oxford creative writing undergraduate what are the different forms of creative writing penn foster essay help creative writing jobs in michigan business plan can help you essay writing school bully fully funded mfa creative writing canada harvard college writing center strategies for essay writing a good essay writer homework help sites chat thesis statement aid the writer help me improve my essay

سنڌو تهذيب جو ڪلچر ۽ سڃاڻپ:ليکڪ جڳديش آهوجا

“عرب ڪلچر منهنجو ڪلچر ناهي، منهنجو ڪلچر انڊس ويلي سولائيزيشن، سنڌو تهذيب جو ڪلچر آهي، مون کي ان ڪلچر جي اندر اُسرڻ ڏيو، ان ڪلچر جي اندر رهڻ ڏيو، ان سان ئي منهنجي سڃاڻپ ٿيندي.” پاڪستان جي سينيٽ اجلاس ۾ عربي لازمي پڙهائڻ واري بل تي بحث ڪندي سينيٽر رضا ربانيءَ اها تاريخي حقيقت بيان ڪئي جنهن کي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي. تهذيبي خطن جي سياسي جاگرافي ته سدائين پئي تبديل ٿيندي رهندي آهي پر تهذيبي خطا عروج، زوال ۽ نئين جنم جي انيڪ چڪرن ۾ پنهنجو وجود سدائين برقرار رکندا آيا آهن ۽ اتان جا رهواسي پنهنجي پنهنجي جاگرافي ۽ موسم سارو پنهنجي پنهنجي ڪلچر کي جنم ڏيندا آهن. سندن اهم تهذيبي ڪلچر ئي باقي دنيا لاءِ سندن سڃاڻپ بڻجندو آهي. اتر سنڌو کنڊ ٻن عظيم تهذيبن سنڌو سرسوتي تهذيب ۽ گنگا جمنا جي تهذيب کي جنم ڏنو آهي. جنهن مان قديم ترين  تهذيب سنڌو سرسوتي تهذيب آهي جيڪا سرسوتيءَ نديءَ جي سُڪي وڃڻ سبب هاڻي سنڌو تهذيب طور پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿي جيڪا باقي دنيا ۾ انڊس ويلي سولائيزيشن (IVC) طور مشهور آهي. آڳاٽي دور جي ادب توڙي جديد دور جي قديم آثارن جي تحقيق مان اهو ئي ثابت ٿيو آهي ته سنڌو تهذيب ئي سنڌو کنڊ جي قديم ترين تهذيب آهي ۽ جڏهن سرسوتي ندي ڪنهن قدرتي ارتقائي مرحلي ۾ ختم ٿيڻ لڳي آهي ته سنڌو سرسوتي تهذيبي خطي جي رهواسين ئي  گنگا جمنا جي پٽن ۾ وڃي گنگا جمنائي تهذيب جي آبياري ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڄي انڊين سب ڪانٽيننٽ جو نالو انڊس تان اخذ ڪيل آهي. دنيا ۾ شايد ئي ڪو ٻيو اهڙو سمنڊ ۽ کنڊ هجي جنهن جي سڃاڻپ ئي ڪنهن نديءَ جي حوالي سان هجي. انڊين اوشين (Indian Ocean) جي معنيٰ ئي آهي اُهو سمنڊ جتي سنڌو ڇوڙ ٿي ڪري. انڊيا جي معنيٰ آهي لينڊ آف انڊس (Land of Indus) يعني سنڌو درياهه جي سرزمين.

1947ع ۾ برٽش انڊيا جي ورهاڱي ۾ سنڌو تهذيبي خطي، سنڌو تهذيب ۽ سنڌ واسين سان وڏا هاڃا ٿيا. هندستان جي ورهاڱي ۾ گنگا جمنائي تهذيبي خطو ۽ گنگا جمنا واسي ته سڀ جا سڀ هندستان جي حصي ۾ اچي رياستي طور به متحد رهيا پر سنڌ واسي ۽  سنڌوتهذيبي خطا ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ٻن رياستن ۾ ورهائجي پنهنجي سنڌو تهذيبي سڃاڻپ کان محروم ٿي ويا. جڏهن ته هندستان پنهنجو سرڪاري نالو انڊيا رکي انڊس جي سڃاڻپ ۽ تاريخ به اسان کان کسي ورتي ۽ اسان جي نون حاڪمن وري اسان جي تهذيب تي ڪفر جو ٺپو هڻي پنهنجي سڄي ماضيءَ ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ورثي ۽ ڪلچر کان منهن موڙي ورتو. هنن کي سنڌو تهذيب ۽ سنڌ واسين جون ٻوليون ته غير اسلامي لڳيون پر اردو ٻولي ۽ لکنوي ڪلچر جنهن هندستان جي گنگاجمنائي تهذيب ۾ جنم ورتو هيو تنهن کي وري پاڪستان جي ٻولي ۽ پاڪستاني ڪلچر قرار ڏنو. اهو به تاريخ جو جبر آهي ته جيڪا پارٽي پاڪستان جو آئين جوڙڻ تي ناز ڪري ٿي ۽ جنهن پنهنجي جوڙيل آئين ۽ هندستاني ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ طور شامل ڪيو ۽ پاڪستان جي حقيقي قومي ٻولين کي علائقائي ٻوليون قرار ڏنو تنهن سان لاڳاپيل محترم سينيٽر ئي اڄ درد ڀري دانهن ڪندي چئي ٿو ته منهنجو ڪلچر انڊس ويلي سولائيزيشن جو ڪلچر آهي ۽ سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي وغيره ئي سنڌو تهذيب جون ٻوليون آهن. سنڌ واسين جون مادري ٻوليون آهن، دير آيد درست آيد. جڏهن وقت جو واءُ ورندو آهي ۽ ڪوڙ جا محل ڊهڻ لڳندا آهن ته سچ تاريخ جو سينو چيري نروار ٿيندو آهي. هي اهڃاڻ آهي سنڌ واس جي اُفق تي اُڀرڻ جو، سنڌو تهذيب جي نئين جنم جو، پنهنجي وڃايل سنڌو تهذيبي سڃاڻپ کي وري ماڻڻ جو، سنڌو واسي لوڪن ۽ ٻولين جي نئين اوج ۽ دور جي شروعات جو.

ان کي اوهان اتفاق چئو يا تاريخ جو تسلسل ته محترم رضا ربانيءَ سنڌو تهذيبي سڃاڻپ جي ڳالهه اقتدار جي ايوانن ۾ ان وقت ڪئي جڏهن اڃان انتهائي اڻڄاتل سنڌو واس فائونڊيشن ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ چند سوچيندڙ ذهنن آڏو پنهنجي انڊس فلاسافي متعارف ڪرائيندي سنڌو تهذيبي سڃاڻپ جو ڪيس پيش ڪيو، جنهن جو ڳر اهو آهي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ آباد سڀ ماڻهو تهذيبي طور سنڌ واسي آهن، سڀ قومون سنڌ واسي قومون آهن ۽ سڀ ٻوليون سنڌ واسي ٻوليون آهن. اسان جيڪڏهن پنهنجي وڃايل سنڌو تهذيبي سڃاڻپ کي واپس ورايون ته پهرين مرحلي ۾ پاڪستان جي رياستي ڍانچي اندر رهندڙ سنڌ واسي لوڪن ۽ قومن جي وچ ۾ قائم مذهبي، لساني ۽ قومي تضادن ۽ ٽڪرائن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جون نيون راهون کلي سگهن ٿيون ۽ موجوده مغربي طاقتن ۽ اڀرندڙ مشرقي طاقتن جي غلبي ۽ غلاميءَ کان بچي سگھجي ٿو. سنڌو ندي ۽ سنڌو تهذيب ئي اسان کي اهو بنياد فراهم ڪري سگھي ٿي جيڪو اسان کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ متحد رکي سگھي ٿو. هاڻي پراڻا نسخا پنهنجي وقعت وڃائي مدي خارج ٿي چڪا آهن. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ڪوڙ جا ڪوٽ واريءَ جي محلن  جيان اچي پٽ پوڻ وارا  آهن،لڳي ٿو ته اقتدار  جي ايوانن ۾ ويٺل ڪن سڄاڻ ماڻهن ۽ حلقن کي به اهو احساس ٿي ويو آهي جنهن جو اظهار ايوان بالا يعني سينيٽ ۾ به ٿيو آهي. هاڻي سڄو بار رياست پاڪستان جي ڪلهن تي آهي ته اها وقت ۽ ارتقا جي نبض تي هٿ رکي پنهنجو پاڻ کي سنڌو واسي قومن جي آزاد، خومختيار ۽ برابريءَ واري الحاق ۾ تبديل ٿي ڪري يا پراڻي هوڏ تي قائم ٿي رهي. ويندڙ وهيءَ کي ڪوئي روڪي نٿو سگھي، ارتقا جي ڦيٿي کي ڪو ئي بيهاري نٿو سگھي. ظلم ۽ جبر تي ٻڌل ڪنهن به الحاق ۾ هاڻي سنڌو واسي قومن ۽ لوڪن کي گھڻو وقت قيد ۾ نٿو رکي سگھجي. جيڪا به قوت اهڙي ڪوشش جاري رکندي اها پاڻ وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويندي چاهي اها اڄ ڪيڏي به طاقت ڇو نه هجي.

سنڌو ماٿري/ سنڌو واس جو ڪئنواس تبت جي هماليائي سلسلي مان ڪيلاش جبل جنهن کي تبتي “ڪانگري رنپوچي” سڏين ٿا تنهن جي هنج ۾ واقع “سنگي خباب” کان شروع ٿئي ٿو جتان سنڌو ندي جنهن کي قديم تبتي لوڪ “سنگي تسامپو” سڏين ٿا، سا سدا بهارجھرڻي جي روپ ۾ زمين جي اندران ٻاهر نڪري تبت جي هماليائي ندين ۽ آبشارن جو پاڻي پنهنجي پيٽ ۾ سموئي لداخ، گلگت، بلتستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سنڌو مهاساگر ۾  اچي ڇوڙ ڪري ٿي. جيڪو اڄ هندي سمنڊ ۽ انڊين اوشين طور مشهور آهي. تبت کان سنڌ تائين ڦهليل اهو سمورو سنڌو تهذيبي خطو سنڌو واس آهي. گذريل صديءَ تائين ته سنڌو نديءَ جي مُنهن جي خبر ئي نه هئي ۽ اهو سمجھيو پئي ويو ته سنڌو ندي مانسرور ڍنڍکان شروع ٿئي ٿي ۽ لداخ کان انڊيا جي سرحدن ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن ڪري سنڌو ماٿريءَ جو ڪئنواس سدائين لداخ کان ڳاڻاپي ۾ ايندو آهي، جڏهن ته سنڌو نديءَ جي جنم ڌرتي تبت آهي ۽ سنڌو نديءَ جو تمام گھڻو پاڻي تبت، لداخ ۽ بلتستان مان اچي ٿو، پنجاب جي ندين جي ڀيٽ ۾ اهو پاڻي تمام گھڻو آهي. تبت اندر سنڌو ۾ سڀ کان گھڻو پاڻي زانسڪر نديءَ آڻي ٿي. سنڌو جو سفر ڪندڙ برطانوي صحافڻ ايلس البينيا جڏهن سنگي خباب پهتي هن کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪو سنگي خباب ئي سنڌو نديءَ جو منڍ آهي. سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سڀ کان ڊگھي ۽ منڍ واري ندي “ڪلاچو” آهي. ڏکڻ اوڀر کان “لنگديپ چو” ندي به اچي سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. البينيا ٻڌائي ٿي ته هن سوچيو پئي ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو تبت واسي سنگي خباب کي سنڌو نديءَ جو منڍ قرار ڏين ٿا. سُوين هيڊن جڏهن هتي آيو هو ته کيس تبتي گائيڊ ٻڌايو هو ته سنگي خباب وٽان درياهه جو وهڪرو سردي هجي يا گرمي هڪ جيترو وهي ٿو ۽ ٻين ندين ۾ اها خاصيت نه آهي ۽ انهن جو پاڻي گھٽ وڌ ٿيندو رهي ٿو. تڏهن سنگي خباب کي سنڌو نديءَ جو منڍ قرار ڏنو وڃي ٿو. ٻيو مضبوط سبب اهو آهي ته هيءُ اهڙو منڍ آهي، جيڪو ڪنهن گليشيئر مان نه پر زمين مان اٻڙڪا کائي نڪري ٿو. اهو سوين هيڊن ئي هيو جنهن سڀ کان پهرين سنڌو نديءَ جو منڍ ڳولي لڌو هو ۽ سڄي دنيا کي ٻڌايو هو ته سنڌو ندي جو منڍ مانسرور ڍنڍ مان نه پر سنگي خباب جي زميني جھرڻي مان ٿئي ٿو. سنڌو نديءَ کي شينهن درياهه وري ان ڪري چيو ٿو وڃي جو ان جي منڍ وٽ ٽڪري جي هيئيت شينهن جھڙي آهي. “هي آهي سنگي آري، يعني شينهن جو وارن سان ڀريل منهن” تبتي ڪرم لاما، البينيا کي سنڌو نديءَ جي جنم ڌرتي جي هڪ ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو ۽ ٻي ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو ته “هيءَ آهي سنگي نوربر يعني شينهن پير ۽ هو آهي سنگي ناما يعني شينهن جو پڇ.”

سنڌو ندي ۽ سنڌو تهذيب جي سدا قائم دائم رهڻ جو راز سنڌو نديءَ جي جنم ڌرتي ۾ سمويل آهي، جنهن کان اسان بلڪل بي خبر رهيا آهيون جنهن ڪري اسان ڪڏهن به تبت کي سنڌو ماٿريءَ جي ڪئنواس ۾ شامل نه ڪيو آهي پر هاڻي جڏهن اسان ان بي خبريءَ جي جهان مان نڪري آيا آهيون ته اسان کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌو نديءَ جي جنم ڌرتي بنا سنڌو ماٿريءَ جو ڪئنواس ايئن آهي جيئن منڍيءَ بنا ڌڙ. هاڻ اسان کي پنهنجي دلين ۽ دماغن جا ڪئنواس  ايئن ئي وسيع ڪرڻا پوندا جيئن اسان جي سنڌو نديءَ جو ڪئنواس وسيع، وشال ۽ گھڻ رنگي آهي. سنڌو نديءَ جيان سنڌو واس جو ڪئنواس به تبت کان سنڌ تائين ڦهليل آهي ۽ اهو ڪئنواس سنڌو نديءَ جي وهڪري  سان گڏوگڏ سنڌو نديءَ کي سيراب ڪندڙ سڀني آبشارن، پهاڙن ۽ ندين جي تهذيب کي سنڌو مها ساگر جي سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ کي به پنهنجي اندر سموئي ٿو. مهر ڳڙهه توڙي هنگلاج، کيرٿر توڙي بولان ، موهن جو دڙو توڙي هڙپا، ٽئڪسلا  توڙي سوات، گلگت توڙي بلتستان، ڪشمير توڙي لداخ ۽ تبت، گنڌارا، تبت جا درو ڪپا توڙي سنڌ جا دراوڙ سڀ سنڌو واسي تهذيبي خطي جي سنڌو واس جا خوبصورت گل آهن.

ايئن به ناهي ته رڳو سنڌو نديءَ ۽ ان کي سيراب ڪندڙ پاڻي تبت کان سنڌ تائين سفر ڪندو ٿو رهي پر جڏهن اسان تاريخ جي آئيني ۾ جھاتي ٿا پايون ته اسان کي پاڻيءَ سان گڏوگڏ هڪ شاندار تهذيب جو تلسلسل به نظر اچي ٿو جيڪا پنهنجي جوهر ۾ انتهائي پرامن، زندگي پرست ۽ حسن پرست آهي. البينيا ٻڌائي ٿي ته، “پکي به پنهنجي سفر لاءِ سنڌو نديءَ جي وهڪري کي رهنما سمجھن ٿا. هر سال 10 لک کان وڌيڪ پکي اوڀر آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ کان سنڌو نديءَ مٿان اُڏامندا سنڌ تائين پهچن ٿا. سنڌو نديءَ کي پکين جي اڏام جو دنيا جو چوٿون وڏو رستو قرار ڏنو وڃي ٿو. انڊس فلاءِ زون طور مشهور آهي. هتي پرڏيهي پکين کي مارڻ مناسب نٿو سمجھيو وڃي. سونامترنگ جيڪو درو ڪپا آهي سو چوي ٿو ته اسين هر سال انهن پکين کي ايندي ۽ ويندي ته ڏسندا رهون ٿا پر ڪڏهن به انهن کي مارڻ ۽ کائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هاڻي اوهين ئي ٻڌايو ته مهذب ڪير آهي؟ اها روايت سنڌ ۾ به رهي هئي ۽ اسان جي امڙ ته پنهنجي هر ويلي جو پهريون گرهه پکين لاءِ ڪڍندي هئي ۽ پوءِ پاڻ کائڻ شروع ڪندي هئي. اهڙي پيار ۽ ممتا ڀري رهي آهي اسان جي سنڌو تهذيب، ڌارين جي حملن، غلاميءَ جي ڊگھن سلسلن وقت جي وارن ڦيرن ۾ ان کي انيڪ ڀيرا لاها چاڙها آيا آهن ۽ اڄ ان جو چهرو ته ڇا روح به مسخ ٿي ويو آهي پر سدا وهندڙ سنڌو جھرڻي جيان سنڌ واسين جي ڪک اڄ به سائي آهي ۽ اها نيٺ سنڌو تهذيب کي نئين انسان دوست تهذيب کي جنم ڏيڻ  لاءِ پر ساهي رهي آهي. هي سڀ اسان جا ڏک درد نئين جنم جا سور آهن.

هاڻ ضرورت آهي  ويساهه گھاتين ۽ بي اعتمادي جي جهان مان نڪري خود اعتماديءَ سان، نيڪ نيتيءَ سان، کليل دل ۽ دماغ سان، عزت ۽ وقار سان، محبت ۽ رحمدليءَ سان، پاڻ ارپڻ ۽ سڀ کي پنهنجو ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ٿي نئين سفر جي شروعات ڪرڻ جي، اڳتي راهون وڻ پيا ڏسيندا. نيت صاف منزل آسان. نفرتن کي مِٽائي محبتن جو جهان اڏيو غلاميءَ جا سڀ زنجير ٽٽي ويندا. پراڻا پنڌ پيچرا اوهان کي رڻ ۾ رلائي ڇڏيندا. نين راهن نين منزلن جا نشانبر ٿيو. سنڌو کي پنهنجو رهنما بڻايو. سنڌو تهذيب کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو ۽ امن جا پيامبر بڻجي، اولهه ۽ اوڀر جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو. نه اولهه اوهان کي غلام رکي سگھندو نه اوڀر اوهان کي غلام بڻائي سگھندو پر اولهه توڙي اوڀر ۾ اسان آزاديءَ جا عملبردار بڻجي اڀرنداسين.