سنڌ جون قومپرست ڌريون ۽ پي ڊي ايم: ليکڪ نصير ميمڻ

گذريل هفتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي صدر نثار کهڙي سنڌ ۾ قومپرست پارٽين سان رابطا شروع ڪيا آهن، جنهن هيٺ هن ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان پهرين ملاقات ڪئي آهي. ان ملاقات جا تفصيل سوشل ميڊيا وسيلي سامهون آيا آهن، معمول جيان سوشل ميڊيا تي ان ملاقات مٿان تبصرن جي ڀرمار شروع ٿي چڪي آهي، جن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ تجزياتي ڪمينٽ ڇڏي باقي ردعمل وارا جملا نظر آيا آهن.

سياست بنيادي طور تي آهي ئي رابطن ۽ ڳالهين جو جهان، وڏي کان وڏا نظرياتي اختلاف يا انتهائي مختلف نوعيت جا موقف رکندڙ ڌريون به سياسي حوالي سان ڳالهه ٻولهه هميشه جاري رکنديون آهن، ان کان سواءِ سياسي عمل اڳتي هلي ئي نٿو سگھي. نيلسن منڊيلا، ياسر عرفات، آن سان سوچي ۽ بينظير ڀٽو به پنهنجي بدترين مخالف حڪومتن خلاف جدوجهد سان گڏ ڳالهيون ٻولهيون به ڪيون. اهو سڄي دنيا جي سياسي جدوجهدن جو حصو آهي. اصل مسئلو اهو آهي ئي نه ته فلاڻو فلاڻي سان مليو آهي. ڏسڻ جي ڳالهه اها هوندي آهي ته ان ملاقات ۾ ان جو موقف ڇا رهيو ۽ ان ملاقات کان پوءِ ان جي سياسي نتيجي ۾ عوام کي ڪو لاڀ مليو يا نقصان ٿيو. ان معاملي تي ته راءِ رکي سگھجي ٿي پر رڳو ملاقات جي عمل جي مخالفت سياسي طور تي سطحي رويو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته جتي پيپلز پارٽي توڙي قومپرست ڌرين تي عوامي حلقا ڪيتريون ئي تنقيدون به ڪري سگھن ٿا ۽ ساڻن اختلاف به رکي سگھن ٿا، انهن جي سنڌ جي حوالي سان ملاقاتن کي سياسي عمل جو هڪ حصو سمجھڻ گھرجي.

سنڌ ۾ پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ، ڌاري آبادڪاريءَ ۽ سنڌ جي معدني وسيلن تي حق وارن معاملن تي ماضيءَ ۾ به قومپرست پارٽين جا جتي الڳ اتحاد سرگرم رهيا آهن، اتي اهي پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن سان گڏ به جدوجهد ۾ رهيا آهن. ايم آر ڊي هلچل ۾ عوامي تحريڪ جو نهايت سرگرم ڪردار هو. مشرف جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ملڪي سطح تي احتجاجي هلچل ۾ قومپرست ڌريون پيپلزپارٽي، اي اين پي وغيره سان گڏ هيون. اينٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ، اينٽي گريٽر ٿل الائينس وارين جدوجهدن ۾ قومپرست ڌرين پيپلز پارٽي  سان گڏ جدوجهد ڪئي. جنهن جا هاڪاري نتيجا مليا.

پيپلزپارتي البته اقتدار ۾ اچڻ شرط اکيون ٻوٽي پاڻ اڪيلي سر پهلوان ٿي ٻين سمورين سياسي ڌرين کان ايئن پاسيري ٿي ويندي آهي، ڄڻ انهن جو ڪو سياسي وجود ئي نه هجي ۽ پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي اڪيلي سر سنڌ جي نمائنده پارٽي سمجھندي آهي. اڪثر ڪري پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ همدردر قومپرست جماعتن کي اسيمبلي ۾ سيٽون نه کٽي سگھڻ جا مهڻا ڏيڻ وقت اهو وساري ويهندا آهن ته جتي پارليامينٽ سياسي جدوجهد جو انتهائي اهم محاذ آهي، اتي پارليامينٽ کان ٻاهر سياست ڪندڙ ڌريون سنڌ جي بنيادي حقن واري سوال تي عوامي حلقن ۾ تمام گھڻي حمايت به رکن ٿيون. هينئر ته کڻي اسٽيبلشمينٽ جي سختين سبب قومپرست جماعتن ۽ ڪارڪنن لاءِ سياسي سرگرمين جو ميدان محدود ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود عوام ۾ سندن پاڙون اڄ به موجود آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻيٽن واري معاملي تي پيپلز پارٽيءَ پاران وفاقي حڪومت سان ڳجھه ڳوهه ۾ ڪيل راضي ناما ان کي واپس وٺڻا پيا. ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ وفاق توڙي سنڌ ۾ حڪومتون هجڻ باجود ٻٽي مڪاني نظام تان هٿ کڻڻ تي مجبور ٿي وئي هئي، جنهن جو سبب اهو عوامي دٻاءُ هو جيڪو پارليامينٽ کان ٻاهر سياست ڪندڙ قومپرست ڌرين جي هلچل وسيلي پيدا ٿيو هو.

ساڳيءَ طرح پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ بابت سنڌ واسين وٽ ڪيتريون ئي مايوسيون ۽ تنقيدون آهن، اها اڌ صديءَ کان سنڌ توڙي پاڪستان جي پارلياماني سياسي افق تي هڪ سگھاري سياسي ڌر طور موجود آهي. ان عرصي دوران پيپلز پارٽيءَ عوام توڙي اقتداري اسٽيبلشمينٽ ۾ پنهنجو پاڙون پختيون ڪيون آهن. ان پارٽيءَ کي ڀٽو گھراڻي جي قربانين سبب وڏي عوامي همدردي ۽ مقبوليت به حاصل آهي ۽ ان جي قيادت کي سنڌ جا ماڻهو ووٽن وسيلي موٽ ڏين ٿا. سنڌ ۾ ويجھي ماضيءَ ۾ پيپلزپارتي لڳاتار ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ هجڻ جي باوجود سنڌي عوام جي اميدن تي پوري نه لٿي آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ باقي پارلياماني ڌريون ۽ سندن قيادتون ماضيءَ ۾ ايترو خراب ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن جنهن جو سياسي فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملي ٿو ۽ سنڌ جو اڪثريتي عوام ان کي ووٽ ڏئي ٿو.

عمران خان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ هن پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت جي آڙ ۾ سنڌ جي آئيني ۽ جمهوري حقن خلاف مهم شروع ڪري ڏني. 18 هين ترميم ختم ڪرڻ، اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گھٽائڻ، ڪراچيءَ جا معاملا وفاقي ادارن ۽ گورنر وسيلي هلائڻ، سنڌ جي ٻيٽن تي زوريءَ والار ڪرڻ ۽ “ٻهراڙين ۾ چونڊيل پارٽي جي ڪراچي ۾ حڪومت هلائڻ” جھڙا شرمناڪ جملا چوڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌ واسين جي بحث ۽ ڪاوڙ جو مرڪز پيپلز پارٽيءَ  جي ڪارڪردگيءَ مان ڦري وفاقي حڪومت جي غير جمهوري ۽ سنڌ دشمن عملن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ کي 2008ع کان جيڪا حڪمراني ڏني آهي، ان تي سنڌ جي عوام کي سخت ڪاوڙ به آهي ۽ سنڌ واسي پيپلز پارٽيءَ کان ان جي حڪمرانيءَ تي سخت پڇاڻي جي عمل کي عمران خان جي غير ذميواراڻين پالسين ڪمزور ڪيو آهي.

ان ئي ماحول ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪا حڪومت خلاف هڪ وڏي مهم جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي. پي ڊي ايم ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختون خوا مان اهي قومپرست خيال رکندڙ ڌريون شامل آهن جيڪي پارلياماني سياست ۾ هڪ عرصي کان سرگرم آهن. اختر مينگل، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، محمود خان اچڪزئي توڙي پختون خوا جا قومپرست عوامي جلسن ۾ رڳو حڪومت مخالف تقريرو نٿا ڪن بلڪه ان فورم کي هنن پنهنجي صوبي جي سياسي حقن ۽ سياسي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي نشانو بڻائڻ لاءِ به سياڻپ سان استعمال ڪيو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي ان فورم تان ٿيندڙ تقريرن ۾ گھڻي ڀاڱي اقتداري سياست سان لاڳاپيل معاملن کي ئي بحث هيٺ آڻيندي رهي آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي پيپلز پارٽي قيادت کان وڌيڪ سخت موقف مولانا فضل الرحمان، مالڪ بلوچ ۽ اختر مينگل پيش ڪيو آهي. ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ سان انگيج رکڻ لاءِ نج سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي سخت موقف رکڻ بجاءِ وفاقي ۽ پارلياماني معاملن تي ڳالهائڻ کي اوليت ڏئي ٿي. جيڪڏهن ان فورم تي پ پ کان سواءِ سنڌ جا قومپرست به موجود هجن ها ته پوءِ ٻيٽن، تيل ۽ گئس، گم ٿيل سياسي ڪارڪنن، ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جي وحدت جھڙن معاملن تي سنڌ جو موقف لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به گونجي ها. پيپلز پارٽيءَ کي سمجھڻ گھرجي ته پي ڊي ايم جي فورم تان سنڌ سان لاڳاپيل جن معاملن تي سياسي مصلحت سبب اها کلي ڳالهائڻ کان ڪيٻائي ٿي، سنڌ جا قومپرست انهن معاملن تي جرئت سان ڳالهائي نه رڳو اهو خال ڀريندا پر سنڌ ۾ وفاقي حڪومت خلاف به محاذ کڙو ٿيندو. پيپلز پارٽي ڀلي پارلياماني فورم تي ڪيتري به سگھاري ڌر هجي، اسٽيبلشمينٽ جي سگھه سان اڪيلي سر مقابلو نه ڪري سگھندي. خاص طور تي ان حالت ۾ جڏهن ان جي سنڌ ۾ ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي هجي.

ٻئي پاسي سنڌ جي قومپرست ڌرين لاءِ به ضروري آهي ته اهي سنڌ جي معاملن تي پنهنجي سياسي عمل کي ملڪي سطح تي مکيه وهڪري جو حصو بڻائين ته جيئن سنڌ جا معاملا رڳو مقامي نه پر ملڪي سطح جا معاملا بڻجي سگھن. سنڌ جا ٻيٽ، قدرتي وسيلا، 18هين ترميم وسيلي مليل ٿوري گھڻي صوبائي خودمختياري، مالي وسيلا ۽ سنڌ جي وحدت جھڙا معاملا ملڪي سطح تي حمايت حاصل ڪرڻ سان ئي اهميت حاصل ڪري سگھندا. ان سان گڏوگڏ وسيع تر جمهوري جدوجهد جو حصو بڻجڻ سان قومپرست ڌريون سياسي طور سگھاريون به ٿينديون ته سندن سياسي قد ڪاٺ به وڌندو.

سياسي اتحاد ڪجھه گڏيل مفادن تي گڏجڻ واري ضرورت هيٺ ٺهندا آهن ۽ انهن ۾ ڪيترائي اختلاف رکندي به گڏيل مفادن تي گڏ هلبو آهي. ان جو قطعي مطلب پنهنجي نظرئي، منشور يا موقف تان هٿ کڻڻ ناهي هوندو. پي ڊي ايم ۾ سنڌ جي قومپرست ڌرين جي نمائندگي يا سنڌ جي بنيادي سوالن تي پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا ڪنهن ٻي ڌر سان لهه وچڙ هڪ بهتر سياسي اڳڀرائي هوندي