ساحيل ڪوريجو, عمران جوکئي جي ڪا خبر ناھي سنڌ مان مسنگ پرسنس واپس ڪيا وڃن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ تعليم تباھ آھي، بيسڪ ھيلٿ يونٽ ۾ علاج ناھي. سنڌ جا ماڻھو بيمارين کان بچاءُ لاءِ پاڻي اٻاري پيئن ۽ ٻارن کي تعليم ڏيارين. رياست جا حڪمران وزيراعظم کان وٺي ايس ايڇ او تائين ماڻھن کي تحفظ ڏيڻ جا ذميوار آھن پر سي سي پي او لاھور چوي ٿو عورت اڪيلي ڇو ٻاھر نڪتي. ڪراچي ۾ معصوم ٻارڙي کي درندگي جو نشانو بنايو ويو. مغربي ملڪن ۾ لکين ماڻھن ۾ ڪو ھڪ ڪيس درندگي جو ٿيندو آھي تہ جوابدار ھڪدم انجام کي پھچايا ويندا ۽ اھي قانون جي پڪڙي ۾ اچي ويندا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ عورتون اسان جون مائون ۽ ڀيڻون ھن ملڪ جون برابر جون شھري آھن، انھن کي اڪيلو نڪرڻ ڏنو وڃي. عورت مرد کان بھتر آھي، اھا 9 مھينا ٻار پيٽ ۾ رکي ٿي، ٻار جنم ڏيڻ کانپوءِ گھر جا سمورا ڪم ڪري ٿي ۽ ٻار بہ پالي ٿي، انھي عورت کي بھتر نٿو سمجھيو وڃي تہ گھٽ ۾ گھٽ برابري جا حق ڏنا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ترقي يافتح ملڪن ۾ المناڪ واقعن تي حڪمران استعيفائون ڏئي ڇڏيندا آھن. اسان جي ملڪ جا حڪمران ايترا مھذب ھجن ھا تہ پنجاب جو وزيراعليَ يا وزيراعظم استعيفيَ ڏئي ڇڏي ھا يا جوابدار فوري طور گرفتار ڪيا وڃن ھا. اڳي قصور ۾ معصوم زينب جو واقعو ٿيو. سنڌ ۾ ساحيل ڪوريجو، فضيلا سرڪي گم آھن، عمران جوکئي جي ڪا خبر ناھي ڪٿي آھي. ننڍڙا ننڍڙا ٻار اغوا پيا ٿين، زيادتيون ۽ قتل پيا ٿين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان مسنگ پرسن واپس ڪيا وڃن. درجين ماڻھو گم آھن. انھن مسنگ پرسن کي پنھنجن پيارن تائين پھچايو وڃي. لا ۽ آرڊر جي تحت آرٽيڪل 4، 9، 14 ۽ 25 تحت انھن جي عزت نفس، وقار آھي، انھن جي خلاف ڪا شڪايت آھي تہ پوليس وٽ ايف آئي آر ڪٽرائي وڃي، ڪورٽ آڏو پيش ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نياڻين ۽ ٻارن سان لڄالٽ جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي پاڪستان ۾ پراسيڪيوشن جو محڪمو فيل آھي. پراسيڪيوشن کي بھتر بنايو وڃي. رول آف لا اسٽيبلش ڪيو. جيڪو ڏوھ ۾ ملوث ھجي، ان کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. ٺڳي وارو سماج نھ ھلندو، عورت کي برابر، انصاف ۽ بنيادي حق ڏنا وڃن. رڳو عورت جي ڪردار بابت بيھود ڳالھيون بند ڪيون وڃن، مرد جي ڪردار بابت ڳالھيون ڇو نٿيون ڪيون وڃن. انسانيت تي بدنما داغ جھڙا ماڻھو قبرستانن مان لاش ڪڍيو انھن سان زيادتيون ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا سياسي سماجي ڪارڪن قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي عورتن، اقليتن، ٻارن جي برابري ۽ حقن سميت سنڌ جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪن. سنڌ ۾ وڻن ۽ جانورن جو بہ تحفظ ڪيو وڃي.