سانا جو سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن تي قبضن واري معاملي بابت اعلي سطحي اجلاس

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو اعلي سطحي اجلاس محمد علي مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ عزيز ناريجو، سني پنهور، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، خالد هاشماڻي، خالد ميمڻ ۽ ذاڪر بُلو شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس ۽ سنڌ جي زمينن تي غير آئيني ۽ غير قانوني قبضن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
شروعات ۾ خالد هاشماڻي ۽ ذاڪر بلو واشنگٽن ڊي سي ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري بابت شريڪ ميمبرن کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
جنهن کانپوءِ جدوجهد جي مختلف رخن جن ۾ آن لائن پٽيشنز، آمريڪي ڪانگريس مين، سينيٽرز ۽ سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي خط لکڻ، احتجاجي مظاهرن، ڪراچي انڊجينئس الائنس ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن سان رابطن، سنڌ جي قانوني ماهرن سان مشاورت، آمريڪا ۽ سنڌ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ملاقاتن ۽ ان حوالي سان سنڌ ۾ هلندڙ جدوجهد ۾ شرڪت سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ سانا جي انفارمیشن سيڪريٽري ذاڪر بُلو کي اڪثريت راءِ سان ڪاميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو ۽ سانا جي سينيئر ميمبرن ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ۽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر وليد شيخ کي سنڌ ۾ قانوني ماهرن ۽ ساڃاهه وندن سان مشاورت جي ذميواري ڏني وئي. تحريڪ کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ هر هفتي باقاعدگي سان ڪاميٽي جو اجلاس سڏائڻ ۽ سانا جي نوجوان ميمبرن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ڪاميٽي ۾ شامل ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو ويو.

ذاڪر بُلو
انفارمیشن سيڪريٽري
سانا