سنڌي ايسوسيئشن آف يو اي اي پاران ڊگهڙي جي نئون دمبالو روڊ تي برسات متاثرن لاء ايمرجنسي ميڊيڪل رليف ڪيمپ لڳائي:450 مريضن کي تپاسي دوائون ڏنيون ويون

سنڌي ائسوسيشن آف يو اي اي پاران ميرپورخاص جي تعلقي ڊگهڙي ۾ نئون دمبالو روڊ تي برسات متاثرن لاء ايمرجنسي ميڊيڪل رليف ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ 450 کان مريضن کي تپاسيو ويو ء عالمي معيار جون مفت دوائون ڏنيون ويون ، ان سان گڏ مڇرن کان بچاء لاء 200 مهاريون ورهايون ويون.خادمين سنڌ فائونڊيشن جي سهڪار سان ايمبولسىنس سروس پڻ مهيا ڪئي وئي. 

ايس اي يو اي اي جي چيف آرگنائيزر انجنيئر ماجد حيدري، مرڪزي آرگنائيزرس انجنيئر مسلم بڙدي ، ڊاڪٽر واجد حيدري ڪيمپ کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر ڌرميندر ڪولهي ، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، خادمين سنڌ فائونڊيشن جي پنهل لاڙڪ، ممتاز آريسر، عابد ڪوري سميت ڊگهڙي جي دوستن کي خراج پيش ڪيو . ايس اي يو اي اي جي پوري ٽيم يو اي اي ۾ سهڪاري دوستن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن برسات متاثرن جي سهائتا لاء پنهنجو شانئتو ڪردار ادا ڪيو. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ جسم چيئرمين رياض چانڊيو، سيدنواز شاه ، پنهل جمالي ء ٻين تر جي سياسي، سماجي اڳواڻن شريڪ ٿي ڊاڪٽرز ء رضاڪار ٽيم کي خراج پيش ڪيو. ايس اي يو اي اي (SA UAE) پاران ٻه روزا ميڊيڪل ڪيمپ سنڌ بلوچستان بارڊر ايريا قبو سعيد خان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ لڳائي ويندي.