي يهودين ڪيو ۽ فرينچن الجيريا ۾ ڪيو“.

صدام جوکيو