سعودي حڪومت رشوت وٺڻ ۽ سرڪاري عهدي جو ناجائز استعمال تي فوجي آفيسرن ۽ ججن سميت 298 سرڪاري عملدار گرفتار

جده : سعودي حڪومت رشوت وٺڻ ۽ سرڪاري عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ 300 کن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. جنهن ۾ سرڪاري عملدار، فوجي آفيسر ۽ سيڪيورتي آفيسر شامل آهن. سعودي عرب جي قومي اينٽي ڪرپشن واري ڪميشن نزاحا جو پڌرائي ۾ چوڻ آهي ته جاچ عملدار گرفتار ماڻهن خلاف الزام عدالت ۾ پيش ڪندا. نزاحا جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته رشوت وٺڻ، بدعنواني ڪرڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ 298 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن تي 37 ڪروڙ 90 لک ريال يا 10 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي ڪرپشن جو الزام آهي. گرفتار ٿيلن ۾ بچاءُ واري وزارت جي 8 آفيسرن سرڪاري ٺيڪن ۾ رشوت وٺڻ ۽ مني لانڊرنگ جا الزام آهن، گهرووزارت جا 29 آفيسر به گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ 3 ڪرنل، هڪ ميجر جنرل ۽ هڪ برگيڊيئر جنرل شامل آهي. رشوت وٺڻ تي ٻه جج، رياض جي المعرفا يونيورسٽي جا 9 عملدار به شامل آهن. اهي گرفتاريون سينئر شهزادن جي گرفتاري کانپوءِ ٿيون آهن جن لاءِ چيو پيو وڃي ته ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون ڪيون آهن.