primary homework help aztecs dissertation help writing service writing custom sql query in tableau write my essay in 24 hours essay about great writers creative writing stirling price hike research paper barbara must i do my homework this afternoon yesterday barbara asked me creative writing at harvard will writing service ruislip doing homework in the bathtub help yourself by helping others essay

سنڌُ جو سراج: ليکڪ جامي چانڊيو

(سنڌ جي هڪ وڏي اديب ۽ عالم سائين سراج الحق ميمڻ کي سندس ورسي جي موقعي تي ڀيٽا!)

اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا، جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حُسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا. سنڌ جي دانشور، ٻوليءَ جي ماهر، ناول نويس ۽ ليکڪ سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽ حسين ماڻهو، علميت ۾ گِهرو ۽ گهَڻَ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو، سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻَتِ جو منفرد ڏانءُ رکندڙ ليکڪ. سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وُجود ئي سڀاڳَ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻوليءَ، ادب ۽ پوري سماج لاءِ.

ٽنڊي ڄام ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند پرائمري استاد محمد يعقوب نياز جي گهر ۾ چوويهين آڪٽوبر 1933 تي جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ اسان کي پنهنجيءَ پوريءَ حياتيءَ ۾ هڪ آدرشي، محنتي ۽ سچو اديب ۽ ٻوليءَ، وطن ۽ قومَ جو عاشقُ نظر اچي ٿو. ڄڻ ته هڪ پارس هو، جنهن جنهن سندس ساٿ ۾ گذاريو ڄڻ ته سونُ ٿي ويو.

سراج صاحب سان منهنجو قرب جو ادبي ۽ علمي لاڳاپو هو، ۽ ساڻس اهو لاڳاپو پهرين سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ف م لاشاريءَ معرفت، ۽ پوءِ سڌيءَ ريت پنهنجين لکڻين ذريعي ٿيو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. منهنجي خوشبختي آهي جو هو مونکي بيحد ڀائيندو هو، ۽ منهنجين لکڻين کي پسند ڪندو هو، ۽ جيڪي لفظ چوندو هو اها هن جي ادبي وضع داري ۽ شفقت هئي.

هونئن ته سراج صاحب سان پهرين ملاقات 19 آگسٽ 1991ع تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ پاران رمپا پلازه هوٽل ۾ “ڇا سنڌي سماج آپگهات ڏانهن وڌي رهيو آهي؟” جي عنوان سان ٿيل مذاڪري ۾ ٿي، جنهن ۾ مون ان موضوع جي رد ۾ پنهنجو مضمون پڙهيو هو، جيڪو پوءِ طارق اشرف “سهڻي” رسالي ۾ شايع ڪيو. ان مذاڪري ۾ ف.م. لاشاري، رئوف نظاماڻي ۽ مان مقرر هئاسون ۽ سراج صاحب ان جي صدارت ٿي ڪئي. دلچسپ ڳالهه ته سراج صاحب جو موقف موضوع جي حق ۾ هو پر هو منهنجي دليلن مان ايترو مطمئن ٿيو جو هن پنهنجي راءِ تبديل ڪئي ۽ ان جو اظهار به ڪيو. سچ پچ ته مان سندس ان رويي کان سخت متاثر ٿيس. مان ٻاويهَن سالن جو نوجوان ليکڪ ۽ ڪٿي سراج صاحب جهڙو قدآور دانشور! ان مان ثابت ٿيو ته هو ڪيترو نه کُليل ذهن ۽ منطقيت جو قائل هو. پوءِ فقير محمد لاشاري کيس منهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو، جنهن سان منهنجو دل گهريو لاڳاپو هو. سراج صاحب سان اها مختصر ملاقات هئي پر هن مون کي هڪ نوجوان ليکڪ طور گهڻو همٿايو. منهنجي مضمون جي جنهن ڳالهه سراج کي اُتساهيو اُها هيءَ هئي ته قومون حالتن سان پُڄي فنا ته ٿي سگهن ٿيون پر تاريخي طور آپگهات نه ٿيون ڪري سگهن. مون کي چيائين ته اِهو نقطو منهنجو پنهنجو هو يا ڪنهن سماجي سائنسدان جو کنيل هو؟ مون جڏهن کيس ٻُڌايو ته اِهو منهنجو پنهنجو نقطو آهي ته هو ويتر ان تي حيران به ٿيو ۽ مون کي شاباس به ڏنائين. طارق اشرف مرحوم به ان مذاڪري ۾ شامل هو ۽ هن سراج صاحب جي چوڻ تي اِهو “سهڻي” رسالي ۾ شايع ڪيو. ان مضمون ۾ مون سنڌي سماج جي جن مکيه پيچيدگين تي لکيو هو، اهي نقطا به سراج صاحب کي بيحد وڻيا ۽ هن پنهنجيءَ گفتگوءَ ۾ انهن تي تفصيل سان ڳالهايو، جيڪا مون لاءِ وڏي اتساهيندڙ ڳالهه هئي. مون کي تاڪيد ڪيائين ته “تو ۾ هڪ اديب سان گڏ سماجي سائنسدان ٿيڻ جون صلاحيتون آهن ۽ انهن کي اڳتي وڌاءِ.” مون کيس اهو نه ٻُڌايو ته اُن زماني ۾ مان فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو هئس.

سراج صاحب سان منهنجي پهرين تفصيلي ملاقات پليجي صاحب سان گڏ ڪراچيءَ ۾ سندس آفيس ۾ 1991 ۾ ٿي. مون ٻنهي کي هڪٻئي سان بيحد حُجائتو ڏٺو. پليجي صاحب جي حُجت مٿس وڌيڪ هئي. ويهڻ شرط سراج تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، چئي، “ڪجهه نٿو ڪرين، سڄو ڏينهن آفيس ۾ ٿڌيءَ ڇانو ۾ ويٺو آهي، عوام کان ڪٽيل آهين، ۽ ڪنهن نه ڪم جو آهين! حساب ڏي ته ڇا ٿو ڪرين!” موٽ ۾ سراج صاحب جي چپن تي هميشه جيان اطمينان بخش مرڪ، ۽ نهٺائيءَ وارو اعتراف. هن جو جواب عجيب هو. چئي، “پليجا! جنهن خاڪَ کي ڦُوڪون ڏئي باهِه ٿو ٻارڻ چاهين، ان ۾ تپش رهي ئي نه آهي”! مون ٻڌو هو ته سراج صاحب تمام مغرور ماڻهو آهي، پر هي ته ڪو ٻيو ماڻهو هو، بيحد ماٺيڻو، محبتي، نِهٺو ۽ مُرڪڻو. ف م لاشاري به سراج صاحب وٽ ويٺو هو، جنهن جي ڏاهپ کان سراج صاحب تمام متاثر هوندو هو. سراج صاحب پنهنجي هم عصرن کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي تمام گهڻي اهميت ۽ مڃتا ڏني ته اهو ف. م لاشاري هو. پليجي صاحب مٿس پنهنجي سخت تنقيد جڏهن پوري ڪئي ته ف م لاشاري ۽ مون ڏي نهاري چيائين، “پليجو سدائين ائين ڪندو آهي، ۽ صحيح ڪندو آهي. ڇو ته اسان سنڌي ڪم جا وڏا ڪاهل آهيون، ۽ خاص طور مان!”. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن 1957 ۾ سي ايس ايس پاس ڪري ملڪ جو چوٽيءَ جو ڪامورو ٿيندڙ، ڏيپلائي پريس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇٻلاڻي صاحب جي لکيل سنڌ جي اقتصادي تاريخ، عالمي افسانا ۽ ٽي ايس ايليٽ ۽ ڪرشن چندر جي لکڻين سميت انيڪ ڪتابن جا ترجما ڪندڙ، 1964 ۾ “سنڌي ٻولي” جهڙو شاندار تحقيقي ڪتاب لکندڙ، هلالِ پاڪستان جهڙي سرڪاري اخبار کي سنڌ جي شعور جي مُهندار آواز ۾ تبديل ڪندڙ، “پڙاڏو سوئي سڏ”، “مرڻَ مون سين آءُ”، “منهنجي دنيا هيڪل وياڪل”، “تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول”، ۽ “منهنجي دنيا مرگ ترشنا” جهڙا ناول سرجيندڙ، “آءُ درد هلي آءُ” ۽ “اٺون ماڻهو” جهڙيون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ملڪ جو چوٽيءَ جو انڪم ٽيڪس جو وڪيل ٿيندڙ سراج به جيڪڏهن ڪاهل آهي ته پوءِ سنڌ جي باقي پڙهيل لکيل ماڻهن يا عام اديبن کي ڇا چئجي؟ پوءِ مون ڄاتو ته دراصل هنن ماڻهن جي مٽي ئي ٻي آهي. هنن وٽ ڪم جا معيار ۽ سندن آدرش ايترا ته وڏا ۽ غير معمولي آهن، جو هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن کي وڏو ڪم سمجهن ئي نٿا. دراصل اهو رويو ۽ سوچ ئي کين پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي. دنيا جو ڪو به وڏو ماڻهو پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهي هوندو، جو سندن ڪمن جي فهرست آڏو حياتي کُٽي پوندي آهي، وقت هارَ کائي ويندو آهي.

هونئن ته سراج صاحب جو پنهنجو والد به هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند استاد هو، پر سراج صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجي والد کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻو اثر سائين محمد ابراهيم جويي جي فڪري تربيت جو به هو. سراج صاحب مونکي پاڻ ٻڌايو هو ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جويي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سندس زندگيءَ جا اهم ابتدائي دور هئا، جن سندس شعور ۽ صلاحيت جي آبياري ڪئي. ڏيپلائي صاحب کيس روپئي ڏهاڙيءَ تي ترجما ڏيندو هو ۽ ڪم به ڇِڪي وٺندو هو، سراج صاحب ڀوڳَ ۾ چوندو هو ته، “ڏيپلائي صاحب جي کُوري مان پَچِي نڪتاسين ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو نه لڳو”. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي، نه رڳو هن جي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي مهارت وڌي پر هو پاڻ به هڪ اديب طور اُڀري آيو. اِهو ئي سبب آهي جو مون سراج صاحب وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جو سڀني کان وڌيڪ احترام ڏٺو ته اُهو سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هو جويي صاحب کي هڪ شفيق دوست سان گڏ هڪ استاد جو درجو ڏيندو هو. سراج صاحب وٽ سائين جويو صاحب ۽ مان ڪافي ڀيرا گڏجي وياسين ۽ جويي صاحب لاءِ سندس احترام ۽ پيار ڏسڻ وٽان هوندو هو. هونئن سراج صاحب جو شهيد ڀُٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سان به گِهرو سُٻنڌ رهيو.1950 ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو ۽ هو پنهنجي تعليم جو خرچ جناح ڪورٽس ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت ڪري پورو ڪندو هو. 1957 ۾ جڏهن هو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سول سروس ۾ ويو ته ان ئي دور ۾ هن جي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج ۾ شهيد ڀُٽي سان ملاقات ٿي ۽ سندن اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو، چون ٿا ته شهيد ڀٽو کانئس هر معاملي ۾ صلاح ضرور وٺندو هو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن شهيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته هن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج کي بڻايو، ۽ سراج هلال پاڪستان جي صورت ۾ جديد ترقي پسند سنڌي صحافت جا بنياد رکيا، ۽ روشن خيال صحافين جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي. ڇهن سالن جي مختصر دور ۾ سراج هلال پاڪستان کي وڏي اؤج تي پُڄايو، جڏهن 1977 ۾ ضياء الحق مارشل لا هنئي ته سراج هلال پاڪستان مان استعيفا ڏئي، پنهنجيءَ وڪالت جي ٻيهر شروعات ڪئي. سرڪاري ملازمت ته هو اڳ ئي 1969 ۾ ڇڏي چڪو هو، جو هو انهن 303 سرڪار جي ناپسنديده آفيسرن مان هڪ هو جن کي جبري طور ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. سراج جو اِهو ڪمال هو جو هو شهيد ڀُٽي جو ويجهو دوست هوندي به جتي هن جي مثبت ڳُڻن کي واکاڻيندو هو، اُتي هن ڪڏهن به هن جي غلط فيصلن جي تائيد نه ڪئي. ائين ئي سائين جي ايم سيد پڻ سراج جو وڏو احترام ڪندو هو، ۽ سندس اها هر دلعزيز حيثيت دراصل سندس معتبر شخصيت جو مظهر هئي. هڪ ئي دور جي ٽن متضاد نظرين جي اڳواڻ شخصيتن يعني سائين جي ايم سيد، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ رسول بخش پليجي سان گهري دوستي ۽ ان ۾ توازن سراج صاحب جي وضعدار، مدبرانه ۽ متوازن شخصيت جو ڪرشمو هو. شيخ اياز به سراج صاحب جي بنهه ويجهن دوستن ۾ شامل هو ۽ شيخ اياز سراج جي شخصيت، علميت ۽ ادبي حيثيت جو وڏو معترف رهيو.

سراج صاحب جو علمي ۽ تخليقي پورهيو نه رڳو گهڻ رخو آهي، پر ساڳئي وقت تمام معياري پڻ آهي. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي هن جي مهارت باڪمال هئي. هڪ ڀيري حميد هارون کي مون سراج صاحب جي روبرو ڪراچي جم خانه ۾ پاڻ اِهو چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن احمد علي خان پوءِ پاڪستان ۾ ڊان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو اهل آهي ته اهو سراج آهي. پر سراج صاحب صحافت کي عملي طرح ڇڏي چڪو هو، ۽ هن واپس صحافت ڏي ورڻ نه ٿئي چاهيو. ڪراچيءَ مان روزاني جاڳو جيتوڻيڪ ف م لاشاريءَ شروع ڪئي پر ان ۾ سراج صاحب جو بنيادي هٿ هو ۽ ان دور ۾ سراج صاحب جا “سياسي منظرنامو”جي عنوان سان لکيل تجزياتي مضمون شاندار هئا جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. هلال پاڪستان ۾ لکيل سراج صاحب جا اداريا پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن، جو اها ان دور جي تاريخ آهي. هلال پاڪستان ۽ جاڳو اخبار ۾ سنڌ جي اهم مسئلن تي انگريزيءَ ۾ خصوصي اداريا لکڻ جي روايت به سراج صاحب وڌي. سندن ڪتاب “سنڌي ٻولي” پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيل اهم ڪتابن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ ان ڪتاب ۾ تحقيق تي سندس قوميت جو جذبو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. پر ان باوجود سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت چئن بنيادي نظرين مان هڪ جي نمائندگي اهو ڪتاب ڪري ٿو. جنهن جي تحقيقي اهميت کي اڳتي هلي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به مڃيو، جيڪو ان کي اڳ ۾ رد ڪري چڪو هو ۽ جنهن جي جواب ۾ سراج صاحب اهو ڪتاب لکيو هو.

سراج صاحب سنڌ جي تاريخ جو به وڏو ڄاڻو هو، ۽ اهو هن جو وڏو ڪمال هو جو هن ارغونن ۽ ترخانن جي دور کي “پڙاڏو سوئي سڏ” جهڙي ناول جي صورت ۾ پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽرائلاجي پڻ پهرين سراج صاحب لکي. جيتوڻيڪ هو گهڻ طرفي شخصيت جو مالڪ هو، پر منهنجيءَ نظر ۾ سراج صاحب بنيادي طور هڪ ناول نگار هو. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته پنهنجي ابتدائي ادبي دور ۾ هن شاعري به ڪئي ۽ استاد بخاريءَ جي مشهور ڪتاب “ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ” جي لکيل مهاڳ مان صاف نظر اچي ٿو ته سراج صاحب کي افسانوي ادب سان گڏ شعري ادب جي به ڪيڏي نه پروڙ هئي. سراج صاحب جيتوڻيڪ لطيف تي لکيو ڪو نه، پر هو لطيف جو پارکو هو ۽ هن جي وڏي خواهش هئي ته سنڌ ۾ لطيفيات تي معياري ڪم ٿيڻ گهرجي.

سراج جون چند خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي هن کي سنڌي سماج ۽ ادب ۾ هڪ منفرد حيثيت ڏين ٿيون. هن سموري زندگي ڪا به دعوى نه ڪئي نه سنڌ سان عشق جي، نه سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جي، ۽ نه پنهنجي ڪارنامن جي. اِهو نهٺو سُڀاءُ هن جي اندر جي وڏ-ماڻهپي جو آئينو هو. اُڀامندِي ته سکڻي ڪُنِي آهي، هيءُ ته سنڌ جو سراج هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ناول نگاريءَ جو امتياز هو.. مون سراج صاحب کي ڪڏهن به ماڻهن تي ڳالهائيندي نه ڏٺو، هميشه موضوعن تي ڳالهائيندو هو ۽ هر ڪم ۾ رٿابندي ڪرڻ جو قائل هو. نااهلي سراج صاحب لاءِ سخت چِڙَ جو باعث بڻجندي هئي، ڇاڪاڻ ته هن جي سنڌ لاءِ محبت ٺلهي نعري بازيءَ تي ٻڌل نه هئي. هو جنهن سنڌ جا خواب ڏسندو هو، اُها فقط ۽ فقط قابليت، سخت پورهيي ۽ سگهارن ادارن ذريعي ئي اڏي سگهجي ٿي. هو عملي ماڻهو هو، مون کي ياد آهي ته سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ جي زماني ۾ اسان سنڌ جو پاڻيءَ جو ڪيس سائنسي بنيادن تي تيار ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ته سراج صاحب ان لاءِ فوري طور ٻه لک روپيا ڏنا. هن جي مزاج ۾ ڏيکاءُ نه هو ۽ هو ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالو به ظاهر ڪرڻ نه چاهيندو هو. “سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي” جا سمورا ٺهراءَ جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، اُهي سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان گڏ گهڻي ڀاڱي سراج صاحب جا لکيل آهن پر انهن تي سندس ڪوبه نالو لکيل ناهي. ڪم جي معاملي ۾ هڪ مڪمل انگريز ماڻهو هو، رڳو ڪم جي ڳالهه. روايتي اجائي ڊيگهه سراج جي مزاج ۾ ئي نه هئي. مڪمل طور سيلف-ميڊ يعني پنهنجي پورهئي ۽ قابليت جي بنياد تي ٺهيل ماڻهو هو، ان ڪري هميشه قابليت ۽ ادارن جي اهميت جو قائل هوندو هو. ان لاءِ رڳو ڪي سَڌُون نه ڪيائين پر پنهنجو حيدرآباد وارو اباڻو گهر سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي ڏئي مثال پڻ قائم ڪيائين، پر افسوس جو اهو ادارو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. جڏهن ته سراج صاحب جو اهو خواب هو ته اهو ادارو اڳتي هلي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿئي.

منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي ته هو عمر توڙي ادبي ۽ علمي لحاظ کان وڏو هوندي به مونکي پنهنجي دوستن ۾ شمار ڪندو هو. 2006 ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب تي ڪانفرنس ۾ کيس مقالو پڙهڻ لاءِ چيو ويو، طبيعت ناساز هئڻ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي کين منهنجو نالو تجويز ڪيائين. سائين جويي صاحب جي ڪتاب “ادب ٻولي ۽ تعليم”، ۽ پليجي صاحب جي ڪتاب “سياسي ادب” تي لکيل منهنجا تفصيلي مهاڳ پڙهيائين ته ٻنهي ڀيري فون ڪري جيڪي مهربان لفظ چيائين اهي منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. ساڳيا رايا جويي صاحب ۽ پليجي صاحب کي به ڏنائين.

زندگي تمام مختصر آهي ۽ ڪو به ماڻهو زندگيءَ ۾ سڀ ڪم پورا نٿو/نٿي ڪري سگهي. سو سراج کان به گهڻا ڪم رهجي ويا هوندا پر هن زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو اُهو به گهٽ نه هو. هر ڪم بيحد معياري ۽ منفرد !

لکڻ، ڳالهائڻ، اظهار ڪرڻ، خوش ٿيڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، رنجُ ٿيڻ، ڏوراپو ڏيڻ، ۽ راءِ ڏيڻ جو سليقو ته ڪو سراج صاحب کان سکي. خوش ٿيو ته حسين ۽ شانائتي مُرڪَ چپن تي، ۽ جي اَرهو ٿيو ته مُنهنَ ۾ گُهنڊِ وجهي بس رڳو نهاريندو، ۽ اهو به هڪ لمحو ۽ بس! وڏا ماڻهو پنهنجي واڏائيءَ جو اظهار رڳو علميت، فڪر، فن يا ادب ذريعي ئي نه پر پنهنجن روين ذريعي به ڪندا آهن. سراج سچ پچ ته سنڌ جو وڏو ماڻهو هو . ٻاهر ماڻهو هن کي پٿر جو ٺهيل سخت مزاج سمجهندا هئا، اندر ۾ ته هو گلن تي پيل ماڪ جهڙو ملائم ماڻهو هو. آخري ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ڳالهه نڪرندي هئي ته بي اختيار جُهري پوندو هو. ۽ هن جو ن آدرشي اکيون تشنه خوابن سبب بي اختيار ڀرجي اينديون هيون. خود اعتمادي ۽ خودداريءَ ۾ به سراج جو ڪو مَٽُ نه هو. هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ ۽سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي آڇَ هن کي انيڪ ڀيرا ٿي، هن هميشه جواب ڏنو. هن جي مثالي خودداريءَ ۽ خوداعتماديءَ جو سبب دراصل هن جي قابليت ۽ هن جي خودشناسي هئي. گهڻن ماڻهن کي زماني جي شناس ته هوندي آهي پر هو خودشناسيءَ کان وانجهيل هوندا آهن، سراج کي خبر هئي ته هو ڪير هو. سراج صاحب ڪو عوامي ماڻهو نه هو، هو مٿئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ، وچولي ۽ مٿئين طبقي سان رابطي ۾ رهندڙ اسڪالر، اديب ۽ وڪيل هو. مان سمجهان ٿو ته هو وچولي طبقي لاءِ هڪ رول ماڊل به هو ته ڪو ماڻهو هڪ ڪامياب زندگي ۽ ڪيريئر باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ قوم لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي!

اڪثر وڏن ماڻهن جي اولاد يا گهر جا ڀاتي سندن ڇڏيل دڳ تي ناهن هلندا. پر سراج صاحب پنهنجي اولاد ۽ گهر ڀاتين ۾ سنڌيت جو اهڙو ته روح ڦُوڪيو جو اڄ سندس ننڍي ڀاءَ اعجاز ميمڻ، سندس ڀيڻن ڊاڪٽر فهميده حسين، انيس ميمڻ ۽ جميله ۽ پٽن ڊاڪٽر امجد سراج ۽ ارشد سراج کي ڏسي جيڪا تصوير جُڙندي اُها هُو بهُو سراج جي تصوير آهي. ساڳيو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيار، خدمت جو جذبو، علميت ۽ فضيلت. حميد آخوند صاحب جي صلاح تي سندس خاندان سندس ئي نالي جي نسبت سان هڪ اداري جو بنياد رکيو آهي، جنهن پنڌَ ۾ مان به ساڻن شامل آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته اِهو ادارو سراج صاحب جي خوابن جي ساڀيان لاءِ هڪ علمي، ادبي ۽ تحقيقي ذريعو ثابت ٿيندو. سراج صاحب جهڙن املهه ماڻڪن جي کوٽ سگهارا ۽ ذميوار ادارا ئي پوري ڪري سگهن ٿا ۽ ان طريقي سان انهن کي ڀيٽا به ڏئي سگهجي ٿي. ٻين فيبروريءَ 2013 تي سنڌ جي هن باوقار اديب، دانشور، محقق، پارکو ۽ عاشق آخري ڀيرو سنڌ ۽ هن سنسارَ ڏانهن پنهنجي شانائتي مُرڪَ سان نِهاري پنهنجون تشنه خوابن واريو اکيون هميشه لاءِ ٻُوٽي ڇڏيون، ۽ ٽين فيبروريءَ تي ڪراچيءَ جي گِذري قبرستان ۾ اُنِ مٽيءَ سان وڃي مليو، جنهن جي علمي ۽ ادبي هُڳاءَ جو نالو سراج هو.