سانا جي سنڌ آئلينڊ ڪاميٽي جو اجلاس: سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس جي خاتمي تائين جدوجهد جو اعلان

نيويارڪ : سانا جي سنڌ آئلينڊ ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر ذاڪر بُلو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ سانا صدر محمد علي مهر، جنرل سيڪريٽري خالد ميمڻ، پاسٽ پريزيڊنٽ ڪاميٽي جو چيئرمين سني پنهور، اڳوڻو صدر عزيز ناريجو، اڳوڻو صدر ڊاڪٽر وليد شيخ، ڊاڪٽر اعجاز تُرڪ، خالد هاشماڻي ۽ شهزاد چانڊيو شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاق جو سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي غير آئيني ۽ غير قانوني قبضو سنڌ جي صوبائي خودمختياري ۽ قومي حقن جي لتاڙ آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس سنڌ جي معاشي، سياسي، ثقافتي، جمهوري ۽ قومي حقن تي ڌاڙي جو تسلسل آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ سان ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته هو پاڪستان جي وفاق طرفان جاري ڪيل صدارتي آرديننس کي مڪمل طور رد ڪن ٿا. سنڌ ۾ هزارين سالن کان آباد سوين ڳوٺن کي ڊاهي بحريا ٽائون ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي سميت مختلف نالن سان رهائشي منصوبا جوڙڻ ۽ سنڌ جي سامونڊي پَٽي ۽ ٻيٽن تي قبضي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار وفاق سان ڳجها معاهدا ڪري سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. سنڌ حڪومت بنا دير سنڌ جي عوام کان معافي وٺي ۽ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ٻيٽن بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي مڪمل طور رد ڪيو وڃي. هن اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته 15 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٻيٽ بچايو تحريڪ جي نڪرندڙ ريلي ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي احتجاجن ۾ سانا جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر وليد شيخ ۽ سانا اڳواڻ ڊاڪٽر اعجاز تُرڪ جي اڳواڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ويندي. 17 آڪٽوبر کان آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ پاڪستاني قونصل خانن اڳيان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. جنهن موجب 17 آڪٽوبر تي نيويارڪ، 24 آڪٽوبر واشنگٽن ڊي سي، 31 آڪٽوبر ٽورنٽو، ڪينيڊا، 7 نومبر هيوسٽن، ٽيڪساس، 14 نومبر لاس اينجلس ۽ 21 نومبر تي شڪاگو ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا