ساهيوال جي هڪ نوجوان کدڙي فقير سان نڪاح ڪري ورتو

ساهيوال:- ساهيوال جي هڪ نوجوان کدڙي فقير سان نڪاح ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ساهيوال جي ڏوراهين علائقي 130 نائن ايل ۾ مذڪوره واقعو پيش آيو جتي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان دوستن سان گڏ بيڊ تي ويٺل آهي جڏهن ته کدڙا فقير فرش تي جمع آهن.وڊيو ۾ نڪاح پڙهڻ جا منظر به نظر اچن ٿا. کدڙي فقير سان نڪاح ڪندڙ نوجوان جو نالو الطاف ۽ کدڙي فقير جو نالو ڪاشف عرف چڙيا آهي.نڪاح کان پوءِ کدڙي فقير جي گرو  جوڙي کي مٺائي کارائي ۽ اتي موجود ٻين ماڻهن کي به مٺائي کارائي وئي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪنهن به واقعي جي اسان کي ڪابه خبر ناهي.