ساريال جو فصل سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جا ڌڪ پچائي مارڪيٽ ۾ پھچي ويو

چوھڙجمالي :- شاھبندر تعلقي ۾ وڏي تعداد ۾ پوکيل سارين جي فصل پچي تيار ٿيڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ پھچي ويو آھي.مارچ اپريل ۾ پوکيل سارين جي فصل جي ٻيجاري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب وڏي مشڪل سان وڌي تيار ٿيڻ کانپوءِ جڏھن فصل تي پھتو تـ  وڏين مھا برساتن علائقي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل سارين جي فصل کي وڏو نقصان پھچايو آھي. برساتن سبب شاھبندر تعلقي جي مختلف علائقن جونگو جلباڻي،  لاڏيون،  ڇڇ جھان خان،  قادر ڏنو شاھ ، گونگاڻي،  جيئند زنگيجو،  باگاڻا، ٺوڙھي، جان محمد جت ۽ ٻين علائقن ۾ پوکيل سارين جي فصل کي برسات ڪافي نقصان پھچايو آھي جڏھن برساتي سبب سارين جي فصل کي وڏو نقصان پھچڻ کانپوءِ آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا آھن حڪومت پاران کين ڪوبـ رليف ناھي مليو ڍل آبيانو ۽ زرعي قرض بـ معاف ناھن ٿيا ـ برساتن کانپوءِ بچي ويل فصل جڏھن مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندو ويو آھي تـ اتي واپارين پاران ھڪ ھٺي قائم ڪري پنھنجي پاران سارين جو ھٿرادو اگ۔  مقرر ڪري ڇڏيو آھي . جڏھن تـ ان کان علاو ڪارخانن ۾ پھتل سارين جي فصل جي ڪانٽي جي 2 ڪلو ڪٽ  ۽ مڪسچر جو جواز ڄاڻائي وڏي ناجائز ڪٽوتي ڪئي پيئي وڃي . مارڪيٽ ۾ سارين جو 1200 کان 1400 تائين في مڻ مقرر ڪيو ويو آھي. ڳرا خرچا ڪري ساريون پوکيندڙ آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي آهن