creative writing minor auc creative writing exercises for grade 5 creative writing pie corbett creative writing workshop pune creative writing rainbow grade 11 english creative writing difference between creative writing and narrative christmas creative writing lesson san diego library homework help melbourne uni creative writing evacuation homework help sewanee mfa creative writing

سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي ارپنا ! سنڌ جو محسن: سائين جي ايم سيد : تحرير:ماجد حيدري

 سيد ۽ سنڌ حرف مڙئي هيڪڙو، جي ڪرين ٿو فرق ته سيد کي سنڌ چئو. ڀاڳوند آهي سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي جنهنجي زرخيز گود ۾ لڪي جي چشمن ويجهو بلاولي تحريڪ جي اهم رڪن، دريائي جنگ وسيلي جونپوري جا ٻيڙا ساڙائي ارغوني ڌاري يلغار کي ناڪام بڻائيندڙ حيدر شاه سنائي جي خاندان ۾ سندس ئي مقصد اڳيان وڌائيندڙ سيد غلام مرتضي شاه جنهن کي سنڌ جي عشق ۾ “سنڌ جو سائين سن جو سائين جي ايم سيد” ڪري سڏيو ٿي ويو جو جنم مبارڪ ١٧ جنوري ١٩۰٤ ۾ ٿيو. پاڻ اڃان ٻندڻن ۾ هي هئا ته سندس والد محترم کي خانداني جهيڙي ۾ قتل ڪيو ويو ۽ جنهن بعد سندس بنيادي تعليم جو بندوبست گهر ۾ ڪيو ويو.سائين جي ايم سيد برصغير جي پهرين شخصيت هوندي جنهن اعلي تعليم ڪنهن يونيورسٽي مان ناهي پرائي پر ان باوجود کيس سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي تي عبور حاصل هو. دنيا جو ادب، فلسفو,سياست ، تاريخ،شاعري ۽ معاشيات سندس پسندديده موضوع رهيا ۽ اهو سبب آهي ته پوري ڄمار ۾ وسيع مطالعي جي بنياد سنڌ کي ٦٥ کان مٿي ڪتاب ڏنا جيڪي انمول خزاني جي حيثيت رکن ٿا. اڄ پوري دنيا جنهن شدت پسندي جو شڪار آهي پاڻ چار ڏهاڪا اڳ زجيئن ڏٺو آهي مون” لکي ان کي نديو ۽ خاص طور سنڌ ۽ عام طور تي دنيا کي دليلن جي بنياد تي خبردار ڪيو، “پيغام لطيف” جهيڙو خوبصورت ڪتاب لکي قوم کي لطيف شناس ڪرايو ته لطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي جيڪو وطن پرستي ۽ انقلابي فڪر جو پرچارڪ آهي، “سنڌو جي ساڃاه” جهيڙو شاهڪار ڪتاب لکي عالمي فڪرن کي گڏائي جديد قومپرستي جي بنياد تي سنڌين کي جداگانه قومي تشخص جو احساس ڏياريو ۽ “سنڌ ڳالهائي ٿي” لکي انگن اکرن جي بنياد تي تاريخ جي روشني ۾ سنڌ جو مضبوط ڪيس دنيا آڏو رکيو. پاڻ ١٩١٩ کان ١٩٩٥ دوران خلافت مومينٽ کان وٺي ڪانگرس، مسلم ليگ، پروگريس مسلم ليگ، سنڌ پپلز پارٽي، بزم صوفيا سنڌ، سنڌ قومي اتعاد ۽ جيئي سنڌ محاذ تائين سياسي طور متحرڪ رهي سنڌ جي واهڻ وستي ۽ نگر نگر سنڌ کي سجاڳي ۽ ڪردار لاء ڪردار ادا ڪندا رهيا. ١٩٤٣ ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مسلم ليگ جي نمائندي جي حيثيت ۾ پاڪستان جي قراداد پيش ڪئي جيڪا قرداد شير بنگال مولوي اي ڪي فضل الحق پاران پيش ڪيل ١٩٤۰ جي قراداد لاهور جوئي عڪس آهي جنهن بنياد تي پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ رياستون آزاد ۽ خودمختيار رهنديون ۽ ان ۾ مضبوط مرڪز جي نفي ٿيل هئي پر تاريخ جي ستم ضريفي ڏسو ٻئي اهم شخصيتون شير بنگال مولوي اي ڪي فضل الحق ۽ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام بعد سياسي قيدي بڻيا. ١٩٤٦ ۾ مسلم ليگ جي اعلي قيادت سان اختلاف رکي مرڪز جي بيجا مداخلت خلاف احتجاجن الڳ جماعت جوڙايائون ۽ سائين جي ايم سيد کي ڌانڌالي ڪري کين اليڪشن ۾ هاريو ويوجيڪو پاڪستان ٺھڻ بعد پڻ ثابت ٿيو.ان وقت جي مرڪز جي بيجا مداخلت کي اگر موجوده وقت جي اک سان ڏسجي ته سو سيڪڙو سنڌ ۽ اسلام آباد وچ ۾ خراب ٿيل معاملا چٽو سائين جي ايم سيد جي صداقت کي ظاهر ڪن ٿا سو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي نئين مملڪت جي بنيادي روح ۽ اصل واعدن تي لت رکي غير فطري عمارت جو بنياد وڌو ويو جنهن جو نتيجو دنيا ١٩٧١ ۾ بنگلاديش جي صورت ۾ ڏسي چڪي جنهن کي قرداد مقاصد،ون يونٽ، فوجي آمريت ۽ مارشلا به روڪي نه سگهيا. ١٩٧٣ ۾ پنهنجي طويل سياسي زندگي جي تجربي جي آڌار تي سنڌ کي آجپي جو سڏ ڏنو ۽ پوري ڄمار ان سڏ جو پڙاڏو بڻجي گونجندا رهيا ۽ انهي عشق جي پاداش جيڪي به سختيون سندس حصي ۾ آيون انهي تي کيس فخر رهيو ۽ اقرار جرم ۾ تاريخي ڪتاب “عدالت نامو” لکيائون.تاريخ ۾ ملي ٿو ته هميشه عيد وانگي تيار ٿي ويهندا هئا ته عدالت ۾ سندس خلاف لڳل تعزيرن تي کيس گهرائي ٻڌو ويندو پر عدالت سڳوري جي ججن ۾ ڪڏهن ايتري اخلاقي جرئت نه هئي جو کين ٻڌي سگهن نيٺ پاڻ سنڌ جو ڪيس ڪتابن وسيلي سنڌي قوم آڏو رکيائون. سائين جي ايم سيد روايت شڪن شخصيت رهيا آهن نه ته پيراڻي گاديون هميشه ڪمائي جو ذريعو رهيا پر پاڻ ڪارڪن کي چوندا هئا نه مان اوهان جو مرشد نه اوهان منهنجا مريد آيوپر اوهان سڀ آزاد آھيواسان سڀ پاڻ برابر آهيو.نياڻين جي تعليم جي حوالي سان کين ايترو اونو هوندو جو پنهنجي نياڻي بيبي درشهوار کي اعلي تعليم لاء پرڏيه به موڪليائون جيڪا سندس ڪميونٽي جي پهرين اعلي تعليم يافتا نياڻي هئي جنهن شاه عبدالطيف ڀٽائي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگردي حاصل ڪئي ۽ عورتن جي سجاڳي لاء ڪافي ڪم ڪيو. حسن مجتبي لکيو آهي ته برصغير جو پهريون صوفي رهنما سائين جي ايم سيد آهي جنهن جا اڪثر پيروڪار نوجوان آهن. هر سال سندس گهڻ پاسائي شخصيت جا مختلف رنگ دنيا آڏو نروار پيا ٿين، شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته سن کان سڊني ، نئون ديرو کان نيويارڪ تائين هن محسن شخصيت کي سندس علمي ، ادبي ، سياسي ۽ سماجي پورهيي کي ياد ڪندي لکين ماڻهو خراج پيش ڪن ٿا ۽ سنڌ سان تجديد عهد وفا جو وچن ورجهائين ٿا ته اي منهنجي تخيل جا مهجبين ، اي ڀٽائي و اياز جي انساني مورت تنهنجي ڪردار کي مشل راه بڻائي پورو سال صالح بڻجي پيغام سنڌ کي سچائي ۽ خلوص سان پهچائينداسين جيئن سنڌ ڌرتي جو فرض ۽ قرض ادا ٿي سگهي.