سعودي عرب ۾ لائسنس کان پوءِ آن لائن ڪاروبار تي پابندي

رياض : سعودي عرب ۾ لائسنس  کانسواءِ آن لائن ڪاروبار ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ڪنهن به سطح تي ٿيندڙ آن لائن ڪاروبار لاءِ لائسنس کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. جاري ڪيل بيان موجب 20 آڪٽوبر 2019ع  کان آن لائن ڪاروبار لاءِ نئين حڪمت عملي لاڳو ڪئي ويندي. وزارت چيو آهي ته سمورن دڪان مالڪن کي گهرجي ته اهي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزارت کان لائسنس حاصل ڪن.  وزارت موجب سوشل ميڊيا جي ڪنهن به طريقي کي استعمال ڪندي ڪنهن به سطح تي ڪاروبار ڪرڻ آن لائن واپار ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح آن لائن واپارين کي گهرجي ته اهي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائن.