سزا کان اڳ اگر استيعفا ڏيڻ ضروري آھي ته پوء عمران خان کي به استيفا ڏيڻ گھرجي.سردار شاھ

نيو سعيدآباد ( رپورٽ عبدالواحد عمراڻي ) ڀٽ شاھ ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي شيخ اياز يادگار ڪميٽي ـ ثقافت کاتي ـ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافي برادري طرفان سنڌ جي مھان ڪوي شاعر شيخ اياز جي 21 ھين ورسي ملھائي وئي . صوبائي وزير ثقافت سنڌ سردار شاھ ڀٽ شاھ ۾ شاعر اياز شيخ جي ورثي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھايندي ھن چيو ته احتساب ۽ انتقام ۾ فرق ٿيندو آهي ـ سردار شاھ وڌيڪ چيو ته اي سي ايل ۾ نالا صرف پ پ وارن جا ڇو عمران خان جي آسپاس رهڻ وارن جا به نالا ھجڻ گھرجن ـ ذلفي بخاري جو نالو به اي سي ايل ۾ ھجڻ گھرجي . سزا کان اڳ اگر استيفا ڏيڻ ضروري آھي ته پوء عمران خان کي به استيفا ڏيڻ گھرجي. مقدما ته انهن تي به آھن . وفاقي حڪومت کي پ پ جي مينڊيننٽ جو خيال رکڻ گھرجي.عمران خان جي ڀيڻ خلاف به مقدما درج ٿيڻ گھرجن. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جو ڇا قصورآ جو نالو اي سي ايل ۾ ڏنو ويو ـ 6 سالن جي ٻار تي به ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي ۽ انجو نالو به اي سي ايل ۾ ڏنو ويوآھي.