سنڌي ادبي سنگت شاخ اڏيرو لال اسٽيشن جي سالياني چونڊ ٿي گذري

نيو سعيدآباد ( رپورٽ عبدالواحد عمراڻي ) سنڌي ادبي سنگت شاخ اڏيرو لال اسٽيشن جي سالياني چونڊ سنڌي ادبي سنگت ضلع مٽياري جي رابطه سيڪريٽري اداس سولنگي جي نگراني ۾ احساس لائبرري ۾ ٿي گذري جنهن ۾ نئين سال جي لاءِ گڏيل صلاح سان عهديدار چونڊيا ويا جن ۾ سيڪريٽري شاد عبدالشڪور ڇٽو جوائنٽ سيڪريٽري فقير بلاول خشڪ خزانچي منظور عمراڻي آڊيٽر عبدالغفور ڇٽو ڪائونسلر حاجي غلام حيدر خاصخيلي جڏهن ته ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن ۾ عرفان عمراڻي عاجز ڇٽو احساس ميرل سهتو شيرل سولنگي حيدر امان جسڪاڻي امين اڏيرائي ۽ شاهنواز چنا شامل هئا چونڊ کان پوءِ هڪ ادبي نشست ٿي گذري جنهن ۾ ڌرتي جيڏي شاعر شيخ اياز جي ورسي جي مناسبت سان کيس ڀرپور خراج عقيدت،جذبن ۽ لفظن جي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي اڏيرو لال جي نامياري اديب ۽محقق آزاد ابوبڪر ڇٽو جي ٻن ڪتابن ,,سڙيا مٿي سچ,,۽,,لطيفي دنيا,,جو مهورت پڻ ڪيو ويو تقريب ۾ ناميارن اديبن محمود مغل محمد مٺل جسڪاڻي امين اڏيرائي اداس سولنڱي احساس ميرل سهتو مسڪين سمون آزاد ڇٽو نصير نهڙيو فقير محمد انڙ ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو ۽ نون چونڊيل عهديدارن کي گلن جا هار پارايا ويا.