سرحدي رستا بند هجڻ باوجود گوارد بندرگاهه کان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي اجازت

اسلام آباد :- ڪورونا وائرس سبب ملڪ جا سمورا سرحدي رستا بند رکڻ باوجود وفاقي حڪومت گوادر بندرگاهه کان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي اجازت ڏئي ڇڏي.واپار واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گوادر بندرگاهه کان افغان ٽرانزٽ واپار جي اجازت هوندي، جنهن تحت گوادر ايندڙ بلڪ ڪارگو جو عالمي معيار يقيني بڻائيندي افغانستان روانو ڪيو ويندو.پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوادر کان افغانستان کي بلڪ ڪارگو جي اجازت پاڪ افغان گڏيل واپار چيمبر ۽ ٻين ڀائيوارن جي درخواست تي ڏني وئي آهي.ان ڏس ۾ واپار واري سيڪريٽري احمد نواز سکيرا جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ گوادر پورٽ تي وڏي سطح تي واپاري سرگرميون شروع ٿينديون پر گوادر بندرگاهه ذريعي افغان ٽرانزٽ جون ٽرڪون مڪمل طور تي سيل هونديون.هن ٻڌايو ته 10 مئي تي گوادر پورٽ تي 16 هزار ميٽرڪ ٽن درآمدي ڊي اي پي ڀاڻ جي کيپ ايندي، جڏهن ته مئي جي وچ تائين وڌيڪ درآمدي ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻي کيپ گوادر پورٽ ايندي.سندس موجب ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان لاءِ 50 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گوادر ايندي ۽ گوادر پورٽ تي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا.