سجاول جي ڪهيري پاڙي ۾ ناري کي پنهنجي ئي ڀائرن تشدد ڪري مٿو ڪوڙڻ بعد زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو

سجاول : سجاول جي ڪهيري پاڙي ۾ ناري پنهنجي ئي ڀائرن جي تشدد توڙي تزليل جو شڪار، ناري دودي ڪهيري کي ڀائرن مٿو ڪوڙڻ بعد زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو، ناري تي تشدد ۽ تذليل واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، ايس پي سهائي ٽالپر جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ناري کي بازياب ڪرائي ورتو، سول اسپتال ۾ طبي معائني بعد متاثر ناري کي سيف هائوس منتقل ڪيو ويو آهي