سعودي عرب جمال خاشقجي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ زهريلي شين ۽ ڪيميائي شين جي ماهرن کي استنبول ۾ موڪليوهيو ته جيئن اهي اتي موجود ثبوت مٽائي ڇڏين

استنبول(پرڏيهي ڊيسڪ) ترڪي جي هڪ اعليٰ سرڪاري اهلڪار انڪشاف ڪيوآهي ته سعودي عرب جمال خاشقجي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ زهريلي شين ۽ ڪيميائي شين جي ماهرن کي استنبول ۾  پنهنجي قونصليٽ ۾ موڪليوهيوته جيئن اهي اتي موجود ثبوت مٽائي ڇڏين،سعودي عرب تسليم ڪيوآهي ته صحافي جمال خاشقجي گذريل مهيني مارجي ويوهيو،جڏهن ته ان بابت ان جو موقف تبديل ٿيندو رهيوآهي،ترڪ تفتيش ڪارن جوخيال آهي ته جمال خاشقجي کي گهٽا ڏئي ڪري  مارجڻ کانپوءِان جي لاش جا ٽڪراٽڪراڪيا ويا انهي حوالي سان  ترڪي جي ٻن اعليٰ اهلڪار پاران بيان ترڪي جي اخبار صباح جي هڪ رپورٽ جي عڪاسي ڪري ٿو،جنهن موجب سعودي عرب مبينه طورتي ڪيميائي ماهر احمدعبدالعزيزالجنوبي ۽ ماهرسميات خالد يحيٰ الزهران کي هڪ وفد جوحصوبڻائي استنبول موڪليوهوته جيئن اهي ثبوت مٽائي سگهن،خاشقجي جي فوت ٿيڻ جي باري ۾ اهي رپورٽون ان ڏينهن سامهون آيون جڏهن هوجنيوا ۾ اقوام متحده جي انساني حقن واري پينل جي سامهون پيش ٿي رهيو،استنبول جي چيف پبلڪ پراسيڪيوٽرعرفان فدان،جيڪوان ڪيس جي تفتيش ڪري رهيو آهي،گذريل هفتي خيال ظاهرڪيوهئائين ته جمال خاشقجي کي عمارت ۾ داخل ٿيندي ئي گهٽا ڏئي ڪري مارجي ويوهيو۽ پوءِان لاءِجاٽڪراڪري ضيان ڪيا ويا،هن وقت تائين سعودي اختيارين ان قتل جي سلسلي ۾ 18 ماڻهن کي گرفتارڪيوآهي، ترڪي چاهي ٿوته انهن ماڻهن کي ان جي حوالي ڪيووڃي جڏهن ته سعودي عرب چيوآهي ته ان تي ملڪ جي اندرئي ڪيس هلايوويندو.