سنڌي ادب جو مست قلندر ، علي بابا

سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستار اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي پڻ هڪ آهي . علي بابا 1945ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ) ۾  محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو سندس نالو علي محمد رکيو ويو ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي  ليول تي ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو .

علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا  هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا. علي بابا جو  پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو جيڪو  ڪوٽڙي لڏي آيو. علي پرائمري تعليم نانگو لائن ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شيردل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته عليءَ هڪ ڇوڪري کي ڀوندو ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحاني مرڪز مان ڪڍي ڇڏيو پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي پيو.علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرٿي ٿيو، جتي ست سال نوڪري ڪيائين. بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسٽنٽ ميئنيجر طور ڪم ڪيائين  1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين .

علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هو،  جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جو سفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته  ”مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ مون اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه ڪيو هو، پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئس.“

علي بابا پنهنجي منهن ويهي لکندو هو ۽ وري ڪاڳر ڦاڙيندو رهندو هو. لڳاتار سلسلو هلائيندي 1965ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي ميگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ رسالي جي آخر تائين سندس تصنيفون ان ۾ شايع ٿينديون رهيون.

علي بابا پنهنجي قلم کي سچي ۽ نيڪ نيتي سان هلايو.  هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو، هن سدائين سخت پورهئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو.  علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو،  سنڌو درياءُ، ڪارونجھر جبل،  ٻيڙي،  مهاڻا ۽ تاريخ هئا.

علي بابا جو هڪ عظيم خواب، سنڌو درياءُ جي ماضيءَ واريون موجون، ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا،  سنڌوءَ ۾ فيڪٽرين جو ڪيميائي مادي بدران شفاف پاڻي ڏسڻ هو.

علي پنهنجي جيون ۾ 300 کان مٿي ڪهاڻيون، ڊارما لکيا.  علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا. هن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺ تي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين  جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ، رني ڪوٽ،  ڪارونجھر جبل جا عڪس پسي سگهجن ٿا. علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ” ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي “ ۾ لکي ٿو ته ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ  شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا. جيتوڻيڪ حفيظ شيخ، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، نسيم کرل نوان موضوع آندا هئا پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو اها ڳالهه 1960ع جي آهي .

علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو، هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو.  هر وقت پيو لکندو هو سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا جو ئي وڙ آهي. سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي اهي گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف چڪڻ ڄاڻيندا آهن.  ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن، سنڌو کان ويندي ڪارونجهر، ڪينجھر،  رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي. علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيون.  سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن علي بابا ، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي ڪيترائي ڊراما لکيا  100 کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور  ٿيا.

دنگي منجهه درياءُ

دُنگي منجهه درياءُ علي بابا جو هيءُ  هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن  سرجي سگھي ٿو 1976ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي  ميلي  ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي 79 ملڪن حصو ورتو هو ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو هن ڊارمي ۾ سنڌو درياءُ جي جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعلي طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪيو آ سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استمعال ڪئي آهي پهاڪا پڻ شامل آهن.

سنڌ باد جو سفر

علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو هن ناول اندر سنڌباد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياءُ بادشاه جو سير ڪري ٿو. هن ناول ۾ ۾ درياءُ ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن. ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل، گوڪان، هوٿل، پري، ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به ان جي اڻپورت  جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن. علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان ها ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول “ سهڻي نموني ڏيان هان ته ناول وڌيڪ اثرائتو ٿئي ها.

موهن جو دڙو

علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي. هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي، هن ناول شاهڪار ناول ٻن حصن ۾ اچڻو هو پر ٻيو حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي به ڪوهين ڏور هليو ويو.باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.هن ناول جون ڪجهه قسطون 1968ع واري دور ۾  حميد سنڌي جي ميگزين ” روح رهاڻ “ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون. ”روح رهاڻ“ تي بندش کان پوءِ بقايا  قسطون شمشير الحيدري جي ميگزين ” نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيون.  

هن ناول بابت مدد علي سنڏي لکي ٿو ته ” تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو . پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين.“علي بابا 1983ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو ان کان علاوه 1984ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا 1990ع ۾ موهن جو دڙو ناول 1993سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ 1996 ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو  سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو  شاهه لطيف ڊوامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار  8 آگسٽ 2016 سومر جي ڏينهن 71 سال 7 مهينا گذاري هميشه لاءِ  سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو   علي بابا جي وفات کان پوءِ  سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽري جو نالو مٽائي علي بابا گورنميٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا. افسوس! اهو سڀ تڏهن ٿيو جڏهن  سنڌي ادب جو هي مست قلندر علي بابا اسان کان وڇڙي ويو.

مير سردار چنڙ