سعودي عرب عمري ۽ زيارت جي اجازت ڏئي ڇڏي

رياض :- سعودي عرب 4 آڪٽوبر کان عمري ۽ زيارت جي اجازت ڏئي ڇڏي. سعودي گهرو وزارت موجب سعودي شهرين ۽ رهندڙ پرڏيهين کي عمري ۽ زيارت جي اجازت هوندي، جڏهن ته عمرو مرحلي وار بحال ڪيو ويندو. سعودي گهرو وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ شهرين ۽ ملڪ ۾ رهندڙ 6 هزار ماڻهن کي 4 آڪٽوبر کان عمري جي ادائيگي جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻيو مرحلو 18 آڪٽوبر ۽ ٽيون مرحلو پهرين نومبر کان شروع ٿيندو. چوٿين مرحلي ۾ عمري، زيارت ۽ نمازن جي 100 سيڪڙو اجازت هوندي ۽ اها اجازت ان وقت ڏني ويندي، جڏهن لاڳاپيل اختياريون وبا جا خطرا ختم ٿيڻ جو فيصلو ڪنديون