سنڌ جو عوام ٻيٽن تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندو، غيرآئيني ۽ غيرقانوني آرڊيننس خلاف پيپلز پارٽي سڀني کان اڳيان هوندي: وڏو وزير

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بيحس ۽ مهانگائي برپا ڪندڙ حڪمرانن کي عوام هاڻي وڌيڪ عرصو برداشت نه ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي وائڙائپ ۽ خوف واضح طور نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت پاڻ ادارن کي سياست ۾ گهليو آهي. عمران خان عدليه جي ڪارڪردگي جي باري ۾ به ڳالهايو آهي، اُميد ته عدليه سندس بيان جو نوٽيس وٺندي، وزيراعظم کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي، هو ڪير ٿيندو آهي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ جو عوام ٻيٽن تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندو، غيرآئيني ۽ غيرقانوني آرڊيننس خلاف پيپلز پارٽي سڀني کان اڳيان هوندي