ma creative writing cardiff met top 10 thesis writing services lighthouse description creative writing business plan writers los angeles creative writing activities esl online creative writing oxford uga creative writing common core creative writing standards florida state creative writing program vanderbilt creative writing program creative writing scholarship applications creative writing tsunami

سنڌ ايڪشن ڪميٽي اجلاس: 28 فيبروري تي سکر ۾ سامونڊي ٻيٽن جي تحفظ ۽ غير قانوني قبضي خلاف احتجاجي جلسي جو اعلان

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراھي اجلاس سيد جلال محمود شاهہ جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿي گذريو. جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر ڪرم وساڻ ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي صدر اسلم خيرپوري، پورھيت مزاحمت جي مرڪزي اڳواڻ مسرور شاھہ، جسقم اڳواڻ ديدار شام ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ ھالار رتڙ، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ طالب جکرو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو ، نورنبي راھوجو، نواز شاھہ ڀاڏائي، نثار لغاري سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي پــــيــڊا آرڊيننس ذريعي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجھد جو جائزو ورتو ويو. جنھن ۾ اھو موقف اختيار ڪيو ويو تہ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي شاندار جدوجھد سبب وفاق پيڊا آرڊيننس جو مدو نہ وڌائي سگھيو آھي ۽ آرڊيننس ختم ٿي چڪو آھي، پر ان باوجود بہ سنڌ ايڪشن ڪميٽي سمجھي ٿي تہ اڃان تائين اھي خدشا موجود آھن تہ وفاق ٻيھر سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي جي نيت برقرار رکي ويٺو آھي. ان ڪري ان ڳالھہ تي اتفاق ڪيو تہ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو پليٽ فارم سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد جي لاءِ قائم رھندو. جنھن پليٽ فارم تحت سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ، سنڌ جي وسيلن ، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ قبضو ، سنڌ ۾ غير ملڪين جي يلغار کي روڪڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پنھنجو متحرڪ رول ادا ڪندي رھندي.
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ڪردار تي سخت تنقيد ڪئي ويئي، جيڪي سامونڊي ٻيٽن کان وٺي ، سنڌ جي زمينن جي بندرباٽ ڪندا رھيا آھن ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي ڪرپشن ۽ نااھلي سبب سنڌ جي قومي مفادن تي سوديبازي ڪندي رھي آھي .اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ وفاق جي پيڊا آرڊيننس ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي 12 ناٽيڪل مائيلز جي اندر سروري ڪرائي ، ٻيٽن کي روينيو رڪارڊ ۾ رکي ، ٻيٽن تي سنڌ حڪومت جو قبضو برقرار رکيو وڃي .
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌ جي ماھيگيرن کي تحفظ ڏيئي ، ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن ڏانھن وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ سندن رستا روڪ بند ڪئي وڃي ۽ فوري طور تي ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي ماحولياتي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ٻيٽن تي ڪنھن بہ قسم جي اڏاوت ، ملڪي ۽ عالمي عسڪري بيس جي تعمير کي روڪيو وڃي.
18 ھين ترميم کانپوءِ صوبن کي اھي آئيني حق مليل آھن تہ ٻين صوبن جي ماڻھن کي زمينن ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جو صوبائي حڪومت اختيار ڏيندي ، پر بدقسمتي سان سنڌ حڪومت ملڪ جي ٻين صوبن مان ايندڙ لکين ماڻھن کي روزگار ۽ زمينون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيئي رکي آھي، جنھن ذريعي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيون پيون وڃن ، ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون سميت سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن پنھنجي مفادن تحت سنڌ جون زمينون وڪرو ڪندي رھي آھي، خاص طور تي ڪراچي، ڄامشورو، بدين ، ٺٽو، ٿرپارڪر ۾ لکين ايڪڙ زمينون ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني سبب لينڊ مافيا کي وڪرو ڪيون ويون آھن .
اجلاس ۾ 28 فيبروري تي سکر ۾ سامونڊي ٻيٽن جي تحفظ ، سنڌ جي زمينن تي لينڊ مافيا جي غيرقانوني قبضن ۽ سنڌ ۾ غير ملڪين جي آبادڪاري خلاف ۽ انھن کي پنھنجي وطن واپس موڪلڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان احتجاجي جلسو ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان 21 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي اڳيان اعلانيل احتجاج جي حمايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.