سنڌ جون زمينون بحريه، عسڪري ادارن کي ڏنيون ويون هاڻي اسان کان ٻيٽ به گهريا پيا وڃن ڪراچي ۾ دي انٽلڪچوئل فورم پاران تقريب کي خطاب

ڪراچي (رپورٽ رزاق عاصي) سنڌ جي دانشورن، محققن ۽ اديبن سنڌ جي پاڪستان ٺهڻ بعد ترقي وارين دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ترقي انگريز راڄ دوران ٿي ۽ اڄ ڪراچي ۾ جيڪي ادارا قائم آهن اهي سڀ جو سڀ انگريز دور ۾ ان وقت جي سنڌين جا تعمير ڪيل آهن، ڪراچي ۾ دي انٽلڪچوئل فورم پاران پاڪ آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي کي سازش قرار ڏيندي چيو ويو ته اهڙن عملن سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ لاڳاپا سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندا، سنڌ پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي سنڌ سميت سڀني صوبن سان برابري جو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي عبدالله حسين هارون ڪراچي جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي کي سازش سڏيندي چيو ته ڪراچي کي وڪڻڻ بند ڪيو وڃي، سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ وڪرو ٿي رهي آهي جيڪڏهن همت نه ڪئي ته پوءِ وڏي مشڪل پيدا ٿي ويندي. هن چيو ته جيڪي سنڌ جا وسيلا وڪڻي رهيا آهن اهي اسان کي ٽڪر ٽڪر ڪري رهيا آهن. عبدالله حسين هارون وڌيڪ چيو ته پهريان وفاق کي خط لکي ٻيٽن تان هٿ کڻڻ جو چيو ويو هاڻي چون ٿا ته ٻيٽ نٿا ڏيون اها انهن جي تربيت جي کوٽ آهي، مسئلا ماڻهن جي پختگي سان ئي حل ٿيندا. هن ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جون زمينون بحريه، عسڪري ادارن کي ڏنيون ويون هاڻي اسان کان ٻيٽ به گهريا پيا وڃن، سنڌي ريڊ انڊين بڻجي ويا آهن ۽ اسان کي زيرو تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عبدالله حسين هارون وڌيڪ چيو ته ذوالفقار آباد جون زمينون ايجنٽن ذريعي پٺاڻن کي وڪرو ڪيون ويون، ٻيٽن جي ترقي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. هن سوال ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيل مل لڳرائي سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪئي هئي ڇا سنڌ ترقي ڪئي؟ حسين هارون ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته انگريز پاران برصغير ۾ اچڻ کان 2 سال اڳ ڪراچي جي حملو ڪري قبضو ڪيو ويو هو. هن چيو ته انگريز سرڪار کي سکر بئراج جو خاڪو عبدالله هارون پيش ڪيو جنهن تي تنهن وقت جي گورنر کائنس گارنٽي گهري موٽ ۾ عبدالله هارون سنڌ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ بااثر ڌرين کي گڏ ڪري هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ سکر بئراج جي حوالي سان انگريز سرڪار جي تحفظات ۽ گارنٽي بابت آگاهه ڪيو پر سنڌ جي تڏهوڪي بااثر ماڻهن کان سواءِ چند جي ڪا خاص موٽ نه ملي. عبدالله هارون جي سوين ايڪڙ زمينن تي ڪراچي اندر قبضو ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ٻيٽن تي 26 هزار لانچن سان لاڳاپيل ماڻهن جو گذر سفر آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي کي ٺاهڻ ۾ مهاڻن جو وڏو ڪردار آهي، ميمڻ مسجد هيٺان هزارين مهاڻن جون قبرون آهن. ان کان پهريان خطاب ڪندي انٽليڪچوئل فورم جي صدر مسعود نوراني چيو ته انگريز سرڪار ڊيوائيڊ اينڊ رول واري پاليسي اختيار ڪري مسلمان ۽ هندن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرايو جنهن تحت مسجد منزل گاهه جو واقعو پيش آيو. هن چيو ته چارلس نيپئر کي احساس هو ته مون سنڌ تي قبضو ڪري ناجائز ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته نيپئر گورنر جنرل کي تار موڪلي چيو ته مون سنڌ تي قبضو ته ڪيو آهي پر وڏو گناهه ڪيو آهي. انگريزن جون ڪجهه شيون منفي به رهيون آهن ۽ سنڌ تي ٿورا به هئا پر انگريز ڪروڙين ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ انهن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو هنن هڪ فيوڊل ڪلاس پيدا ڪيو ۽ حر تحريڪ کي بيدردي سان ڪچليو ويو ردعمل ۾ فوج اندر سنڌين جي ڀرتي بند ڪئي وئي. مسعود نوراني چيو ته گورو انگريز ته ويو پر ڪارو انگريز اسان وٽ اچي ويو. انگريزن چڱايون ڪندي انفرااسٽرڪچر، بئراجون، ريلوي، ٽيليگراف، تعليم، ڪميونيڪيشن سسٽم ڏنو. هن چيو ته سنڌ هن وقت بلڪل يتيم ٿي وئي آهي هاڻي انگريز واري ڊيوائيڊ اينڊ رول کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي. انهن کي برابري جي بنياد تي اسان کي ٽريٽ ڪرڻو پوندو نڪي غلام طور. مسعود نوراني جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي، سنڌي ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي جنهن سميت پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ گهرجي. ناليواري محقق خادم حسين سومرو ڳالهائيندي چيو ته ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي سنڌ جو ڪمرشل بندرگاهه رهيو. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو دور انديش ۽ ڏاها هئا هنن ڪراچي جي بهترين رٿابندي ڪئي اها رٿابندي ترقي يافته ملڪن کان گهٽ نه آهي. ريٽائرڊ ڪاموري غلام سرور کهڙو ڳالهائيندي چيو ته 1843 ۾ انگريز سنڌ فتح ڪئي پر انهن ضروري سمجهو ته مقامي سطح تي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان جو سکڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته انگريز سرڪار 1891ع کان 1935ع تائين سنڌ جي هر ضلعي ۾ روينيو قانون نافذ ڪيو. هن چيو ته هن وقت به ڪيترائي قانون انگريز سرڪار جي دور جا هلن پيا. عبدالوهاب بلوچ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌي ماڻهن جو حق هجڻ گهرجي، اسان کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي اچڻو پوندو، پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ جو ماءُ وارو ڪردار هو. سنڌ هيروز ۽ مزاحمتي ماڻهو پيدا ڪيا. پروفيسر محبوب شيخ ڳالهائيندي چيو ته 1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ تعليمي ۽ اخلاقي زوال آيو. 1942ع کان پهريان سنڌ اندر هندو، مسلم، پارسي، يهودي ۽ سکن وچ ۾ پيار محبت ۽ ڀائيچاري وارو رويو هو. پروفيسر اعجاز قريشي تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي 1857ع ۾ آفيشل ٻولي هئي. سنڌ 1843ع کان 1900ع تائين روينيو جي مد ۾ اربين رپيا ڪليڪشن ڪندي هئي. پاڪستان ٺهڻ شرط 1948ع ۾ ڪراچي کي الڳ ڪري ڪيپيٽل بڻايو ويو، سنڌ يونيورسٽي کي 1951ع ۾ زبردستي ڪراچي کان ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جيڪو عمل اسان جي خواهشن جي ابتڙ هو. يونس مهر ڳالهائيندي چيوته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، انگريز دور ۾ سنڌ جي ماڻهن مزاحمت به ڪئي ۽ مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۾ اسان پنهنجي مرضي سان شامل ٿيا هئاسين. هن چيو ته ملڪ کي هلائڻ ۾ سنڌ جو اهم ڪردار آهي.