سانا طرفان بدين جي هڪ هزار ڪٽنب ۾ راشن ورهايو ويو

نيويارڪ:- سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيندڙ بدين ضلعي جي ڏهاڙي ڪمائيندڙ هڪ هزار ڪٽنبن ۾ سيڌو (راشن) ورهايو ويو.سانا جي سهڪار فنڊ تحت شروعاتي طور تي گذريل ڏينهن بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچي، ڪڙيو گهنور، بدين، ڀڳڙا ميمڻ، ٽنڊو باگو، کوسڪي ۽ ڪڍڻ جي مستحق ڪٽنبن ۾ سيڌو سامان ورهايو ويو.سِيڌي جي ورهاست سينئر صحافي ذوالفقار واهوچو ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سومار کوسو جي نگراني ۾ بدين ضلعي جي متحرڪ رضاڪارن جن ۾ ٽنڊي باگي لاءِ سينئر صحافي خدا ڏني شاهه کي هڪ سئو گهرن جو سامان، گولاڙچي جي سينيئر صحافي محمد صالح نوحاڻي کي هڪ سئو، ڪڙيئي گهنور جي منو ننجار کي ٻه سئو، ڪڙيئي گهنور جي سرمد چانگ کي هڪ سئو، بدين ۽ ڀڳڙا ميمڻ لاءِ عطا چانڊيو کي ٻه سئو، ڪڍڻ لاءِ غفور چانڊيو کي هڪ سئو ۽ کوسڪي لاءِ خليل ڀرڳڙي کي ٻه سئو گهرن جو سامان حوالي ڪيو ويو.ورهايل سامان ۾ اٽو، چانور، دال، ڪوڪنگ آئل، کنڊ، چانهه جي پتي، لوڻ، مرچ ۽ ڊيٽول صابڻ شامل هئا.راشن ورهائڻ واري مهم جو ٻيون مرحلو اڄ کان شروع ٿيندو،جنهن ۾ رهيل 3000 ٽي هزار ڪٽنبن جو سامان روزاني جي بنياد تي بدين ضلعي جي 500 مستحق ڪٽنبن ۾ ورهايو ويندو.