سنڌ جو عاشق عبدالواحد آريسر

                         عبدالواحد آريسر سنڌ جي قومپرست سياست جو گهڻ پڙهيو اڳواڻ هجڻ سان گڏ تحرير ۽ تقرير جي فن مهارت جي آسمان جو ڪتب تارو هو. قومپرست سياست جي بانيڪار سائين جي ايم سيد جي شارح  ۽ سنڌ جو ابوالڪلام آزاد  جو لقب ماڻيندڙ آريسر صاحب جي لفظن جي ادائيگي ۾ سنڌ سان ٿيل ظلمن لاءِ خليفي نبي بخش جو سر ڪيڏارو به هئو ته حب الوطني سان سرشار لطيف جو سر ماروي به هئو، ته سيد جي سنڌ دشمنن سان نفرت جو اظهار ڏند ڪرٽڻ واري جهلڪ به هئي، ته سنڌ جي تاريخ جي ممتاز ليکڪ شيدائي جو ادائون به شامل هنيون.آريسر صاحب جڏهن پنهنجي رهنما کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي ڊائيس طرف وڌنڌو هئو ته ميڙين مچ وانگر سنڌ جا عاشق قطارون ڪري بيهي ويندا هئا ۽ جڏهن مائيڪ اڳيان ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو ،  هيءُ جو پوڙهو جهور ۽ ٻين قومي شاعرن جي تخليقن سان جڏهن تقرير جي شروعات ڪندو هئو ته مخاطب پنهنجي وطن جي آزادي جي متوالي جا گيت ٻڌڻ دوران ڪنڌ جهڪائي خاموشي سان پنهنجي ذهنن کي سرشار ڪندا هئا. سندس تقرير جي جوهرن کي پنهنجي سيني ۾ سمائي سنڌ جي ازالي آواز بڻجڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.آريسر صاحب سنڌ جو رومانس عاشق هئو، ان عشق سندس کي ملائيت جي لباس لهرائي سنڌ جي صدين جي آواز جو پڙلاءُ بڻائي ڇڏيو. منهنجي آريسر صاحب سان ملاقات کان اڳ سندس جا ڪجهه ڪتاب صدين جو صدائون، ڇا ته شخص هئو، مجيب ۽ ڀٽو، ترم ياترا پڙهيل هئا. سندس نثر ۾ لفظن جي ادائگي جو مان ديوانو هئس. جنهن ڪري سندس سان منهنجو، ادب جي شاگرد طور چاهه جو ٻنڌڻ ٻڌجي ويو هئو. پوءِ مان جڏهن آريسر لفظ ٻڌنڌو يا  پڙهندو هئس ته منهنجي ذهني اوثر ازخود اڳتي پير پائيندي هئي.منهنجي آريسر صاحب سان پهرين ملاقات ڪامريڊ غلام محمد گاڏهي ڪميونٽي سينٽر خيرپورناٿن شاهه ۾ ڪرائي) پوءِ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهڻ دوران سندس سان ويجهڙائي منهنجي پاڙيسري، قومپرست شاگرد سياست جي اڳواڻ ۽ سندس ويجهي ساٿي ڊاڪٽر خادم لاکير جي رهائش تي آمدن جي ڪري ٿي. ڊاڪٽر ٻاهر ڊيوٽي تي هجڻ ڪري آريسر جي خدمت ۾ منهنجو سٺو وقت گذرندو هو. پوءِ جڏهن مان آريسر صاحب کي روبائي خيالن جي خمار ۾ ڏسندو هئس ته مونکي سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سياست جي علم جو سمونڊ ڇوليون کائيندي نظر ايندو هئو، علم جي ان ڏاهي جي اکين مان غور ڪندس هئس ته مونکي سنڌ تي حملي آور،  ڌارين،  ڪاهه ڪندڙ اربن، ترخانن، مغلن ۽ ٻين سامراجن ۽ ان جي روحاني نسلي اولادن کان سنڌ جي ازالي روح کي رنجائڻ وارن لاءِ نفرتن جي بنا ساهي، باهه ڀڙڪندي نظر ايندي هئي. جڏهن سندس هٿن تي تڪيندو هئس ته سندس قلم جي ڪاپار جو تيک سامراجن جي سيني تي مڱ ڏريندي نظر ايندا هئا. سندس هٿن ۾ اهو قلم ڪڏهن مظلوم محڪوم جي دامن ڇڏيندي نظر نه آيو. ٽارچر سيلن، جيلن ۽ ٻين اذيتن ۾ گهاريندڙ سندس ڪمزور ضعيف هڏائي پڃري کي ڏسندو هئس ته وقت جي حاڪمن اڳيان سنڌ جي ازالي آواز جو نه ٿڪجندڙ، پاڻي ڦري لاءِ تڙپندڙ پياسو سنڌ جو سحرا احتجاج ڪندي نظر ايندو هو.

 آريسر صاحب جي گفتگو جو مرڪز عشق سنڌ هو، ڪثير مطالعي مان تاريخ،   سياست، فلسفي جو تمام وڏو ڄاڻو هو. برصغير جي چوٽي جي سياستدان مان ابوالڪلام آزاد جو ياد حافظ هئو، سائين جي ايم سيد جو پروانو هو،جنهن متعلق ڇا ته شخص هو، ڪتاب عڪاسي ڪري ٿو. مهاتما گاندي جي عدم تشدد سان پيار ڪندڙ هو. وسيع لفظن جي ذخيري مان تقرير ڪرڻ دوران لفظ قطارون ڪري چناءُ لاءِ انتظار ڪندا هئا ته مونکي استعمال ڪيو. هوءُ سنڌ جي عشق ۽ ايمان سان ڀريل مجسمو هئو.سندس لفظن جي جادوگري اڄ جي نقلي دانشورن وانگر ونگاري نه هئي ،پر ها ماروئڙن، جهانگيئڙن ، مزدورن،  پيڙهيل طبقي جي خوشحالي جي ضامن وطن جي آزادي لاءِ سرشار هئي. جنهن کي ڀٽو به پنهنجي ونگار وهڻ لاءِ خريد نه ڪري سگهيو.دنيا جي سموري عيش، عياش آرامن واري زندگي کي ٿوڪاري “ايءُ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي ” ٿر  جي ماروي جي لڄ ۽ لوئي جو آريسر صاحب محافظي ڪندي ابدي آرامي ٿيو.

مون سي ڏٺا ماء, جنين ڏٺو پرئين کي

تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي