سنڌي فلمن کي عروج تي پهچائيندڙ اداڪار، هدايتڪار ۽ فلمساز شاهه اسد جي 14 هين ورسي 29 نومبر تي ملهائي ويندي

حيدرآباد : سنڌي فلمن کي عروج تي پهچائيندڙ ناليواري اداڪار ۽ هدايتڪار شاهه اسد جي 14 هين ورسي 29 نومبر تي ملهائي ويندي. سنڌي فلمن سان بي پناهه محبت رکندڙ ۽ رات ڏينهن محنت ڪري سنڌي عوام کي شاهڪار سنڌي فلمون ڏيندڙ سنڌي فلمن جو هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاهه اسد جو اصل نالو اسد الله هو، هن 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي، مرحوم ننڍي هوندي کان ئي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکڻ شروع ڪيا هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ”رنگ محل“ فلم ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو. اها فلم سينيما باڪس تي ڪامياب وئي. هن 1974ع ۾ فلم ”غيرت جو سوال“ لاءِ ڊائلاگ ۽ شاعري ڪئي. شاهه اسد 1985ع ۾ فلم ”جلال چانڊيو“ ٺاهي ۽ ان فلم ۾ جلال چانڊيو کي هن هيرو طورکنيو هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر، ليکڪ شاهه اسد هو. فلم ”جلال چانڊيو“ ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، عوام پاران پذيرائي ملڻ تي هن کي سنڌي فلمن ٺاهڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ تر جا ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ وڏيرا هن سان ملي ڪري سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ هن جي همت افزائي ڪرڻ لڳا. هن سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”پرو چانڊيو“ تي 1987ع ۾ فلم ٺاهي هن فلم جو به شاعر، ليکڪ ۽ هدايتڪار پاڻ هو. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار هن منصور بلوچ کي ڏنو. جنهن وڏي محنت سان اهو ڪردار ادا ڪيو، فلم ”پرو چانڊيو“ تمام گهڻو مشهور وئي جيڪا سنڌ جي سينيمائن تي هفتن جا هفتا لڳي رهي. خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٻين ٻولين وارا ماڻهو به هن فلم کي شوق سان ڏسندا رهيا. فلم ”پرو“ پنهنجي ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. حڪومت ”پرو“ تي پابندي مڙهي ڇڏي ته ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ حڪومت مجبورن ٻيهر فلم جي نمائش جي اجازت ڏني، شاهه اسد 50 کان مٿي اسٽيج ڊراما لکيا 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساهه وجهڻ وارو مرحوم شاهه اسد هو. مرحوم آخر تائين سنڌي فلمن لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪندو رهيو. سنڌي فلمن جي لڳاتار ڪاميابين کان پوءِ شاهه اسد سنڌي فلمن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو، سال 1989ع ۾ سنڌي فلم ”شهيد“ ٺاهي هن سنڌي فلم جا مرڪزي خيال انگريزن جي خلاف ”حر مجاهد“ جا هئا.هن فلم کي ”نيشنل ايوارڊ“ به مليو. فلم شهيد جو ليکڪ ۽ هدايتڪار مرحوم شاهه اسد هو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ”جيئي لطيف“ ٺاهي وئي هن فلم جو به مرحوم پاڻ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار هو. هن فلم ۾ شاهه اسد مرڪزي ڪردار اداڪار اسد قريشي کي ڏنو. هن فلم به ٻين سنڌي فلمن وانگر ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙيا. مرحوم سنڌي عوام کي هرسال عيد تي ڪونه ڪو سنڌي فلم جو تحفو ڏيندو هو. مرحوم شاهه اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”محب شيدي“ تي فلم ٺاهي هن فلم جو فلم ساز، اداڪار يار محمد شاهه هو، جڏهن ته شاهه اسد فلم جو هدايتڪار شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو، فلم ”محب شيدي“ شاهه اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار گلاب چانڊيو کي ڏنو ويو، پر هن فلم پرو چانڊيو وارو ريڪارڊ به ٽوڙيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ بزنس ڪيو. ان کانپوءِ هن سنڌي ٽيلي فلم ”شاگرد“ ٺاهي ۽ آخري سندس ٽيلي فلم ”مان عاشق تنهنجو آهيان“ هئي. سنڌي فلمن جو سچو عاشق ۽ تخليقڪار شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو.