course in creative writing ignou what does do your own homework mean online creative writing course singapore phd creative writing qut creative writing best universities uk write my essay tiktok writing college admission essay university of calgary phd creative writing best companies to write my essay uncw creative writing faculty thesis title page creator spaceship description creative writing

سنڌو نديءَ کي انسانذات واري حيثيت ڏيڻ جي ضرورت: ليکڪ نواز خان زئور

”آئون نديءَ آھيان، نديءَ آئون آھي؛ ۽ عظيم نديون پھاڙن تان لھنديون، ميدانن مان وھنديون، سمونڊن ڏانھن ڪَھنديون وينديون آھن.“ انھن لفظن کي پاڻ ھينئن به ڦيرائي سگهون ٿا: ”نديءَ منھنجي وجود ۾ آھي، آئون نديءَ جي وجود ۾ آھيان، ۽ اسان کي جيئڻ جو حق آھي.“ ھيءَ اھي لفظ آھن، جن سان نيوزيلينڊ جي مئوري قبيلي پنھنجي تاريخي ۽ اباڻي نديءَ وانگَنوئي (Whanganui) سان پنھنجي ناقابلِ تبديل ۽ اڻٽٽ رشتي جو اعلان ڪيو. نيوزيلينڊ جي وچولي اتر آئيلينڊ جي ٽن آتش فشان پھاڙن جي برفاني ماٿرين مان ڦُٽي نڪرندڙ ھن درياهه جي لاءِ مئوري قبيلي جي ماڻھن وٽ ڏندڪٿا آھي ته ”آڪاسُ پيءَ جي اک مان ھڪڙو ڳوڙھو روپيھو پھاڙن جي پيرن ۾ اچي ڪِريو ۽ درياهه بڻجي ويو.“ مئوري قبيلي ورھين جا ورھيه، اٽڪل ھڪ سئو چاليهه سال، ھن درياهه جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ ۽ ان تي پنھنجي حق کي اجاڳر ڪرڻ ۽ مڃائڻ لاءِ جدوجھد ۽ جاکوڙ ڪئي. ھو چون ٿا ته ”اسان جو سڀ ڪجھ ھيءَ درياهه آھي ۽ اسين ان بنان نٿا جيءَ سگهون.“ سندن جدوجھد جو نتيجو اھو نڪتو جو نيٺ نيوزيلينڊ حڪومت کي ھن درياهه ڏانھن پنھنجي روش بدلائڻي پئي. مارچ 2017ع ۾ نيوزيلينڊ حڪومت وانگنوئي نديءَ کي انساني ۽ قانوني حق ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اھڙي طرح نيوزيلينڊ دنيا جو پھريون ملڪ آھي، جنھن ھڪ درياهه کي انساني رتبو، قانوني حق ۽ بنيادي انساني حق حاصل ھجڻ واري حيثيت ڏني آھي. وانگنوئي دنيا جي پھرين نديءَ آھي، جنھن کي انسانذات وارو رتبو ۽ انساني حق ڏنا ويا آھن. سنڌو نديءَ جيان اتران ڏکڻ وھندڙ وانگنوئي نديءَ نيوزيلينڊ جو ٽيون نمبر وڏو درياهه آھي. ان کان اڳ ۾ نيوزيلينڊ پنھنجي تي يورويرا (Te Urewera) جهنگ ۽ تي آوا تُپوا (Te Awa Tupua) درياهه کي قانوني حق مھيا ڪيا ھئا. البت انساني رتبو وانگنوئيءَ کي ئي ڏنو ويو آھي.

نيوزيلينڊ کان پوءِ انڊيا دنيا جو ٻيو ملڪ آھي، جنھن جي ندين کي پڻ انساني حق ڏنا ويا آھن. وانگنوئي واري ساڳيي سال يعني 2017ع ۾ انڊيا جي رياست اترکنڊ جي ھاءِ ڪورٽ گنگا ۽ جمنا ندين لاءِ انساني شخصي حقن واري مڃتا ڏني. گنگا نديءَ ھماليا جبل جي گنگوتري گليشيئر منجهان وھي نڪري ٿي. اھا ھماليا کان 2550 ڪلوميٽرن (1570 ميلن) جو پنڌ ڪري بنگلاديش جي برهمپترا ۽ ميگھنا ندين کي پاڻ ۾ سمائيندي، پدما چوائيندي بنگال جي اپسمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ٿي ڪري. جمنا نديءَ به گنگا ۾ اچي ٿي پوي. جمنا، جنھن کي ھنديءَ ۾ يمنا پڻ چون ٿا، تبت جي چمپاسر گليشيئر مان ڳاٽ کڻي، وکون ڀريندي 1375 ڪلوميٽرن (855 ميلن) جي منزل ھڻڻ کان پوءِ پرياڳ ويجهو ترويڻي سنگم وٽ پھچي گنگا ۾ سمائجي ٿي وڃي. سرسوتي نديءَ جي گنگا سان ميل جو به اهو ماڳ آھي. جمنا نديءَ دھلي جي لڳ ڀڳ ھڪ ڪروڙ اسي لک ماڻھن جي اڃ اجهائي ٿي. انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ھونئن ته ڀلي کڻي ڇڪتاڻ ھجي، پر ٻنھيءَ ۾ ھيءَ ھڪجھڙائي آھي ته ٻيئي وڏن ڊيمن جا حامي آھن. جيڪس تنھن ڪري انڊيا جي سپريم ڪورٽ اترکنڊ ھاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي تي ارھي ٿي ۽ ان کي ريٽڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اترکنڊ رياست پنھنجي ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي قبوليت ڏني آھي.

جھڙي ريت ايٿوپيا کي پاڻي جو مينار چيو ويندو آھي، اھڙي ريت بنگلاديش کي وري ”درياھن جو ديس“ سڏيو ويندو آھي. درياھن جو اھو ديس دنيا جو ٽيون ملڪ آھي، جنھن پنھنجين سمورين ندين کي قانوني حق (Legal Rights) ڏنا آھن. بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ٽيون ور سال يعني 2019ع جي جولاءِ مھيني ۾ ملڪ جي سمورن درياھن کي قانوني حق ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو. جنھن بعد حڪومت درياھن بابت قومي سنسٿا (National River Conservation Commission) ٺاھي آھي. جيڪڏھن ڪوبه ماڻھو ڪنھن به درياهه کي ڪنھن به قسم جو نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو ته کيس ان ڏوهه ۾ عدالت جو منھن ڏسڻو پوندو. دلچسپ ڳالهه ھيءَ به آھي ته جيئن تاريخي لحاظ کان سنڌين جو ندين ڏانھن رويو ماءُ وارو آھي، تيئن بنگالي به ندين کي ماءُ سمجهندا آھن. ھُو ندين جي اھميت کان آگاھ آھن.

دنيا ۾ اھڙا ڪجهھ ٻيا مثال پڻ موجود آھن. جھڙوڪ آمريڪي رياست اوھيو ۾ ايري ڍنڍ (Erie Lake) کي پنھنجي فطري واڌويجھ، پاڻڀرائي ۽ جيئري رھڻ لاءِ قانوني حق ڏنو ويو آھي. ڪولمبيا جي ائتراتو (Atrato) نديءَ ۽ ڪن جهنگلن ۽ ٻيلن کي به قانوني حق مھيا ڪيا ويا آھن. ايڪواڊور 2008ع ۾، بوليويا 2011ع ۾ ۽ نيوزيلينڊ 2017ع ۾ پنھنجي پنھنجي آئين ۾ ”فطرت جي حق“ جون شقون شامل ڪيون آھن. سن 2018ع ۾ امازون جي جهنگ پڻ قانوني حق ماڻيو. اھڙي نموني ھاڻي سڌريل دنيا جي متحرڪ سياست ۾ پڻ فطرت ۽ ماحوليات جي بچاءُ وارا نقطا شامل ٿي رھيا آھن.

اصل ۾ جديد دنيا اندر ”فطرت جي حقن“ واري خيال جي اؤسر اڌ صدي کن پراڻي آھي. آمريڪا جي سپريم ڪورٽ 1972ع ۾ سيرا مورٽن جي ڪيس ۾ فيصلو ڏنو تھ ”فطرت جا پنھنجا حق آھن. فطرت جي ماحولياتي توازن لاءِ ڳڻتي ڪرڻ جُڳائي. اسان جي زندگيءَ ماحوليات سان لاڳاپيل آھي، تنھن ڪري ان جو تحفظ ڪرڻو پوندو.“ حقيقت ۾ ھيءَ ھڪ تاريخ ساز فيصلو ھو. جنھن جي نتيجي ۾ فطرت ڏانھن ماڻھن جي روين ۾ ھڪ قسم جو بدلاءُ اچڻ شروع ٿيو. ان طرح فطرت جي حقن جو شعور اپڙيو. انھيءَ بعد اھو جديد سڌريل دنيا جو ندين، درياھن، ڍنڍن، جهنگن، ٻيلن ۽ مجموعي فطرت ڏانھن پيدا ٿيندڙ نئون انساني رويو آھي، جنھن ۾ ندين، درياھن، آبي گذرگاھن، ڍنڍن ۽ ٻيلن کي قانوني حق ڏيڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن ۽ انھن کي انساني حيثيت ڏيڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن. دنيا جيئن پوءِ تيئن فطرت ڏانھن وڌيڪ حساس ٿيندي پئي وڃي. انھيءَ ڪري اھا فطرت کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رھي آھي. حق رڳي انسان جا ته ناھن، ھر چُرندڙ پُرندڙ، ھلندڙ ڦرندڙ، اڏامندڙ ۽ ريڙھيون پائيندڙ وجود ۽ فطرت جا پڻ حق آھن.

سنڌو نديءَ پڻ ھڪڙي تاريخي ۽ ڪروڙين ورھيه پراڻي نديءَ آھي. جنھن جو ھن ڌرتيءَ تي فطري، جاگرافيائي، زرعي، تھذيبي، ثقافتي، مذھبي، فڪري ۽ انساني ارتقا ۾ ھڪڙو تمام اھم ۽ نھايت وڏو ڪردار آھي. جيڪڏھن ڏکڻ ايشيا جي ھن خطي ۾ سنڌو نديءَ جو وجود نھ ھجي ھا، تھ پڪ سان ھِنن ڏکڻ وارن ملڪن جو طبعي وجود ئي نه ھجي ھا. سونَمياڻي کان وٺي کنڀات تائين ھن ڏيهه جا سارا پَٽ، پوٺا، پھاڙ، ڍنڍون ۽ ميداني ماڳ سنڌو نديءَ جو تخليقي ڪارنامو آھن. جيڪڏھن ھيءَ تخليقڪار نديءَ نه ھجي ھا ته ھوند سنڌ پڻ نه ھجي ھا. سنڌ ته ماڳھين تخليقي جُڙت ئي سنڌو مَيا جي سونھري ۽ روپھري پاڻين جي آھي. بيشڪ سنڌو نديءَ دنيا جي قديم ترين ندين منجهان ھڪ آھي.

ڀونءَ وديا جي ماھرن جتي ھن سدا جوان ۽ سھڻي ڌرتيءَ جي عمر ڪٿڻ جون ڪوششون ڪيون، اتي انھن دنيا جي مختلف درياھن جون ڄمارون پڻ ڪٿيون آھن. انھن جي اندازن موجب دنيا جي سڀ کان پراڻي نديءَ آسٽريليا جي ڦِنڪي نديءَ (Finke river) آھي، جنھن جي ڄمار اٽڪل ساڍا ٽي سئو کان 400 ملين ورھيه آھي. فرانس مان وھي بيلجم ۽ نيدرلينڊ اڪري اترئين سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندڙ ميوس نديءَ (Meuse) دنيا جي ٻيءَ پراڻي ندي آھي، جنھن جي عمر 320 کان 340 ملين سال چئي وڃي ٿي. يورپ جي وڏن درياھن ۾ ڳڻجندڙ رائين نديءَ (Rhine river) ٽئين نمبر تي چئي وڃي ٿي، يعني اھا 240 ملين سال، ميڪليي نديءَ (Macleay river) 80 ملين سال، مصر جي نيل نديءَ 65 کان 75 ملين ورھيه ۽ ٽيمس درياھ (Thames) 58 ملين سال پراڻو آھي. ان بعد پنھنجي سنڌو نديءَ آھي، جيڪا 45 ملين سال قديم آھي. جڏھن ته ٽائن درياھ (River Tyne) 30 ملين سال ۽ چين جي يانگزي نديءَ 23 کان 36 ملين سال قديم آھي.

دنيا جي قديم درياھن کي جيئڻ، زندهه رھڻ ۽ وھندو رھڻ جو حق آھي. ڀٽائي سائين فطرت، درياھن ۽ ندين جي آزاد جياپي کي مڃتا ڏيندي چيو ھو: ”لھر مِڙيوئي لال، وَھَڻُ کٿوريان وِترو.“ وَھڻُ زندگيءَ آھي؛ اھو ھر کٿوريءَ کان وڌيڪ خوشبودار، سڳنڌيل، سُرھو ۽ ثمردار آھي. سنڌي قوم پڻ دنيا جي انھن قومن منجهاران آھي، جيڪي فطرت، درياھن ۽ ديس سان پيار ڪن ٿيون. ھزارين صدين کان، تاريخي سفر ۾ ھڪ جرُ پوڄاري قوم پنھنجي سنڌوءَ جي سيوا ڪندي ٿي اچي. اھا سنڌو نديءَ سنڌين لاءِ اڄ پڻ ماءُ جيان آھي. ھڪ ٻاجهاري ماءُ. نيوزيلينڊ جي مئوري قبيلي جيان سنڌي پڻ ڪئين سالن کان سنڌو نديءَ جي بچاءَ ۽ بقا جي ويڙهه وڙھي رھيا آھن. وانگنوئي، گنگا، جمنا ۽ بنگلاديشي ندين جيان سنڌو نديءَ کي پڻ انسانذات جو درجو، انساني حق ۽ قانوني حق ملڻ گهرجن. ھڪ عظيم، تاريخي ۽ ننڍي کنڊ جو وڏو درياهه، جيڪو پوڇڙ ۾ سترنھن ڇاڙن ۾ ورڇجي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو ۽ ميلن جا ميل سمنڊ کي اڳتي ڌڪيندو ويندو ھو؛ جيڪو تخليقڪار درياھ آھي، جيڪو سالياني 44 ڪروڙن کان 75 ڪروڙ ٽن لٽ آڻيندو ھو؛ ۽ ورھاڱي کان اڳ 180 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي پنھنجي ڇوڙ تائين کڻي ايندو ھو؛ جنھن جو ڪچو حسناڪي ۽ فطري منظرن ۾ پنھنجو مَٽُ پاڻ ھو، انھيءَ عظيم درياهه کي ڊيمن، بندن، بئراجن ۽ ڪئنالن جي سنگهرن ۾ سوگهو ڪري موت ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي. سنڌوءَ جو موت ھڪ وطن، ھڪ قوم، ھڪ ثقافت ۽ ھڪ تھذيب جو موت ته آھي ئي آھي، پر اھو ھڪ وشال، وسيع ۽ اکُٽ زندگيءَ جو موت ھوندو. ھن درياهه جو بچڻ زندگيءَ جو بچڻ آھي. تنھن ڪري ھن درياھ کي انساني حق ملڻ گهرجن، انسانذات جو رتبو ملڻ گهرجي ۽ قانوني حق ملڻ کپن.

بنيادي انساني حق، قانوني حقن ۽ انسانذات جي رتبي مان مراد آھي ڪنھن بھ درياھه جو پنھنجي توڙ تائين آزادي سان وھندو رھڻ. انسانذات جي حق جو مطلب آھي ندين جي مرڪڻ، جيئري رھڻ ۽ فطري وھڪري جو حق، انھن جي حياتياتي گوناگونيءَ (Biodiversity) جي بحالي، انھن جو ڀرجندو، ڇُلندو ۽ رقص ڪندو رھڻ ۽ ڍنڍن ڍورن توڙي ٻين آبي گذرگاھن کي ڀريندو رھڻ، انھن جي ماحولياتي نظام (Environmental phenomenon) ۽ حياتياتي مانڊاڻ (Eco system) جو بچاءَ، ٻيلن جي واڌويجهھ ۽ نديءَ جي ساري فطري سرشتي جي موجودگي. نديون وھنديون رھنديون ته ڊيلٽائي علائقا مرڪندا رھندا. نديون ھن سھاڳڻ ڌرتيءَ جو مستي ڀريو ۽ ڳاڙھو کھنبو ٽھڪ آھن. زراعت ۽ توانائي جي نالي تي ان ٽھڪ کي گهُٽڻ نه گهرجي. اھڙي طرح ھن عظيم سنڌو نديءَ کي پڻ زندگيءَ جو حق ملڻ گهرجي. ندين کي زندگيءَ جو حق بذاتِ خود انسان جي زندگي جو دليل آھي.