how to say do your homework in japanese can someone help me with my essay creative writing gift sets i would like to help you with your homework how to help the poor and needy essay top resume writing service 2019 master of arts in creative writing philippines money for doing homework a well written curriculum vitae reliable dissertation writing services just do your homework meaning hire someone to write my college essay

سنڌي صحافت جو تنقيدي جائزو: ليکڪ بشير ميمڻ

جرنلزم هڪ اهڙو هُنر ۽ پيشو آهي جنهن ذريعي اسان هميشه ٻين بابت عوام کي ٻڌائيندا آهيون، پر ڇا ڪڏهن اهڙو وقت ۽ لمحو به آيو آهي جو اسان جرنلزم بابت ماڻهن کي ٻڌايون، جيتوڻيڪ اُن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته معاشري ۾ علم و تدريس، طب ۽ اهڙن ٻين پروفيشنس وانگر صحافت به معاشري جو هڪ اهم ۽ مقدس پيشو آهي، جنهن کي هن وقت جا ميڊيا ماهر ۽ محقق نه فقط معاشري جي هڪ اهم اداري جو درجو ڏيئي رهيا آهن، بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي مختلف يونيورسٽين ۾ هن پروفيشن جو علم پي ايڇ ڊي سطح جي ڊگري تائين پڻ پڙهايو وڃي ٿو، پر صحافت جي پيشي کي اهڙي تقدس ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسڻ جو مقصد ۽ مطلب هرگز اهو نه هئڻ گهرجي ته صحافت ڪا اهڙي مقدس ڳئون (Sacred Cow) آهي جنهن کي ڪنهن نقاد جي ضرورت نه هجي يا جنهن مٿان ڪا تنقيد نه ڪري سگهجي.

خاص طور تي اسان جي ملڪ ۾ جتي  ڪميشن ڏيئي پنهنجي چئنلن يا اخبارن لاءِ سرڪاري اشتهار وٺڻ وارو عمل ايترو ته عالم آشڪار آهي جنهن کان انڪار غير سرڪاري طور تي نه لاڳاپيل اداري جا عملدار ڪندا آهن نه ئي وري ڪنهن ميڊيا جي اداري جا ماڻهو ڪندا آهن. ان ڪري اسان وٽ ڪميشن ڏيئي اشتهار حاصل ڪرڻ واري رجحان ڪري صحافت جو ڪردار اڻ سڌي طرح ئي صحيح پر داغدار ضرور ٿيل آهي. جنهن سبب معاشري جي ڪنهن به باشعور فرد کي صحافت جي پروفيشن سان لاڳاپيل اهڙي رجحان کي تنقيد جي دائري ڪار ۾ آڻڻ جو حق آهي.

هن مضمون جي لکڻ کان سال اڳ ڪنهن صحافي دوست جي شاديءَ جي دعوت ۾ شرڪت دوران ڪجهه صحافي دوستن سان ذاتي حال احوال ۽ ڪچهري ڪندي صحافت سان لاڳاپيل هڪ واقعو ڪنهن صحافي جي زبان سان معلوم ٿيو ته هڪ ڀيري حڪومتي ڌُر سان لاڳاپيل ڪنهن سياستدان جو جيڪو وزير يا مُشير پڻ هو، ڪنهن صحافي دوست جي تعاون ۽ مدد سان سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر جي ضلعي پريس ڪلب ۾ پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. نتيجي طور جڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ دؤران ڪنهن سنڌي اخبار جي گهٽ پگهار يا اُجرت تي ڪم ڪندڙ صحافي اُن حڪومتي ڌُر سان لاڳاپيل سياستدان کان جڏهن سندس پنهنجي کاتي ۾ ٿيل ڪجهه بدعنوانين بابت سوال ڪيا ته نتيجي ۾ اُن پريس ڪانفرنس ڪندڙ سياستدان جي پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪرائيندڙ صحافي دوست پنهنجي ئي لڏي جي ان سوال ڪندڙ صحافي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ اگرن نتيجن جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون، پوءِ صحافت ۾ موجود مذڪوره رجحانن سبب اسان جي ملڪ جي صحافت جو عام ماڻهو جي نظرن ۾ تقدس پائمال ڇو نه ٿيندو؟

اسان جي ملڪ جي صحافت ۽ صحافين سان لاڳاپيل هڪ اهڙي ٻئي واقعي جو ذڪر آهي ته سال 2009ع ۾ جڏهن سنڌ سان لاڳاپيل هڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر برطانيه مان پنهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي لکڻ لاءِ  سنڌ مان Primary Data گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهر حيدرآباد، سنڌ ۾ واپس آيو هو ته هڪ ڏينهن اوچتو سندس پاڙي جي هڪ گهٽي ۾ ڪنهن يونيورسٽي جي سينئر پروفيسر سان حال احوال ڪندي سوال ڪيو ته برطانيه ۾ ڪهڙي موضوع تي تحقيق ڪري رهيو آهين، جڏهن جواب ۾ برطانيه ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالر اُن پروفيسر کي ٻڌايو ته هو “سنڌ جي صحافين جي سماجيات” سان لاڳاپيل موضوع تي تحقيق ڪري رهيو آهي، اهو ٻڌي ان سينئر پروفيسر هڪدم  خراب تاثر ڏئي خراب  وراڻيس ته “ڪنهن تي تحقيق ڪري رهيو آهين”. پوءِ جڏهن عام ماڻهن جي ذهنن ۾ صحافت ۽ صحافين بابت اهڙو رايو ۽ تاثر قائم ٿيڻ لڳندو ته پوءِ اسان جي معاشري ۾ ٿيندڙ صحافت جي ڪردار تي تنقيدي نگاهه وجهڻ ۾ دير ڇو ڪجي؟.

صحافت جي پروفيشن جي ڪردار جي ڪمزوري جو اندازرو اُن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن به ملڪ ۾ هي اهڙو پيشو آهي جيڪو مسلسل سندس ملڪ جي اقتصادي، سياسي، ثقافتي ۽ ٽيڪنالاجيڪل اثرن کان تمام جلد متاثر ٿيندو رهي ٿو. ٻين لفظن ۾ ان جو مقصد اهو ٿيو ته جڏهن به ڪنهن ملڪ يا معاشري جون اقتصادي حالتون ڪمزور ٿينديون ته اهي پڻ خابرو ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي مالي حالتن کي ڪمزور ڪنديون آهن، جنهن سبب صحافي ڪمزور مالي حالتن سبب صحافت جي معيار ۽ اخلاقيات تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا آهن. ان کان علاوه جيڪڏهن ملڪ جو سياسي نظام جمهوريت مان بدلجي مارشل لائي ٿي ويندو آهي ته اهو پڻ صحافت جي آزاد هجڻ واري خاصيت کي ڌڪي ۽ ڪمزور ڪندو آهي. جيستائين دنيا جي ڪنهن به خطي جي ثقافتي قدرن جو تعلق آهي ته اُهي پڻ نيوز رپورٽنگ تي اثرانداز ٿين ٿيون پر جيڪڏهن ڪو صحافي پنهنجي خطي جي ثقافتي قدرن کي ٽوڙي ۽ خلاف ورزي ڪري ڪابه خبر شايع ۽ نشر ڪرائيندو ته پوءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهندو.

آخر ۾ اوهان جيڪڏهن راڪيٽ جي رفتار سان ايجاد ٿيندڙ ڏينهون ڏينهن ميڊيا جي نئين ٽيڪنالاجي جي تناظر ۾ صحافت جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندو ته اسان جي ملڪ ۾ خبر جي شايع ۽ نشر ٿيڻ جي رفتار ۾ تيزي ته ضرور آئي آهي پر اُها صحافت جي ساک کي سمهجوتي هيٺ آڻي پوءِ ئي آئي آهي.

بهرحال مذڪوره بحث مان اهو اَخذ ڪيون ٿا ته جيتوڻيڪ اسان معاشري ۾ صحافت جي ڪردار جي اهميت کان انڪار نٿا ڪري سگهون، پر هن پيشي جي ڪمزورين ۽ اوڻاين پوڻاين کي به پنهنجي نظر کان اوجهل نٿا ڪري سگهون. ان ڪري معاشري جي باشعور فردن پاران صحافت تي مثبت تنقيد ڪرڻ واري عمل لاءِ دروازي کي ڪڏهن به بند نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان صحافت ۾ اعليٰ معيار آڻڻ ممڪن ٿي پوندو