سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرز لاءِ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ بعد غير حتمي نتيجا,حيدرآباد ۾ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، اياز راڄپر ۽ تاج محمد ڪيريو ڪامياب

ڪراچي : سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرز لاءِ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ بعد غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ 16 سيٽن تي ووٽنگ بعد ڳڻپ جو عمل جاري آهي. حيدرآباد ۾ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، اياز راڄپر ۽ تاج محمد ڪيريو ڪامياب، سکر مان قربان ملاڻو ۽ شفقت رحيم راجپوت ڪامياب ٿيا. لاڙڪاڻي مان آصف سومرو 290 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، ميرپور خاص مان يوسف لغاري پينل جا مير نعيم ٽالپر ۽ نند ڪمار گوڪلاڻي سوڀارا ٿيا. نوابشاهه مان اڳوڻو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ڪنڌڪوٽ-جيڪب آباد سيٽ تان عبدالغني بجاراڻي ڪاميابي ماڻي. دادو، ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي جي سيٽ تان محمد سچل اعواڻ ڪامياب، ٺٽو-بدين سيٽ تان سيد وسيم ڪاميابي ماڻي ورتي، خيرپور مان ياسر عرفات شر ۽ نوشهرو فيروز مان عبدالستار لهراڻي ڪامياب، گهوٽڪي مان پروگريسو پينل جو اميدوار عبدالرزاق مهر ڪامياب ٿيو، ٻين ضلعن مان به چونڊ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي